ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستاني ٽيم جي ڪاميابي تي ٽيم ۽ پوري قوم کي مبارڪباد پيش.
لنڊن؛ 15 مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي شاندار ڪاميابي تي ٽيم جي سمورن رانڌيگرن، آفيشلز ۽ پوري قوم کي زبردست مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ جي هن اهم ميچ ۾ رانڌيگرن تمام سٺي رانڌ جو مظاهرو ڪيو آهي جنهن تي پوري ٽيم خراج تحسين جي مستحق آهي. انهن فرمايو ته پاڪستاني ٽيم آئنده به اهڙي ئي رانڌ جو مظاهرو ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪندي. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي آئنده به پاڪستاني ٽيم کي ڪاميابين سان همڪنار ڪري.آمين.