Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نارٿ ناظم آباد بلاڪ بي ۾ پرائيويٽ اسڪول تي دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


نارٿ ناظم آباد بلاڪ بي ۾ پرائيويٽ اسڪول تي دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 3/18/2015
نارٿ ناظم آباد بلاڪ بي ۾ پرائيويٽ اسڪول تي دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 18 مارچ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي نارٿ ناظم آباد بلاڪ بي ۾ پرائيويٽ اسڪول تي دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ اسڪولن تي حملن ڪرڻ ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته شهر ۾ ان کان اڳ به پرائيويٽ اسڪولن کي دستي بم حملن جو نشانو بڻايو ويندو رهيو آهي، پر اڄ تائين انهن ۾ ملوث ڪنهن به دهشت گرد کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته دهشت گردن جي طرفان پرائيويٽ اسڪولن کي لڳاتار نشانو بڻائڻ ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته دهشت گرد پنهنجي پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪڏهن ان کان اڳ حملا ڪندڙ دهشت گردن کي گرفتار ڪيو وڃي ها ته اڄ اهو دستي بم حملو نه ٿئي آهي.رابطا ڪميٽي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته ان دستي بم حملي جو سختي سان نوٽس ورتو وڃي ۽ تعليمي ادارن تي حملن ڪرڻ وارن دهشت گردن کي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي. ان کان علاوه حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي رئوف صديقي اسڪول تي دستي بم حملي جي اطلاع ملندي ئي ان اسڪول ۾ پهتا ۽ اسڪول جي اسٽاف کان ڌماڪي جون تفصيلات به معلوم ڪيون.ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جا ذميوار ۽ ڪارڪن به انهن سان گڏ هئا. 

7/17/2024 12:27:32 PM