لاهور ڪيٿولڪ چرچ ۾ عيسائين جي عبادت جي دوران ڌماڪن تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.
لنڊن؛ 15 مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت لاهور جي يوحانا آباد ۾ ڪيٿولڪ چرچ ۾ عيسائين جي عبادت جي دوران ڌماڪن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. انهن چيو ته پرامن مسيحي برادري جي عبادتگاه تي ٿيندڙ وحشياڻو حملو انسانيت جي ئي خلاف نه پر اسلام جي تعليمات جي به خلاف آهي . انهن پاڪستان ۾ رهڻ واري سموري عيسائي برادري سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ان سانحي تي ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن اوهان سان دلي تعزيت ڪري ٿو ۽ اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. نديم نصرت مطالبو ڪيو ته قاتلن ۽ حملي جي منصوبه بندي ڪرڻ وارن کي حڪومت فوري طور تي گرفتار ڪري.