Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن رئوف صديقي ۽ عدنان احمد جي طرفان گلشن اقبال ۾ دستي بم حملن سان متاثر ٿيندڙ اسڪولن جو دورو.
ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن رئوف صديقي ۽ عدنان احمد گلشن اقبال ۾ دستي بم حملن سان متاثر ٿيندڙ اسڪولن جو دورو ڪري اسڪولن جي انتظاميه،شاگردن ۽ انهن جي والدين سان ملاقات ڪئي ۽ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي همدردي جو پيغام به پهچايو.
Read More    Posted on: 03 Feb 2015
وزير اعظم ميان نواز شريف جي والده محترمه جي علالت تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف جي والده محترمه جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به فرمائي آهي.
Read More    Posted on: 03 Feb 2015
سابق چيف جسٽس آف پاڪستان ڊاڪٽر نسيم حسن شاھ جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سابق چيف جسٽس آف پاڪستان ڊاڪٽر نسيم حسن شاھ جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 03 Feb 2015
گلشن اقبال ۾ اسڪولن تي دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملا قابل مذمت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ گلشن اقبال بلاڪ نمبر 7 جي اسڪولن بيڪن هائي اسڪول ۽ بيڪن لائيٽ اسڪول تي دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي طالبان دهشت گردن جي وحشياڻي حملي کان پوءِ دهشت گردن جي طرفان ڪراچي ۾ به اسڪولن تي دهشت گردن جي حملن جو خطرو هو پر ان جي باوجود سنڌ حڪومت جي طرفان ڪراچي جي اسڪولن جي تحفظ جي لاءِ ڪي به مناسب قدم نه کنيا ويا آهن 
Read More    Posted on: 03 Feb 2015
ٻهراڙي وارن علائقن سميت سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ حفاظتي انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عبدالله گورنمينٽ گرلز ڪاليج ۽ مختلف تعليمي ادارن ۾ دهشت گردن جي طرفان ڌمڪي وارا خط ملڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ۾ عبدالله گورنمينٽ گرلز ڪاليج کي ڌمڪي وارو خط مليو آهي جنهن ۾ اها عبارت ته “ڪفن تيار رکو” ڪالھ جي ڏينهن عبد الله ڪاليج ۾” لکيل آهي ۽ خط ملڻ کان پوءِ ڪاليج جي انتظاميه وڏي خوف جو شڪار آهي. 
Read More    Posted on: 03 Feb 2015
سابق صوبائي وزير صنعت رئوف صديقي جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
متحده قومي موومينٽ جي ميمبر سنڌ اسيمبلي ۽ سابق صوبائي وزير رئوف صديقي لنڊن فون ڪري قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان رابطو ڪيو ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان تنظيمي معاملن سميت ملڪ، سميت سنڌ ۽ ڪراچي جي تيزي سان بگڙندڙ صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي.
Read More    Posted on: 02 Feb 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو گڏيل اجلاس منعقد.مصطفٰي عزيز آبادي کي متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جو انچارج ۽ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر نصرت شوڪت ۽ عامر خان کي رابطا ڪميٽي جا جوائنٽ انچارجَ مقرر ڪيو ويو آهي
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو هڪ گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ تنظيم نو جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. انهن فيصلن جي مطابق رابطا ڪميٽي جي ميمبر مصطفٰي عزيز آبادي کي رابطا ڪميٽي جو انچارج مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر نصرت شوڪت ۽ عامر خان کي رابطا ڪميٽي جا جوائنٽ انچارجَ مقرر ڪيو ويو آهي. 
Read More    Posted on: 02 Feb 2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ميٽرڪ بورڊ جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾توسيع ڪرڻ جو خيرمقدم.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ميٽرڪ بورڊ جي طرفان ميٽرڪ بورڊ جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ توسيع ڪرڻ جي اعلان جو خيرمقدم ڪندي ان  کي ڪراچي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ تمام سٺو قرار ڏنو آهي. 
Read More    Posted on: 02 Feb 2015
قومي ايئر لائين پي آئي اي کي نفعو ڏيندڙ روٽن بار سلونا کان پوءِ نيويارڪ روٽ کي به بند ڪرڻ جي فيصلي تي ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي سينٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن قومي ايئر لائين پي آئي اي جي طرفان نفعو ڏيندڙ روٽن بارسلونا کان پوءِ هاڻي نيويارڪ روٽ کي به بند ڪرڻ جي فيصلي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 02 Feb 2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان قائم ڪيل اسڪروٽني ڪميٽي تحقيقات کان پوءِ عبدالحسيب کي ڪليئر قرار ڏيئي ڇڏيو.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي قائم ڪيل اسڪروٽني ڪميٽي جي تحقيقات کان پوءِ عبدالحسيب کي ڪليئر قرار ڏيندي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي گذارش ڪئي هئي ته انهن کي ٻيهر رابطا ڪميٽي جي ميمبر شپ ڏني وڃي.
Read More    Posted on: 02 Feb 2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ميٽرڪ بورڊ جي طرفان امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ توسيع نه ڪرڻ ۽ شاگردن کان وڌيڪ في صول ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ميٽرڪ بورڊ ڪراچي جي طرفان نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ توسيع نه ڪرڻ ۽ شاگردن کان وڌيڪ في وصول ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. 
Read More    Posted on: 01 Feb 2015
ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪن سرفراز حسين جي تدفين وادي حسين قبرستان ۾ هزارين سوگوارن جي موجودگي ۾ ڪئي وئي. رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.
متحده قومي موومينٽ جي شهيد ڪارڪن سرفراز حسين جي تدفين وادي حسين قبرستان ۾ هزارين سوگوارن جي موجودگي ۾ ڪئي وئي. ان کان اڳ شهيد جي جنازي نماز انچولي امام بارگاھ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر ڪهف الورٰي، اسيمبلي ميمبرن،سيڪٽر و يونٽن جي ذميوارن، ايلڊر ونگ جي ڪارڪنن ۽ شهيد جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 01 Feb 2015
ايم ڪيو ايم وفد رابطا ڪميٽي جي ميمبر اسلم آفريدي ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار انچولي ۾ مجلس وحدت المسلمين سنڌ جي پوليٽيڪل سيڪريٽري علي حسن زيدي سان ملاقات ڪئي.
متحده قومي موومينٽ جي وفد رابطا ڪميٽي ميمبر اسلم آفريدي ۽ ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر فاروق ستار انچولي ۾ مجلس وحدت المسلمين جي مرڪزي هيڊ آفيس ۾ سنڌ جي پوليٽيڪل سيڪريٽري علي حسن زيدي ۽ علامه باقر زيدي سان ملاقات ڪري  شڪارپور بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ وڏي ڏک جو اظهار به ڪيو. 
Read More    Posted on: 01 Feb 2015
اسان کي موقعو مليو ته اسان سڄي سنڌ ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ عورتن جي ووڪيشنل سينٽرن جو ڄار وڇائي ڇڏينداسين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان ماضي ۾ به سنڌ ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو ڄار وڇايو هو ۽ جيڪڏهن آئنده به اسان کي موقعو مليو ته اسان سڄي سنڌ ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ عورتن جي وڪيشنل سينٽرن جو ڄار وڇائي ڇڏينداسين. اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي
Read More    Posted on: 01 Feb 2015
سانحه شڪارپور جي شهيدن جي ٽيجهي جي احترام ۾ ايم ڪيو ايم جي تحت حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ميوزيڪل پروگرام ملتوي ڪيو ويو آهي . ايم ڪيو ايم جو اعلان.
 سانحه شڪارپور جي شهيدن جي ٽيجهي جي احترام ۾ ايم ڪيو ايم جي تحت پهرين فيبروري بروز آچر تي ٿيندڙ ميوزيڪل پروگرام ملتوي ڪيو ويو آهي.
Read More    Posted on: 31 Jan 2015