Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو ميمبر محمد انور لنڊن ۾ گرفتار. ترجمان ايم ڪيو ايم.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد انور کي انهن جي لنڊن واري گهر کان اڄ صبح گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن جو هن وقت لنڊن جي هڪ مرڪزي پوليس اسٽيشن ۾ انٽرويو ڪيو پيو وڃي.
Read More    Posted on: 01 Apr 2015
وفاقي حڪومت جي طرفان پيٽرول ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وفاقي حڪومت جي طرفان پيٽرول ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته پيٽرول ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو فوري طور تي واپس ورتو وڃي.
Read More    Posted on: 01 Apr 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي تحريڪ انصاف کي پيشڪش.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ فرمايو آهي ته گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي رهنمائن، ڪارڪنن ۽ اين اي 246 جي رهائشين جي وچ ۾ جيڪو افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي ان سان مون کي دلي صدمو پهتو آهي. 
Read More    Posted on: 01 Apr 2015
گرفتار ٿيل جيڪڏهن بي گناھ آهن ۽ انهن جي خلاف ڪوئي مقدمو درج نه آهي ته انهن کي فوري طور تي رها ڪيو
30 مارچ 2015 تي مشرف ڪالوني ۽ بلديه ٽائون کان حراست ۾ ورتل ماڻهن جي گهر وارن ۽ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي سلمان مجاهد بلوچ چيو آهي ته اسان الله سائين کان پنهنجي رت جي ڳوڙهن کي پيئندي دل سان دعا ڪري رهيا آهيون ته اي الله سائين اسان جي قوم کي قوم عاد ۾ شمار نه ڪجانءِ. 
Read More    Posted on: 31 Mar 2015
جناح گرائونڊ ۾ پي ٽي آئي جي غنڊه گردي، ٽوڙ ڦوڙ ۽ اشتعال انگيزي کان پوءِ اين اي 246 ۾ هڪ ضابطه اخلاق لاڳو ڪيو وڃي. حيدر عباس رضوي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدرعباس رضوي چيو آهي ته پي ٽي آئي جي اميدوار عمران اسماعيل ۽ انهن جي غنڊن  جناح گرائونڊ ۾ غنڊه گردي ڪئي، ٽوڙ ڦوڙ ڪئي ۽ اشتعال انگيزي کان پوءِ ايم ڪيو ايم سمجهي ٿي ته اين اي 246 جي حوالي سان هڪ ضابطه اخلاق لاڳو ڪيو وڃي. 
Read More    Posted on: 31 Mar 2015
ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ نارٿ ڪراچي مان پوليس ۽ سرڪاري اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي پنجن کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ملير شاھ فيصل ڪالوني ۽ نارٿ ڪراچي مان پوليس ۽ ٻين سرڪاري اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي پنجن کان وڌيڪ بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. شاھ فيصل ڪالوني سيڪٽر يونٽ 108 جي ڪارڪن شارق ڪمال ۽ همدرد صابر کي گرفتار ڪيو ويو، اهڙي طرح شاھ فيصل سيڪٽر جي ئي يونٽ 106 جي ڪارڪن عدنان کي به رات گرفتار ڪيو ويو آهي. 
Read More    Posted on: 31 Mar 2015
ملڪ و قوم جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي سٺن ڪمن کي قدر جي نگاھ سان نه پيو ڏٺو وڃي، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام تي زندگي تنگ ڪئي پئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڪراچي جا عوام اڄ به ايم ڪيو ايم سان گڏ آهن ۽ تمام تر سازشي هٿڪنڊن ۽ ظلمن جي باوجود ايم ڪيو ايم کي پنهنجو مينڊيٽ ڏيندا پيا اچن. انهن فرمايو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 250 وانگر اين اي 246 جي ننڍي چونڊ جو نتيجو به مٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ننڍي چونڊ جو نتيجو عوام جي فيصلي جي خلاف آيو ته ملڪ کان جمهوريت جي خاتمي جو آغاز ٿي ويندو.
Read More    Posted on: 30 Mar 2015
گذريل ڏينهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جماعت اسلامي جي امير سراج الحق کي پاڻ فون ڪيو هو ۽ انهن سان يمن ۽ سعودي عرب جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي.
متحده قومي موومينٽ جي ترجمان پنهنجي هڪ وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جماعت اسلامي جي امير سيد سراج الحق کي پاڻ فون ڪيو هو ۽ انهن سان يمن ۽ سعودي عرب جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي ۽ ان حوالي سان جاري ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي پريس رليز ۾ بلڪل به اهو تاثر نه ڏنو ويو آهي ته سراج الحق صاحب قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي فون ڪيو هو.
Read More    Posted on: 30 Mar 2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پوليس ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان شهر جي مختلف علائقن کان ڪارڪنن جي وڌندڙ گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. 
Read More    Posted on: 30 Mar 2015
عمران خان سميت پي ٽي آئي جي رهنمائن ۾ ڪريڪٽر نالي جي ڪائي به شي نه آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل.
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ نامزد حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل چيو آهي ته عمران خان سميت پي ٽي آئي جي رهنمائن ۾ ڪريڪٽر نالي جي ڪائي به شيءِ نه آهي، سياست ۾ تنقيد به ٿيندي آهي پر ان جا آداب هوندا آهن پر پي ٽي آئي ۽ عمران خان ۾ ڪوڙن وعدن ۽ خراب ڪردار کان سواءِ ڪا به شي نه آهي. 
Read More    Posted on: 30 Mar 2015
ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي والد فاروق احمد جي علالت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪنوينر ڊاڪٽر عمران فاروق جي والد محمد فاروق احمد جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي آهي. 
Read More    Posted on: 30 Mar 2015
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪروڙين عوام جا متفقه قائد آهن. قاسم علي رضا.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قاسم علي رضا قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف تحريڪ انصاف جي رهنما شيرين مزاري جي شر انگيز بيان ج
Read More    Posted on: 30 Mar 2015
متحده قومي موومينٽ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل اڪثريت سان وسيم اختر کي انچارج چونڊي ڇڏيو.
متحده قومي موومينٽ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبرن ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي سابق ميمبر قومي اسيمبلي وسيم اختر کي اڪثريت سان سي اي سي جو انچارج چونڊي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جا سينيئر رهنما طارق جاويد ۽ سيد امين الحق ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي آيا آهن.
Read More    Posted on: 29 Mar 2015
ايم ڪيو ايم امن پسند جماعت آهي جيڪا تشدد ۽ دهشت گردي تي يقين نه ٿي رکي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر واضع لفظن ۾ چيو آهي ته ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۾ زيروٽوليرنس آهي، ايم ڪيو ايم امن پسند جماعت آهي جيڪا تشدد ۽ دهشت گردي تي يقين نه ٿي رکي، ان جي ڪري سماج دشمن سرگرمين ۾ ملوث ماڻهو يا ته سماج دشمن حرڪتون ڇڏي ڏين يا پوءِ ايم ڪيو ايم کي ڇڏي ڏين.
Read More    Posted on: 29 Mar 2015
وزير اعظم ميان محمد نواز شريف يمن ۽ سعودي عرب جي معاملي ۾ فوري طور تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان جي تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي سينيئر ۽ تجربي ڪار ليڊرن کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي ته ڇا اسان ماضي جي تلخ تجربن مان ڪجھ حاصل ڪنداسين يا نه ڪنداسين؟ اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته روس ۽ آمريڪا جي سرد جنگ جي دوران اسان جي ڪجھ وڏن عالمن سڳورن ۽ چوٽي جي ڪجھ سياسي رهنمائن عوام کي اسٽيبلشمينٽ جي طئي ڪيل منصوبي جي تحت ڇا اهو نه ٻڌايو هو ته روس لادين ملڪ آهي ۽ آمريڪا اهل ڪتاب آهي.
Read More    Posted on: 29 Mar 2015