Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وڪلا برادري ، عورتون ۽ انساني حقن جون تنظيمون ۽ صحافين جون تنظيمون ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيلن تي وحشياڻي تشدد جي خلاف احتجاج جي آواز بلند ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


وڪلا برادري ، عورتون ۽ انساني حقن جون تنظيمون ۽ صحافين جون تنظيمون ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيلن تي وحشياڻي تشدد جي خلاف احتجاج جي آواز بلند ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/14/2015
وڪلا برادري ، عورتون ۽ انساني حقن جون تنظيمون ۽ صحافين جون تنظيمون ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيلن تي وحشياڻي تشدد جي خلاف احتجاج جي آواز بلند ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڏوهارين جي گرفتاري جي آڙ ۾ ڪراچي ۾ رينجر جي آپريشن جو رخ  ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو آهي.
نائن زيرو تي آئيني ۽ قانوني ماهرن ۽ ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي جي وڪيلن جي اجلاس کي خطاب.
لنڊن؛ 14 مارچ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وڪلا برادري ، عورتن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ صحافين جي تنظيمن کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ڇاپي جي دوران گرفتار ٿيل ماڻهن تي وحشياڻي تشدد جو پاڻ مشاهدو ڪن ۽ ان ظلم جي خلاف احتجاج جي آواز بلند ڪن. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي آئيني ۽ قانوني ماهرن ۽ ليگل ايڊ ڪميٽي جي وڪيلن جي اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ۽ چونڊيل نمائندا به موجود هئا.اجلاس کي خطاب ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد جماعت آهي جيڪا غريب ۽ وچولي طبقي جي نمائندگي جي نه فقط ڳالھ  ڪري ٿي بلڪه ميرٽ ۽ صلاحيت جي بنياد تي ڪارڪنن ۽ عوام جي مشورن جي روشني ۾ قانون ساز اسيمبلي جي لاءِ عوام جا نمائندا به نامزد ڪري ٿي ۽ پوءِ عوام جي ووٽن سان چونڊرائي ڪري انهن کي سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ موڪلي ٿي. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ ڪرپٽ، سياسي ڪلچر، فرسوده ۽ جاگيرداراڻه نظام ۽ موروثي سياست مسلط آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد جماعت آهي جنهن ۾ موروثيت نه آهي. ايم ڪيو ايم ملڪ کان ڪرپٽ سياسي ڪلچر ۽ اسٽيٽس ڪو جو خاتمو چاهي ٿي. ملڪ ۾ ايماندار ماڻهن جي حڪمراني ۽ صحيح معنٰي ۾ جمهوريت جو نفاذ چاهي ٿي. ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ لبرل ۽ ترقي پسند معاشرو قائم ڪرڻ چاهي ٿي. جيڪو هر قسم جي تنگ نظري، مذهبي انتها پسندي ۽ مذهبي جنونيت کان پاڪ هجي. انهن فرمايو ته جنهن ملڪ ۾ مذهبي انتها پسندي ۽ مذهبي جنونيت کي فروغ ملي اهو ملڪ ٽولن ۾ ورهائجي ڪري گهرو ويڙھ جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ آخر ڪار ڪمزور کان ڪمزور ٿي ڪري ٽڪڙن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان وڏين قربانين کان پوءِ حاصل ٿيو آهي، بدقسمتي سان اسان جي ڪرپٽ حڪمرانن، اقتدار مافيا ۽ بيوروڪريسي جي حرڪتن جي ڪري پاڪستان ٽٽي ويو. آزادي کان اڳ انگريزن جي فرمانبرداري ڪرڻ وارن پهرين قائد اعظم ۽ پوءِ لياقت علي خان کي قتل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ محترمه فاطمه جناح کي قتل ڪري ملڪ تي قبضو ڪري ورتو جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طرح اڄ تائين به جاري آهي. جناب الطاف حسين ڪراچي جي حالتن جو ذڪر ڪندي فرمايو ته ڪراچي ۾ امن و امان جي صورتحال جي خرابي جا سبب تمام ڊگها آهن. موجوده صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم شهر ۾ امن جي قيام ۽  ڏوهارين جي خلاف ڪراچي آپريشن جي حمايت ڪئي. پر جهڙي طرح 72 وڏين مڇين جي آڙ ۾ 19 جون 1992 جو آپريشن ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيو ويو هو، اهڙي طرح اڄ به ڏوهارين جي گرفتاري جي آڙ ۾ ڪراچي ۾ رينجر جي آپريشن جو رخ به ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو آهي. جهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي خلاف جناح پور جي سازش تيار ڪري پنجاب کان صحافين کي گهرائي ڪري ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اهڙي طرح اڄ به ٻاهر کان هٿيار آڻي ڪري صحافين جي سامهون پيش ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪيو پيو وڃي. انهن فرمايو ته ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي طرفان اهي ريمارڪس ڏنا ويا ته پي پي ، جماعت اسلامي، سني تحريڪ، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم سميت تمام سياسي و مذهبي جماعتن جا ويڙهاڪ ونگ آهن پر ان جي باوجود صرف ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو پيو وڃي. سڀني کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم  جي ماڻهن کي گرفتار ڪري حراست جي دوران تشدد جو نشانو بڻائي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي، ڪارڪنن جون تشدد ٿيل لاشون روڊن تي اڇلايون پيون وڃن. انهن فرمايو ته ٻه ڏينهن اڳ رينجر منهنجي گهر نائن زيرو، خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۽ منهنجي ڀيڻ جي گهر تي ڇاپو هڻي 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو، ٻاهر کان هٿيار آڻي ڪري سجايا ويا ۽ ميڊيا جي سامهون پيش ڪيا ويا. ٻئي طرف ٽن چئن مطلوب ماڻهن جي باري ۾ چيو ويو ته اهي نائن زيرو کان پڪڙيا ويا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته رينجر جي ترجمان جي پريس ڪانفرنس ٻڌي مان سوچيو ته اهو وردي پائي ڪري بيان ڏيئي رهيو آهي ان سچائي جو قسم کاڌو آهي ان جي ڪري اهو ڪوڙ ڇو ڳالهائيندو ان جي ڪري گهربل ماڻهن کي نائن زيرو تي نه رهڻ گهرجي ها ۽ انهن نائن زيرو جو تقدس خراب ڪيو آهي پر بعد ۾ اها ڳالھ منهنجي علم ۾ آندي وئي ته اهي گهربل ماڻهو نائن زيرو کان نه بلڪه عزيز آباد کان پڪڙيا ويا آهن. انهن فرمايو ته رينجر جي ترجمان قوم سان ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ پاڪستان جي ٽئين وڏي جماعت کي بدنام ۽ انهن جي سربراھ جي بي عزتي ڪرڻ جي لاءِ لائسنس وارن هٿيارن سان گڏ ٻاهر کان آندل هٿيار سجائي ڪري چيو ويو ته شايد اهي نيٽو ڪنٽينر کان چوري ڪيل هٿيار آهن، اهو پهريون ڪوڙ آهي ۽ ان حوالي سان آمريڪي وزارت خارجه جي طرفان سماجي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پيغام جاري ڪيو ويو آهي ته  ڪراچي جي بندر گاھ کان نيٽو فورسز شروع کان ئي هٿيار يا بارود موڪليا ئي نه آهن. ٻيو ڪوڙ اهو ڳالهايو ويو ته رينجر گهربل ماڻهن کي نائن زيرو کان پڪڙيو آهي، انهن جو ٽيون ڪوڙ اهو ته عامر خان کي فقط پڇا ڳاڇا جي لاءِ ساڻ وٺي پيا وڃون. پر ٻئي ڏينهن عامر خان جي اکين تي پٽي ٻڌي ڪري ۽ هٿڪڙيون هڻي ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ڇوٿون ڪوڙ جو بعد ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن گهربل ماڻهو نائن زيرو جي ويجهو پڪڙيا ويا آهن ته نائن زيرو وارن  اطلاع ڇو نه ڏني. جناب الطاف حسين فرمايو ته عزيز آباد تمام وڏو علائقو آهي ۽ اتي منهنجي نائن زيرو جي 120 گزن جي گهر وانگر هزارين گهر آهن، نائن زيرو ڪوئي ٿاڻو نه آهي جيڪو آس پاس ۾ رهڻ وارن جي باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪري ها.رينجر جي آفيسر جو پنجون ڪوڙ اهو آهي ته انهن چيو ته انٽيليجنس جي اطلاع تي ڪاروائي ڪئي وئي آهي ته اهي جواب ڏين ته منهنجي 70 ساله ڀيڻ جي گهر تي ڇاپو ڇو هنيو ويو؟ ڇهون ڪوڙ اهو آهي ته رينجر صرف ڏوهاري ماڻهن جي خلاف ڪاروائي ڪئي آهي. پر درجنين گهرن تي ڇاپو هڻي ڪري بزرگن ۽ نوجوانن کي گرفتار ڪري انهن سان جنگي قيدين جهڙو سلوڪ ڪيو ويو آهي. انهن گرفتار ٿيلن ۾ منهنجي سڳي سوٽ جو پٽ عبدالعزيز به شامل آهي. جيڪو هڪ اعلٰي آفيسر آهي ۽ ان ڏينهن اهي پنهنجي پٽ سان گڏ اسپتال کان واپس اچي رهيا هئا. جيڪي هڪ ايڪسيڊنٽ ۾  زخمي ٿي پيا هئا.انهن جي مرحم پٽي ڪرائي ڪري اهي واپس اچي رهيا هئا ته انهن کي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته اهي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن به نه آهن. رينجر ترجمان جو ستون ڪوڙ اهو آهي اسان گهربل ماڻهن جي اطلاع تي نائن زيرو آيا هئاسين پر انهن پوري نائن زيرو تي ڇاپو هڻي ڪري 140  کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. انهن فرمايو ته جڏهن گرفتار ٿيلن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته جج گرفتار ٿيلن کي پوليس ڪسٽڊي ۾ ڏيڻ جو حڪم ڏنو پر جئين گرفتار ٿيل عدالت کان ٻاهر نڪتا ته انهن کي رينجر پوليس ڪسٽڊي ۾ ڏيڻ جي بجاءِ پاڻ سان گڏ وٺي وئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته گرفتار ٿيلن تي ٿرڊ ڊگري تشدد ڪيو پيو وڃي جنهن جي ڪري انهن جي پيشاب واري جڳھ کان رت وهي رهيو آهي ۽ انهن جا گردا ۽ ٻيا عضوا به سخت متاثر ٿي رهيا آهن. جنهن جو وڪيلن ۽ محترمه عاصمه جهانگير سمت تمام انساني حقن جي تنظيمن کي فوري طور تي نوٽس وٺڻ گهرجي. انهن رابطا ڪميٽي، حق پرست سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن پنهنجن ايوانن جي انساني حقن جي ڪميٽين سان گڏجي ڪري گرفتار ٿيلن سان ملاقات ڪري انهن تي ٿيندڙ بدترين تشدد جو  جائزو وٺن ۽ ان جي خلاف هر سطح تي آواز بلند ڪن. جناب الطاف حسين ليگل ايڊ ڪميٽي جي تمام وڪيلن تي زور ڏنو ته اهي گرفتار ٿيلن جي قانوني مدد ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ان ڏکئي وقت ۾ تمام وڪيلن کي اڳتي وڌي ڪري ساٿ ڏيڻو پوندو ۽ ايم ڪيو ايم تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف قانوني جدوجهد ڪرڻي پوندي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪي وڪيل گرفتار ٿيلن جي ڪيسن جي پيروي ڪري رهيا آهن مان ۽ پوري رابطا ڪميٽي انهن کي سلوٽ پيش ڪريون ٿا. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ عدالتن جي نظام کان پوري دنيا واقف آهي ۽ جنهن ملڪ ۾ عدالتن جو نظام خراب ٿي وڃي اتي ظلم ۽ ناانصافيون ٿيڻ لڳڻ ٿيون. پر ڪنهن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڪفر جي حڪومت ته قائم رهي سگهي ٿي پر ظلم جي حڪومت قائم رهي نه ٿي سگهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار چون ٿا ته نائن زيرو تي ڪاروائي جو عمل تمام سٺو آهي. مان انهن کان پچڻ چاهيان ٿو ته گهربل ماڻهن جي گرفتاري مقصد هئي ته منهنجي ڀيڻ جي گهر تي ڇاپو ڇو هنيو ويو. الله تعالٰي نه ڪري جيڪڏهن اوهان جي ڀيڻ سان اهڙو سلوڪ ٿئي ته اوهان تي ڇا گذرندي، وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سيد قائم علي شاھ جواب ڏين ته جيڪڏهن انهن جي ڀيڻ سان اهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ها ته انهن جي دل تي ڇا گذري ها.انهن فرمايو ته گرفتار ٿيلن کي اکين تي پٽيون ۽ هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي ڪري جنگي قيدين وانگر آندو ويو ۽ انهن کي ٻڪرين وانگر عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو. آخر اهو ڪهڙي اصول آئين ۽ قانون جي تحت ڪيو ويو؟ ڇا ڏوھ ثابت ٿيڻ تائين ڪنهن پاڪستاني سان اهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو؟ انهن فرمايو ته الله تعالٰي جي لٺ بي آواز آهي. انهن وٽ دير آهي پر انڌير نه آهي. انشاء الله تعالٰي الله تعالٰي اسان جي مدد ضرور ڪندو. جيڪي ماڻهو طاقت جي  نشي ۾ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون  ڪري رهيا آهن ۽ زمين تي نعوذ بالله خدا بڻجي رهيا آهن اهي اسان کي نقصان ته پهچائي سگهن ٿا ۽ اسان جي ساٿين کي شهيد ته ڪري سگهن ٿا پر رياستي طاقت جي ناجائز استعمال سان ايم ڪيو ايم کي ختم نه ٿا ڪري سگهن. انهن فرمايو ته مان 25 سالن کان جلاوطني  جي زندگي گذاري رهيو آهيان، پاڪستان ۾ مون کي ٽي ڀيرا قيد ڪاٽڻي پئي، جنرل ضياء الحق جي ملٽري ڪورٽ مون کي 9 مهينن ۽ 5 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي پر ظلم جو ڪوئي به هٿڪنڊو منهنجن ارادن کي ڪمزرو نه ٿو ڪري سگهي. ايم ڪيو ايم ان امتحان ۾ به سرخرو ٿيندي ۽ انشاء الله تعالٰي فتح حق جي ٿيندي.

7/17/2024 12:23:04 PM