Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ڪراچي پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي پر ان جي اهميت کي نظر انداز ڪيو ويو ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ملڪ ۾ هر شهري کي برابري جي سطح تي حق فراهم ڪيا وڃن ته پاڪستان کي ٻيهر ترقي يافته ۽ ايشين ٽائيگر بڻائي سگهجي ٿو. جيڪي خصوصي ماڻهو زندگي جي هر شعبي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا ته پوءِ انهن کي ملڪ جي اعلٰي ايوانن ۾ به نمائندگي ڏيڻ گهرجي. 
Read More    Posted on: 24 Feb 2015
رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي تحريڪ جي سينيئر ميمبر نديم نصرت کي گڏيل طور تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ان فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. 
Read More    Posted on: 24 Feb 2015
نبيل گبول پنهنجن ذاتي مسئلن ۽ گهريلو مصروفيتن جي ڪري قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان اسٽعيفٰي ڏيئي ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم ترجمان.
 متحده قومي موومينٽ جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي ميمبر نبيل گبول پنهنجن ذاتي مسئلن ۽ گهريلو مصروفيتن جي ڪري قومي اسيمبلي جي سيٽ تان اسٽعيفٰي ڏيئي ڇڏيو آهي. 
Read More    Posted on: 24 Feb 2015
مسافر بسن، ويگنن ۽ پرائيويٽ گاڏين ۾ لڳل گيس سلينڊر هلندڙ ڦرندڙ بم آهن جيڪي انسانن کي موت جي ننڍ سمهاري رهيا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سمورن پاڪستانين کي مخاطب ڪندي انهن کي دردمندانه اپيل ڪئي آهي ته اهي خدا جي واسطي پنهنجين ڪارن، جيپن، بسن، ويگنن، ڪوچن ۽ هر قسم جي گاڏين مان گيس سلينڊر فوري طور تي ڪڍرائي انهن کي واپس پيٽرول يا ڊيزل تي منقتل ڪري ڇڏين. 
Read More    Posted on: 23 Feb 2015
اي پي ايم ايس او جي تحت ڪراچي يونيورسٽي وليڪا گرائونڊ ۾ تيرهون پيغام امن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع ٿي ويو.
اي پي ايم ايس او جي زير اهتمام ڪراچي يونيورسٽي  وليڪا گرائونڊ ۾ تيرهون امن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع ٿي ويو.ٽورنامينٽ جو افتتاح رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي بيٽنگ ڪري ڪيو. 
Read More    Posted on: 23 Feb 2015
حق پرست اسيمبلي ميمبرن جو جناح اسپتال ۽ عباسي شهيد اسپتال جو دورو. انهن نوري آباد وين حادثي جي زخمين جي عيادت ڪئي.
متحده قومي موومينٽ جي اسيمبلي ميمبرن سفيان يوسف، ارتضٰي فاروقي ۽ افتخار عالم نوري آباد مسافر وين حادثي جي زخمين جي جناح اسپتال ۽ عباسي شهيد اسپتال ۾ جناب الطاف حسين جي طرفان عيادت ڪئي ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان همدردي جو پيغام به پهچايو. 
Read More    Posted on: 23 Feb 2015
جسٽس رٽائرڊ راڻا ڀگوان داس جي انتقال تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جسٽس راڻا ڀگوان داس جي انتقال تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته راڻا ڀگوان داس هميشه قانون جي بالادستي جي لاءِ ڪم ڪيو ۽ انهن جي انتقال سان ملڪ هڪ سٺي ۽ سينيئر قانون دان کان محروم ٿي ويو آهي.

Read More    Posted on: 23 Feb 2015
نوري آباد جي ويجهو مسافر وين ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 12 ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ جي حادثي ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين نوري آباد جي ويجهو سپرهائي وي تي وين ۾ گيس سلينڊر جي ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 12 ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ جي حادثي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجين جانين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجين گاڏين مان گيس سلينڊر ڪڍي ڪري انهن کي ٻيهر پيٽرول يا ڊيزل تي منتقل ڪري ڇڏين. 
Read More    Posted on: 23 Feb 2015
اسلام آباد ۾ امام بارگاھ تي دهشت گردن جي حملي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اسلام آباد جي ڪِري روڊ تي امام بارگاھ ۾ مغرب جي نماز جي دوران دهشت گردن جي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ و زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 18 Feb 2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان حيدري مارڪيٽ جي ويجهو واپاري ڪريم هاشواڻي ۽ انهن جي ڊرائيور جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي علائقي حيدري مارڪيٽ جي ويجهو دهشت گردن جي فائرنگ سان واپاري ڪريم هاشواڻي ۽ انهن جي ڊرائيور جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته دهشت گرد شهر جي معيشت کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ هڪ سوچيل سمجيهل منصوبي جي تحت واپاري برادري کي نشانو بڻائي رهيا آهن. 
Read More    Posted on: 18 Feb 2015
مجلس وحدت المسلمين جي مرڪزي قائد علامه ناصر عباس، علامه امين شهيدي ۽ شڪارپور شهداء ڪميٽي جي چيئرمين علامه مقصود ڏومڪي جي ايم ڪيو ايم جي ڪيمپ تيرابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج عامر خان ۽ ٻين سان ملاقات.
             مجلس وحدت المسلمين جي قائد علامه ناصر عباس، مرڪزي سيڪريٽري جنرل علامه امين شهيدي، علي نقوي ۽ شڪارپور شهداء ڪميٽي جي چيئرمين علامه مقصود ڏومڪي ايم ڪيو ايم جي طرفان لڳايل ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ ڪيمپ تي موجود ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج عامر خان، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدرعباس رضوي، عارف خان ايڊووڪيٽ، عبدالحسيب، عظيم فاروقي ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات ڪئي.
Read More    Posted on: 18 Feb 2015
لاهور جي علائقي قلعه گجر سنگ پوليس لائين جي ٻاهران خودڪش بم ڌماڪي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور جي علائقي قلعه گجر سنگ پوليس لائين جي ٻاهران خودڪش بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 17 Feb 2015
خضدار ۽ ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن جي نتيجي ۾ عورت سميت ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي خضدار جي ويجهو ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ ، ڪراچي ڪورنگي ۾ بس جي ڪلٽي ٿيڻ ۽ ڪلفٽن برج تي ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ عورت سميت ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 17 Feb 2015
ايمپلائيز اولڊ ايج انسٽي ٽيوشن جي تحت رٽائر ملازمن جي پينشن وفاقي حڪومت جي اعلان جي مطابق 6000 هزار روپيا ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو آهي ته ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ انسٽي ٽيوشن جي تحت غريب ملازمن جي پينشن ۾ وفاقي حڪومت جي اعلان جي مطابق اضافو ڪيو وڃي.
Read More    Posted on: 16 Feb 2015
مذهب جي نالي تي دهشت گردي جي سرپرستي ۽ حمايت ڪرڻ وارين جماعتن جو گهيراءُ تمام ضروري آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قاسم علي رضا چيو آهي ته ملڪ کان مذهبي نفرت ۽ فرقي وارانه دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ القائده، طالبان ۽ داعش جي سرپرستي ۽ حمايت ڪرڻ وارين جماعتن جو گهيراءُ اڻ ٽر ٿي چڪو آهي.
Read More    Posted on: 16 Feb 2015