Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
شڪارپور ۾ شهيد ٿيندڙ 28 هن شهيدن جي گڏيل جنازي نماز لکي در شڪارپور ۾ ادا ڪئي وئي.
متحده قومي موومينٽ جي وفد جناب الطاف حسين جي هدايت تي شڪارپور امام بارگاھ ۾ شهيد ٿيندڙ 28 هن شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم وفد ۾ سنڌ اسيمبلي جو حق پرست ميمبر،مختلف زونن جا انچارج، ميمبر ۽ ڪارڪن شامل هئا. 
Read More    Posted on: 31 Jan 2015
سانحه شڪارپور جي شهيدن ۽ زخمين جي گهر وارن کي يقين ڏياريون ٿا ته ايم ڪيو ايم انهن سان گڏ آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان انچارج قمر منصور.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سانحه شڪارپور جي متاثرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ سانحه شڪارپور جي شهيدن جي لاءِ ٿيندڙ قرآن خواني کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو.
Read More    Posted on: 31 Jan 2015
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه شڪارپور تي سڄي ملڪ ۾ يوم سوگ ملهايو ويو ،ڪارا جهنڊا لهرايا ويا ۽ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني به ڪئي وئي.
 متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه شڪارپور تي سڄي ملڪ ۾ يوم سوگ ملهايو ويو ،ڪارا جهنڊا لهرايا ويا ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون ويون، جڏهن ته شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ فاتحه خواني ۽ قرآن خواني به ڪئي وئي.ان سلسلي جو مرڪزي پروگرام نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ رابطا ڪميٽي پاڪستان انچارج قمر منصور، رابطا ڪميٽي لنڊن انچارج ارشد حسين، رابطا ڪميٽي ميمبرن، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن،ذميوارن ۽ ڪارڪنن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

Read More    Posted on: 31 Jan 2015
سانحه شڪارپور وڏو دردناڪ سانحو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر گلفراز خان خٽڪ ۽ ايم ڪيو ايم پنجاب جي صدر ميان عتيق آغا خان اسپتال جو هنگامي دورو ڪيو، جتي انهن شڪارپور بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي گلفراز خان خٽڪ چيو ته سانحه شڪارپور هڪ دردناڪ سانحو آهي 
Read More    Posted on: 31 Jan 2015
منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان کان فرسوده ۽ جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ٿئي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ٿئي ۽ اهڙو منصفانه نظام قائم ٿئي جتي زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکڻ وارن شهرين کي بغير ڪنهن فرق جي حق حاصل ٿين. 
Read More    Posted on: 31 Jan 2015
الطاف حسين يونيورسٽي صرف اردو ڳالهائڻ وارن جي لاءِ نه پر هر زبان ڳالهائڻ ۽ هر مذهب سان تعلق رکڻ وارن جي لاءِ هوندي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته الطاف حسين يونيورسٽي صرف اردو ڳالهائڻ وارن جي لاءِ نه پر هر زبان ڳالهائڻ ۽ هر مذهب سان تعلق رکڻ وارن جي لاءِ هوندي.حيدرآباد جو هر شهري ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به زبان يا قوم سان ڇو نه هجي اهو ميرٽ جي بنياد تي داخلا وٺي سگهي ٿو.علم انسانيت جي معراج ۽ قومن جي ترقي  جي چاٻي آهي
Read More    Posted on: 30 Jan 2015
شڪار پور ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪو حيوانيت جي بدترين مثال آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين شڪارپور امام بارگاھ ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڌماڪي جي نتيجي ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 30 Jan 2015
اسان سانحه شڪارپور تي مختلف تنظيمن جي طرفان ڇنڇر تي يوم سوگ جي حمايت ڪريون ٿا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سانحه شڪارپور تي مختلف تنظيمن جي طرفان ڇنڇر تي يوم سوگ ملهائڻ جي اعلان جي حمايت ڪئي آهي ۽ سڄي پاڪستان ۾ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي سانحه شڪارپور جي سوگ ۾ پنهنجين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌن ۽ ڪارا جهنڊا لهرائين.
Read More    Posted on: 30 Jan 2015
خدا جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين کي پاڪستان جو سڄڻ سمجهو ۽ ملڪ دشمن نه سمجهو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪ فوج  جي بالا آفيسرن جي حڪام کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي ته خدا جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين کي پاڪستان جو سڄڻ سمجهو ۽ ملڪ دشمن نه سمجهو، خدا جي لاءِ ملڪ جي سلامتي ۽ بقا جي خاطر فوجي ادارن کي متعصب عناصر کان پاڪ ڪيو وڃي. 
Read More    Posted on: 29 Jan 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ڪارڪنن جي تمام گهڻي اصرار ۽ درخواست تي تحريڪ جي قيادت کان دستبرداري جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين نائن زيرو ۽ حيدرآباد ۾ جمع ٿيندڙ ڪارڪنن جي تمام گهڻي اصرار ۽ درخواست تي تحريڪ جي قيادت کان دستبرداري جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو. 
Read More    Posted on: 29 Jan 2015
سڄي ملڪ ۾ سڀني کان پهرين بلوچستان ۾ مڪاني اليڪشن ڪرائڻ تي بلوچستان جي وزير اعلٰي ڊاڪٽر عبدالمالڪ ۽ بلوچستان حڪومت جو سٺو قدم آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سڄي ملڪ ۾ سڀني کان پهرين بلوچستان ۾ مڪاني اليڪشن ڪرائڻ تي بلوچستان جي وزير اعلٰي ڊاڪٽر عبدالمالڪ ۽ بلوچستان جي حڪومت جي ان قدم کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي. 
Read More    Posted on: 29 Jan 2015
ايم ڪيو ايم جي طرفان واپارين ۽ صنعتڪارن جي ڪائي به فهرست تيار نه پئي ڪئي وڃي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي معاشي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪرڻ وارن واپارين ۽ صنعتڪارن جو دل سان احترام ڪري ٿي ۽ ان جي طرفان واپارين ۽ صنعتڪارن جي ڪائي به فهرست تيار نه پئي ڪئي وڃي.
Read More    Posted on: 29 Jan 2015
ايم ڪيو ايم جي ماورائي عدالت قتل ڪيل يونٽ انچارج سهيل احمد شهيد جي تدفين سوسائٽي قبرستان ۾ ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.
متحده قومي موومينٽ جي يونٽ  64 سوسائٽي جي انچارج  سهيل احمد شهيد جي جنازي نماز انهن جي گهر جي ويجهو روڊ تي ادا ڪئي وئي ۽ انهن کي سوسائٽي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي انچارج قمر منصور، حيدر عباس رضوي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عارف خان ايڊووڪيٽ، غازي صلاح الدين، ڪهف الورٰي، اسلم آفريدي ۽ ٻين کان علاوه شهيد جي مٽن ۽ ڪارڪنن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 29 Jan 2015
مان ايم ڪيو ايم جي 36 هن شهيد ڪارڪنن جو قاتل وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کي سمجهان ٿو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مان سهيل احمد شهيد سميت ايم ڪيو ايم جي 36 هن شهيد ڪارڪنن جو قاتل وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کي سمجهان ٿو. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته سهيل احمد شهيد کي سرڪاري اهلڪارن گرفتار ڪيو هو،


              متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مان سهيل احمد شهيد سميت ايم ڪيو ايم جي 36 هن شهيد ڪارڪنن جو قاتل وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کي سمجهان ٿو. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته سهيل احمد شهيد کي سرڪاري اهلڪارن گرفتار ڪيو هو، 
Read More    Posted on: 29 Jan 2015
خيبرپختونخواھ ۾ عورتن ۽ استادن کي ٽريننگ ڏيڻ جي اقدام جو جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خير مقدم.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين خيبرپختونخواھ ۾ عورتن ۽ استادن کي ٽريننگ ڏيڻ جي اقدام جو زبردست خيرمقدم ڪيو آهي ۽ ٽريننگ جي عمل کي دهشت گردي جي خلاف جاري جنگ کي کٽڻ جي لاءِ اهم قرار ڏنو آهي.
Read More    Posted on: 28 Jan 2015