Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
عمران خان کي ايم ڪيو ايم فوبيا ٿي ويو آهي، تحريڪ انصاف کي اهڙي شخص کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺڻ گهرجي جيڪو ذهني مريض آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان جي طرفان ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي ايم ڪيو ايم فوبيا ٿي ويو آهي ۽ تحريڪ انصاف کي اهڙي شخص کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺڻ گهرجي، جيڪو ذهني مريض آهي.
Read More    Posted on: 12 Mar 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ۽ سابق صدر آصف علي زرداري جي وچ ۾ فون تي ڳالھ ٻولھ .
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ۽ سابق صدر آصف علي زرداري جي وچ ۾ فون تي ڳالھ ٻولھ ٿي. ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ سياسي صورتحال ۽ گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رينجر جي چاپي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٽ ٿي.
Read More    Posted on: 12 Mar 2015
مان قانون پسند آهيان، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني چاهيان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مان قانون پسند آهيان، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني چاهيان ٿو، انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جمهوريت پسند ۽ امن پسند جماعت آهي، ايم ڪيو ايم ۾ دهشت گردن، ڏوهارين ۽ سماج دشمن ماڻهن جي لاءِ زيرو ٽوليرنس آهي ۽ منهنجي گهر نائن زيرو ۽ تنظيم ۾ اهڙن ماڻهن جي لاءِ ڪائي به گنجائش نه آهي.
Read More    Posted on: 12 Mar 2015
نائن زيرو ڪوئي نوگو ايريا نه آهي ۽ ان باري ۾ ڊي جي رينجر جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته نائن زيرو ڪوئي نوگو ايريا نه آهي ۽ ان باري ۾ ڊي جي رينجر جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي.
Read More    Posted on: 12 Mar 2015
جيڪڏهن نائن زيرو تي ڇاپو ڏوهارين کي پڪڙڻ جي لاءِ هنيو ويو ته پوءِ منهنجي وڏي ڀيڻ سائره اسلم جي گهر تي ڇاپو ڇو هنيو ويو؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.

           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جيڪڏهن نائن زيرو تي ڇاپو ڏوهاري ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ هنيو ويو هو ته پوءِ منهنجي وڏي ڀيڻ سائره اسلم جي گهر تي ڇاپو ڇو هنيو ويو؟ 19 جون 1992 کان وٺي هن مهل تائين نائن زيرو تي سو کان وڌيڪ ڇاپا هنيا ويا آهن.
Read More    Posted on: 11 Mar 2015
سينيٽر رحمٰن ملڪ جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
پي پي جي رهنما سينيٽر رحمٰن ملڪ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ نائن زيرو، انهن جي ڀيڻ سائره اسلم جي گهر ۽ نائن زيرو جي مختلف شعبن  تي چاپن ، ٽوڙ ڦوڙ ۽ عورتن جي توهين ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي.
Read More    Posted on: 11 Mar 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي رهائشگاھ نائن زيرو تي رينجر جو چاپو ۽ ٽوڙ ڦوڙ.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي نائن زيرو تي رينجر جي وحشياڻي چاپي ۽ ايم ڪيو ايم جي مرڪزي رهنمائن عامر خان، عبدالحسيب، ڊاڪٽر سليم دانش، ارشد حسين، ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ريحان ظفر سميت ڪجھ چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن جي غيرقانوني ۽ غير آئيني گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي،رينجر جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائشگاھ نائن زيرو تي مختلف شعبن ۾ تلاشي جي دوران نقاب پهريل سرڪاري اهلڪارن سامان جي ٽوڙ ڦوڙ ڪئي.
Read More    Posted on: 11 Mar 2015
جناب الطاف حسين جي رهائشگاھ نائن زيرو تي رينجر جي چاپي جي دوران رينجر جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي نوجوان ڪارڪن سيد وقاص علي شاھ جي جنازي نماز 12 مارچ بروز خميس 30؛1 وڳي نائن زيرو تي جناح گرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويندي.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي رهائشگاھ نائن زيرو تي رينجر جي چاپي جي دوران رينجر جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر سيد وقاص علي شاھ جي جنازي نماز 12 مارچ بروز خميس تي نائن زيرو تي جناح گرائونڊ ۾ 30؛1 وڳي ادا ڪئي ويندي . جڏهن ته شهيد کي ياسين آباد شهداء قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.
Read More    Posted on: 11 Mar 2015
سابق صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
          سابق صدر آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ٿي. جناب الطاف حسين جناب آصف علي زرداري کي پنهنجي رهائشگاھ نائن زيرو ۽ مختلف شعبن ۽ پنهنجي ڀيڻ جي گهر تي چاپي ، ٽوڙ ڦوڙ، ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، ڪارڪنن ۽ رينجر جي فائرنگ سان نوجوان ڪارڪن وقاص شاھ جي شهادت جي واقعي جي تفصيلات کان آگاھ ڪيو. 
Read More    Posted on: 11 Mar 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف يونٽن جي 6 ڪارڪنن کي تنظيمي نظم و ضبط جي خلاف ورزي تي ايم ڪيو ايم جي بنيادي رڪنيت کان خارج ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم جو اعلان.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي يونٽ 162 ايلڊر ونگ لياقت آباد سيڪٽر جي ڪارڪن شير محمد، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 79 جي ڪارڪن مهر عالم، يونٽ 90 لانڍي سيڪٽر جي ڪارڪن سليم جهانگير ، يونٽ 33  اسڪيم سيڪٽر جي ڪارڪن عون علي ، لائينز ايريا سيڪٽر يونٽ 196 جي ڪارڪن مهتاب احمد ۽ لائينز ايريا سيڪٽر يونٽ 53 جي ڪارڪن فيصل کي تنظيمي نظم و ضبط جي خلاف ورزين تي ۽ غير تنظيمي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي تنظيم جي بنيادي رڪنيت کان خارج ڪري ڇڏيو آهي.
Read More    Posted on: 10 Mar 2015
ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن مزمل قريشي ۽ فيصل سبز واري ابوالحسن اصفهاني روڊ تي صفائي ۽ وڻ پوکڻ جي مهم ۾ شرڪت ڪئي.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي سڄي شهر ۾ وڻ پوکڻ جي مهم جي سلسلي ۾ اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن مزمل قريشي ۽ فيصل سبز واري ابوالحسن اصفهاني روڊ جي علائقي ۾ صفائي مهم ۾ حصو ورتو ۽ وڻ پوکڻ جي مهم جو آغاز ڪيو.
Read More    Posted on: 10 Mar 2015
جيڪڏهن پي پي ۽ مسلم ليگ ن ايم ڪيو ايم جي مطالبن تي عمل درآمد ڪرڻ جي سو سيڪڙو خاطري نه ٿيون ڪرائين ته مذاڪراتي ڪميٽي
           ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي ميمبرن خصوصن سينيٽ جي اليڪشن جي سلسلي ۾ تشڪيل ڏنل ڪميٽي جي ميمبرن کي مخاطب ڪندي انهن کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن پي پي ۽ مسلم ليگ ن ايم ڪيو ايم جي پيش ڪيل مطالبن تي عملدرآمد ڪرڻ جي سو سيڪڙو خاطري نه ٿيون ڪرائين ته مان رابطا ڪميٽي ۽ مذاڪراتي ڪميٽي کي اختيار ڏيان ٿو ته اها سينيٽ جي اليڪشن ۾ ايبسٽين ڪرڻ جو فيصلو به ڪري سگهي ٿي.
Read More    Posted on: 10 Mar 2015
پاڪستان مسلم ليگ ن جي رهنما خواجه سعد رفيق جي ايم ڪيو ايم جي مذاڪراتي ٽيم سان ٻيهر ملاقات.
پاڪستان مسلم ليگ ن جي رهنما ۽ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق رات اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي مذاڪراتي ڪميٽي سان انهن جي رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم جي طرفان سينيٽ جي اليڪشن ۾ پي پي ۽ ٻين اپوزيشن جماعتن جي گڏيل اميدوار جي ممڪنه حمايت جي فيصلي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
Read More    Posted on: 10 Mar 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان وزير اعظم ميان نواز شريف جي جرتمنداڻه فيصلي جو خير مقدم.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف جي طرفان سينيٽ جي چيئرمين جي لاءِ نامزد اميدوار  رضا رباني جي حمايت جي فيصلي کي خوش آئند، حڪمت وارو ۽ جرتمنداڻه فيصلو قرار ڏيندي ان فيصلي جو زبردست خير مقدم ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 10 Mar 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي سابق صدر آصف علي زرداري سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سابق صدر آصف علي زرداري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ چيئرمين سينيٽ جي لاءِ اپوزيشن جماعتن جي اميدوار رضا رباني جي يقيني ڪاميابي تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي. 
Read More    Posted on: 10 Mar 2015