Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جا آئيني ۽ قانوني ماهرَ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف مقدمي جي اندراج جو تفصيلي جائزو وٺي رهيا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن.


ايم ڪيو ايم جا آئيني ۽ قانوني ماهرَ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف مقدمي جي اندراج جو تفصيلي جائزو وٺي رهيا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن.
 Posted on: 3/17/2015
ايم ڪيو ايم جا آئيني ۽ قانوني ماهرَ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف مقدمي جي اندراج جو تفصيلي جائزو وٺي رهيا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن.
تمام ڪارڪنَ ۽ حق پرست عوام پرامن رهن ۽ پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن. رابطا ڪميٽي جي اپيل.
ڪراچي؛ 17 مارچ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ رينجر جي هڪ آفيسر جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف مقدمي جي اندراج تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا آئيني ۽ قانوني ماهر ان معاملي جو تفصيلي جائزو وٺي رهيا آهن ۽ ان مقدمي جي سمورن رخن جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ ان جي باري ۾ قانوني حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي. رابطا ڪميٽي چيو ته بادي النظر ( مٿاڇري نظر) ۾ لڳي ٿو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف درج ڪيل مقدمي ۾ لڳايل الزامَ حقيقت جي خلاف آهن.رابطا ڪميٽي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ماضي ۾ به اهڙن  بي شمار مقدمن جو سامنو ڪيو آهي ۽ هاڻي به اسان آئين ۽ قانون جي حد ۾ رهندي پنهنجو قانوني دفاع ڪنداسين. رابطا ڪميٽي سمورن ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن ۽ ثابت قدم رهن. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ امن پسند، لبرل ۽ جمهوريت پسند جماعت آهي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي پرعزم قيادت ۾ پنهنجي آئيني ۽ جمهوري جدوجهد جاري رکندي.

7/17/2024 12:49:21 PM