ايم ڪيو ايم جا رهنما ۽ چونڊيل نمائندا سانحه لاهور ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان تعزيت جي لاءِ چرچن ۾ ٿيندڙ دعائيه ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿين ۽ مسيحي برادري سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 15 مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سانحه لاهور ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان تعزيت جي لاءِ ملڪ جي مختلف چرچن ۾ ٿيندڙ دعائيه اجتماعن ۾ شريڪ ٿين ۽ مسيحي برادري سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن. انهن ايم ڪيو ايم جي سمورن رهنمائن ۽ چونڊيل نمائندن کي چيو ته اهي هلاڪ ٿيندڙن جي پونئرن سان تعزيت ڪرڻ سان گڏو گڏ زخمين جي عيادت به ڪن ۽ مسيحي رهنمائن سان ملاقات ڪري انهن کي يقين ڏيارين ته ايم ڪيو ايم مسيحي برادري سميت ملڪ جي سموري اقليتي برادري سان گڏ آهي ۽ انهن سان ٿيندڙ تمام زيادتين جي هر سطح تي مذمت ڪري ٿي.