Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خدمت خلق فائونڊيشن جي زيراهتمام گلشن اقبال سرجاني ۾ جديد مشينري سان آراسته ميٽرنٽي هوم ، ليبارٽري ۽ ڊسپينسري جو رابطا ڪميٽي جي طرفان افتتاح ڪيو ويو.


خدمت خلق فائونڊيشن جي زيراهتمام گلشن اقبال سرجاني ۾ جديد مشينري سان آراسته ميٽرنٽي هوم ، ليبارٽري ۽ ڊسپينسري جو رابطا ڪميٽي جي طرفان  افتتاح ڪيو ويو.
 Posted on: 3/17/2015
خدمت خلق فائونڊيشن جي زيراهتمام گلشن اقبال سرجاني ۾ جديد مشينري سان آراسته ميٽرنٽي هوم ، ليبارٽري ۽ ڊسپينسري جو رابطا ڪميٽي جي طرفان  افتتاح ڪيو ويو.
جناب الطاف حسين ۽ پاڪستاني عوام جي وچ ۾ محبت ۽ هڪ ٻئي جي ڏک سور کي سمجهڻ جو رشتو آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
ڪراچي؛ 17 مارچ 2015 
            خدمت خلق فائونڊيشن جي زير اهتمام گلشن اقبال سرجاني خدا جي بستي ۾ جديد مشينري سان آراسته ميٽرنٽي هوم، ليبارٽري ۽ ڊسپينسري جو افتتاح ڪيو ويو، اهو افتتاح رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ڊاڪٽر نصرت ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪيو. ان موقعي تي حق پرست ميمبر ۽ ٻين کان علاوه عوام جي وڏي تعداد موجود هئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي خطاب ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪراچي جي غريبن ۽ مظلومن جي جدوجهد کان ڪيو ۽ انهن کي عوام جي خدمت جي لاءِ ڪنهن وزارت، اقتدار يا حڪومت جي ضرورت نه آهي. انهن چيو ته ڪي ڪي ايف جو قيام ايم ڪيو ايم کان به پهرين عمل ۾ آيو هو ۽ هن وقت اهو ادارو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بغير ڪنهن فرق جي پاڪستانين جي خدمت ڪري رهيو آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين ۽ پاڪستاني عوام جي وچ ۾ محبت ۽ هڪ ٻئي جي ڏک سور کي سمجهڻ جو رشتو آهي پر ڪجھ ماڻهو پنهنجن مذموم مقصدن جي لاءِ ان رشتي جو چهرو گندو ڪرڻ چاهن ٿا. انهن چيو ته جناب الطاف حسين بانيان پاڪستان جي اولاد آهن جن ملڪ کي ٺاهڻ جي لاءِ لکين جانين جو نذرانو پيش ڪيو ۽ ان جي ڪري ئي جناب الطاف حسين پاڪستان کي هڪ فلاحي رياست بڻائن چاهين ٿا. جنهن جي لاءِ هر پاڪستاني کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي. انهن چيو ته ڇاپا ۽ گرفتاريون جدوجهد جو حصو هونديون آهن ۽ انهن سازشن سان جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارا خوفزده نه ٿيندا.انهن چيو ته پاڪستان کي جناب الطاف حسين جهڙي ليڊر جي ضرورت آهي جيڪي قوم جي لاءِ هڪ انمول تحفو آهن جيڪي پنهنجي لاءِ نه بلڪه مظلومن جي لاءِ سوچين ٿا. ان موقعي تي ڊاڪٽر صغير احمد خطاب ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين سمورن پاڪستانين جي بي لوث خدمت ڪري رهيا آهن ۽ اهو ئي انهن جو مقصد آهي . جناب الطاف حسين جون قوم جي لاءِ فلاحي خدمتون دنيا جي سامهون آهن ۽ اهو سلسلو وقت سان گڏو گڏ وڌندو پيو وڃي.تقريب کي حق پرست ايم پي اي عبدالله شيخ ، عادل صديقي ۽ ارشد وهره به خطاب ڪيو.

7/17/2024 12:50:24 PM