Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سابق صدر آصف علي زرداري جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.


سابق صدر آصف علي زرداري جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
 Posted on: 3/17/2015
سابق صدر آصف علي زرداري جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
انهن ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ شموليت جي حوالي سان ٿيندڙ فيصلن جي تفصيل کان به آگاھ ڪيو.
ايم ڪيو ايم عوام جي بنيادي حقن جي حصول جي لاءِ پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکندي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 17 مارچ 2015 
            سابق صدر آصف علي زرداري ايم ڪيو ايم انٽرنيشل سيڪريٽريٽ لنڊن فون ڪري ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪئي. ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالھ ٻولھ ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال، ايم ڪيو ايم ۽ پي پي جي وچ ۾ ورڪنگ رليشن شپ ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي .جناب آصف علي زرداري چيو ته پي پي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ جي عوام جي چونڊيل جماعتون آهن ۽ ٻئي جماعتون گڏجي ڪري ملڪ، صوبي جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ جدوجهد ڪنديون رهنديون. انهن جناب الطاف حسين کي پي پي جي ميمبرن جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ شموليت جي حوالي سان ٿيندڙ فيصلن جي تفصيل کان به آگاھ ڪيو. جنهن کي جناب الطاف حسين تمام سٺو قرار ڏنو. ٻنهي رهنمائن اتفاق ڪيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي پي جي وچ ۾ مفاهمت ۽ بهتر ورڪنگ رليشن شپ ملڪ خصوصن سنڌ جي لاءِ تمام سٺي آهي. جناب الطاف حسين ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم عوام جي بنيادي حقن جي حصول جي لاءِ پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکندي. ٻنهي رهنمائن سانحه يوحانا آباد لاهور تي به پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان دردناڪ سانحي ۾ هلاڪ ٿيندڙ مسيحي پاڪستانين جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو. ٻنهي رهنمائن هڪ ٻئي جي خيريت پڇي ۽ مستقبل ۾ به پاڻ ۾ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

7/17/2024 12:47:07 PM