Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
رڪاوٽون هٽائڻ جي الٽيميٽم جو مدو پورو ٿيڻ جي باوجود رينجر نه ته رڪاوٽن کي ختم ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن سياسي جماعت جي آفيس تي ڇاپو هنيو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي لنڊن جي ميمبرن جو بيان.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لنڊن جي ميمبرن پنهنجي هڪ بيان ۾ قوم جي هڪ هڪ ماڻهو کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته جنهن انداز ۾ سنڌ ۾ رينجر جي آفيسرن ۽ جوانن غريبن جي واحد نمائنده  جماعت ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي گهر تي ڇاپو هنيو هو ۽ ڏيڍھ سو جي لڳ ڀڳ پاڙي وارن ۽ نائن زيرو جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو هو.
Read More    Posted on: 24 Mar 2015
نوجوان ئي پاڪستان جو مستقبل آهن جيڪي ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نوان رستا کولي سگهن ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته نوجوان ئي پاڪستان جو مستقبل آهن جيڪي ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيون راهون کولي سگهن ٿا. ان جي ڪري اڄ جي نوجوانن تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي.
Read More    Posted on: 23 Mar 2015
برطانيه ۾ ايم ڪيو ايم جو وٿ ونگ قائم ڪيو ويو آهي.
متحده قومي موومينٽ جي تحت برطانيه ۾ ايم ڪيو ايم جو يوٿ ونگ قائم ڪيو ويو آهي. يوٿ ونگ جو قيام ايم ڪيو ايم برطانيه جي مرڪزي آفيس ۾ ٿيندڙ هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو. جنهن ۾ برطانيه جي مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. 
Read More    Posted on: 23 Mar 2015
ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ پرامن ۽ آزاد خيال معاشري جي خواهشمند آهي جتي سڀ هڪ ٻئي جو احترام ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين يوم پاڪستان جي موقعي تي سمورن پاڪستانين کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ پاڪستان کي مختلف طرفن کان اندرين ۽ ٻاهرين خطرن جو سامنو آهي.
Read More    Posted on: 23 Mar 2015
ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل ( سي اِي سي) جي ٻيهر تشڪيل ڪئي وئي آهي.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اعلان ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي سابقه سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل کي وڌيڪ فعال ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ ان کي ٻيهر تشڪيل ڏنو ويو آهي ۽ رابطا ڪميٽي پاڻ ۾ مشورو ڪري سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل( سي اِي سي) ۾ نون ميمبرن کي  شامل ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 22 Mar 2015
محبان پاڪستان ۽ مڊل ايسٽ اووسيز جي تمام يونٽن جا ذميوار ٽن ڏينهن جي اندر اندر پنهنجا نالا، يونٽ، ايڊريس ۽ رابطي نمبرن جون تفصيل ايم ڪيو ايم لنڊن فيڪس ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين محبان پاڪستان مڊل ايسٽ اوورسيز جي تمام يونٽن جي ذميوارن کي اپيل ڪئي آهي 
Read More    Posted on: 22 Mar 2015
قائد اعظم محمد علي جناح جي خواب جي مطابق پاڪستان ۾ جمهوري ۽ لبرل معاشرو قائم ڪرڻ گهرون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان پاڪستان کان فرسوده جاگيردارانه نظام ۽ ڪرپٽ پوليٽيڪل ڪلچر جو خاتمو چاهيون ٿا ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي خواب جي مطابق پاڪستان ۾ جمهوري ۽ لبرل معاشرو قائم ڪرڻ گهرون ٿا ۽ اسان پاڪستان ۾ اهڙو منصفانه نظام قائم ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن جي تحت ملڪ ۾ وسندڙ تمام شهري برابر هجن ۽ سڀني کي رنگ و نسل، زبان، جنس ، قوميت، مسلڪ، فقه ۽ مذهب جي امتياز کان سواءِ برابر جا حق حاصل هجن.
Read More    Posted on: 21 Mar 2015
ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ رينجر جي اهلڪارن تي خودڪش حملو قابل مذمت آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ خودڪش بم ڌماڪي جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڌماڪي ۾ ٻن رينجر اهلڪارن جي شهادت ۽  ٻين اهلڪارن ۽ رستي ويندڙ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 20 Mar 2015
آرام باغ ۾ بوهري برادري جي برهاني مسجد جي ٻاهران بم ڌماڪي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي علائقي آرام باغ ۾ بوهري برادري جي برهاني مسجد جي ٻاهران بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ بم ڌماڪي ۾ ٻن ماڻهن جي هلاڪ ۽ ڪجھ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 20 Mar 2015
رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدرعباس رضوي ، قمر منصور، سنڌ اسيمبلي ميمبر رئوف صديقي ۽ سابق سينيٽر بابر غوري جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ قابل مذمت آهي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪجھ ٽي وي چينلن تي نشر ٿيندڙ خبرن جي مطابق ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدرعباس رضوي ۽ قمر منصور، سنڌ اسيمبلي ميمبر رئوف صديقي ۽ سابق سينيٽر بابر غوري جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان قدم کي ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري انتقامي ڪاروائين جو تسلسل قرار ڏنو آهي. 
Read More    Posted on: 20 Mar 2015
ناگزير سببن جي ڪري 23 مارچ تي ٿيندڙ قومي يڪجهتي ريلي ڪجھ وقت جي لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي. ايم ڪيو ايم ترجمان.
           متحده قومي موومينٽ جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ عوام، سمورن ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي آگاھ ڪيو آهي ته ناگزير سببن جي ڪري 23 مارچ تي ڊفينس ڪلفٽن ۾ ٿيندڙ قومي يڪجهتي ريلي ڪجھ وقت جي لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي. ترجمان چيو آهي ته ان يڪجهتي مارچ ريلي جي نئين تاريخ جو تعين ٿيندي ئي ميڊيا جي ذريعي عوام کي آگاھ ڪيو ويندو.
Read More    Posted on: 20 Mar 2015
سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم نيو ڪراچي سيڪٽر جي انچارج علي رضا ولد شميم رضا جي گلستان جوهر مان عارضي
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم نيوڪراچي جي  سيڪٽر انچارج علي رضا ولد شميم رضا جي گلستان جوهر مان عارضي رهائشگاھ کان غير قانوني ڇاپي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ڇاپا ۽ گرفتاريون ۽ ڪوڙن مقدمن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي ملوث ڪري اسان جا حوصلا ڪمزور ڪري نه ٿا سگهجن ۽ نه ئي حق پرستي جي جدوجهد کان باز رکي سگهجي ٿو. 
Read More    Posted on: 19 Mar 2015
ايم ڪيو ايم صولت مرزٰي جي وڊيو بيان ۾ لڳايل الزامن کي بلڪل رڌ ڪري ٿي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته صولت مرزٰي کان ڊيٿ سيل کان جيڪو وڊيو بيان ريڪارڊ ڪرايو ويو آهي، ايم ڪيو ايم ان ۾ لڳايل سمورن الزامن کي بلڪل رڌ ڪري ٿي ۽ ان کي ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري مڪروھ ميڊيا ٽرائل جو حصو قرار ڏيئي ٿي.
Read More    Posted on: 19 Mar 2015
جناب الطاف حسين جيڪو چوندا اهو قانون ، جتي هلندا اهو رستو ۽ جتي رڪجندا اها اسان جي منزل هوندي.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته جناب الطاف حسين جيڪو چوندا اهو قانون، جتي هلندا اهو رستو ۽ جتي رڪجندا اها اسان جي منزل هوندي، اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم جي 31  هين يوم تاسيس کي خطاب ڪندي ڪئي.
Read More    Posted on: 18 Mar 2015
ڪليم کي ڪلفٽن گلف شاپنگ مال ۾ انهن جي ٽيلرنگ جي دڪان تان 25 فيبروري تي گرفتار ڪيو ويو هو. ايم ڪيو ايم ترجمان.
متحده قومي موومينٽ جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته رينجر جي طرفان اڄ تين تلوار تان سرچ آپريشن ڪري ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن عبدالڪليم کي گرفتار ڪرڻ جو دعوٰي ڪيو آهي 
Read More    Posted on: 18 Mar 2015