Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم عدم تشدد تي يقين رکي ٿي ۽ هڪ جمهوري، لبرل ۽ پروگريسو سوچ رکڻ واري پارٽي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم عدم تشدد تي يقين رکي ٿي ۽ هڪ جمهوري، لبرل ۽ پروگريسو سوچ رکڻ واري پارٽي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/16/2015
ايم ڪيو ايم عدم تشدد تي يقين رکي ٿي ۽ هڪ جمهوري، لبرل ۽ پروگريسو سوچ رکڻ واري پارٽي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوئي ويڙهاڪ ونگ نه آهي.
ذميوار ۽ ڪارڪنَ ايم ڪيو ايم جي امن پسندي جي درس کي هرگز به نه وسارين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 16 مارچ 2015 
            متسختي سان انهن کي يادگيرو ڏياريو آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي امن پسندي جي درس کي هرگز به نه وسارين. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم ۾ ان قسم جو ڪوئي به ويڙهاڪ ونگ نه آهي ۽ ڪروڙين عوام جي چونڊيل نمائنده جماعت ۾ جيڪڏهن ڪجھ ماڻهن قانون کي هٿن ۾ کنيو آهي ته اهو انهن جو ذاتي فعل آهي، پارٽي پاليسي جو هرگز به حصو نه آهي. حده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهرانهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم عدم تشدد تي يقين رکي ٿي، ايم ڪيو ايم جمهوري ، لبرل ۽ پروگريسو سوچ رکڻ واري اهڙي پارٽي آهي جيڪا قوميت، نسل، زبان، ثقافت ، صوبي، جنس، مسلڪ ۽ مذهب کان مٿانهون ٿي ڪري سڀني سان هڪ جهڙي سلوڪ تي يقين رکي ٿي ۽ انهن جي حقن جي حصول جي لاءِ آئيني، قانوني ۽ پرامن جمهوري طريقي سان جدوجهد ڪري رهي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مون کي اطلاع ملي آهي ته ڪجھ 
عناصر سوشل ميڊيا تي پاڻ کي ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن ظاهر ڪري پوليس ۽ رينجر جي اهلڪارن سان محاذ آرائي جي پيغامن جي ڏي وٺ ڪري رهيا آهن. انهن فرمايو ته مان واضع طور تي هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم جي تمام نظرياتي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ايم ڪيو ايم قانون نافذ ڪرڻ واري ڪنهن به اداري سان محاذ آرائي نه ٿي چاهي بلڪه پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي پرامن احتجاج ۽ اهڙا جلسا ڪرڻ تي يقين رکي ٿي جن ۾ تشدد جو ذري برابر به عمل دخل نه هجي. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چيو ته جيڪي ماڻهو سوشل ميڊيا تي رينجر ۽ پوليس سميت ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن سان محاذ آرائي جو درس ڏيئي رهيا آهن انهن جو ايم ڪيو ايم سان ڪوئي به تعلق نه آهي ۽ اهڙن ماڻهن جو اهو عمل ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ جي سازش جو تسلسل آهي. 
*****


7/17/2024 12:49:29 PM