Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وفاقي ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومت جي طرفان مذهبي اقليتن جي عبادت گاهن کي تحفظ فراهم نه ڪرڻ تي پنهنجي نااهلي تسليم ڪندي حڪومت کان اسٽعيفٰي ڏيڻ گهرجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


وفاقي ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومت جي طرفان مذهبي اقليتن جي عبادت گاهن کي تحفظ فراهم نه ڪرڻ تي پنهنجي نااهلي تسليم ڪندي حڪومت کان اسٽعيفٰي ڏيڻ گهرجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/15/2015
وفاقي ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومت جي طرفان مذهبي اقليتن جي عبادت گاهن کي تحفظ فراهم نه ڪرڻ تي پنهنجي نااهلي تسليم ڪندي حڪومت کان اسٽعيفٰي ڏيڻ گهرجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
يوحانا آباد  ڪيٿولڪ چرچ ۽ ڪرائيسٽ چرچ اسڪول تي خودڪش حملو بزدلاڻه ڪاروائي آهي.
ايم ڪيو ايم دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ هئي ۽ اڄ به گڏ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 15 مارچ 2015 
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته وفاقي ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومت جي طرفان پاڪستان جي مذهبي اقليتن ۽ انهن جي عبادتگاهن کي تحفظ فراهم نه ڪرڻ تي پنهنجي نااهلي تسليم ڪندي حڪومت کان اسٽعيفٰي ڏيئي ڇڏڻ گهرجي. مختلف ٽي وي چينلن کي انٽرويو ڏيندي جناب الطاف حسين لاهور جي علائقي يوحانا آباد ۾ ڪيٿولڪ چرچ ۽ ڪرائيسٽ چرچ اسڪول تي خودڪش حملن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي بزدلاڻه ڪاروائي قرار ڏنو. انهن فرمايو ته انهن ڌماڪن ۾ 14 ماڻهو هلاڪ ۽ 80 کان وڌيڪ سخت زخمي ٿي پيا آهن، مان هڪ هڪ پاڪستاني کي دعوت فڪر ڏيان ٿو ته هر هڪ ملڪ  ۾ مخلتف مذهبن  جي مڃڻ وارا رهن ٿا ۽ مذهبي اقليتن جي جان و مال جو تحفظ ڪرڻ خصوصن انهن جي عبادتگاهن جي تحفظ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ هر ملڪ جي حڪومت جو فرض هوندو آهي. پاڪستان ۾ گذريل 15 سالن جي اندر مسجدن، امام بارگاهن، عيد نمازن، بزرگن جي مزارن، سول و فوجي تنصيبات ، اسڪولن ۽ بازارن ۾ خودڪش حملا ۽ بم ڌماڪا ڪيا پيا وڃن. آرمي چيف ۽ پاڪ فوج  جرتمندانه فيصلو ڪندي انتها پسند دهشت گردن جي خاتمي جي لاءِ ضَرب عضب شروع ڪيو آهي ۽ دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ فوجي آفيسر ۽ جوان جام شهادت نوش ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻئي طرف پاڪ فوج سرحدن جي حفاظت ۾ به مصروف آهي. ان صورتحال ۾ سول حڪومت جي ذميواري وڌي وڃي ٿي ته اها ملڪ جي هر شهري خصوصن مذهبي اقليتن ۽ انهن جي عبادتگاهن کي تحفظ فراهم ڪري . جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪ فوج ملڪ کي انتها پسند دهشت گردن کان پاڪ ڪرڻ جو عزم ڪري رکيو آهي. ايم ڪيو ايم ان جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ هئي ۽ اڄ به گڏ آهي ۽ هر قسم جي قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ ۾ جيڪي مذهبي اقليتن جون عبادتگاهون آهن اهي انتها پسند دهشت گردن جو آسان حدف آهن ۽ ان کان اڳ به ٽڪاڻڻ، چرچن ۽ گردوارن تي حملا ڪيا ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي مذهبي اقليتن جي عبادتگاهن تي پوليس جي اضافي نفري تعينات ڪرڻ گهرجي ها پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي طرفان انهن کي تحفظ فراهم نه ڪيو ويو. انهن فرمايو ته وفاقي ۽ پنجاب صوبي جا حڪمران پنهنجن گهرن تي ته حفاظت جي لاءِ پوليس جي پوري فوج تعينات ڪن ٿا پر اهي هنڌ جتي حفاظتي انتظام سخت ڪرڻ جي ضرورت  آهي اهي حڪومت جي ترجيحات ۾ شامل نه آهن. اتي حفاظتي قدم کڻڻ ۾ ڄاڻي ٻجهي غفلت جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي ڇو ته اتي حڪمرانن جا ٻار نه ٿا وڃن. انهن فرمايو ته هن مهل تائين حڪومت جي ڪنهن به وزير يا پوليس جي ڪنهن وڏي آفيسر دهشت گردي واري جڳھ جو دورو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي سوگوارن سان تعزيت ڪئي آهي.جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن فرمايو ته جيڪڏهن وفاقي ۽ پنجاب جي حڪومت شهرين جي جان و مال کي تحفظ فراهم نه ٿيون ڪري سگهن ته انهن کي پنهنجي نااهلي تسليم ڪندي اسٽعيفٰي ڏيئي ڇڏڻ گهرجي. جناب الطاف حسين مطالبو ڪيو ته مسيحي برادري جي عبادتگاهن 
تي خودڪش حملن جي منصوبه بندي ڪرڻ وارن کي انهن جي ٺڪاڻڻ کان ڳولي ڪڍيو وڃي ۽ انهن کي سرعام ڦاهي تي چاڙهيو وڃي. جناب الطاف حسين ڪجھ دانشورن، تجزيه نگارن ۽ اينڪرپرسنن کي چيو ته انهن کي منهنجو ٽي وي تي انٽرويو ڏيڻ خراب لڳي ٿو پر جڏهن سابق چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ عمران خان جي ڌرڻي جي ڪيترن ئي ڏينهن تائين مسلسل ڪوريج ڪئي پئي وڃي ته ان تي ڪنهن به اعتراض نه ڪيو هو. انهن فرمايو ته اهڙا عناصر عصبيت ۽ تعصب جي عينڪ لاهي ڇڏين. ملڪ پهرين ئي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي وقت جو تقاضا آهي ته لساني ۽ شائونسٽ سوچ جو مظاهرو ختم ڪري ملڪ جي بقا ۽ سلامتي تي توجه ڏني وڃي. جناب الطاف حسين مسيحي برادري جي عبادتگاهن تي دهشت گردي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن سميت هلاڪ ٿيندڙ سمورن ماڻهن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن ۽ هڪ هڪ پاڪستاني اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. 

7/17/2024 12:30:41 PM