Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم هڪ پرامن جمهوريت پسند جماعت آهي. جيڪا ملڪي استحڪام ۽ جمهوريت جي فروغ جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.


ايم ڪيو ايم هڪ پرامن جمهوريت پسند جماعت آهي. جيڪا ملڪي استحڪام ۽ جمهوريت جي فروغ جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 3/12/2015
ايم ڪيو ايم هڪ پرامن جمهوريت پسند جماعت آهي. جيڪا ملڪي استحڪام ۽ جمهوريت جي فروغ جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
اسان ان دعوٰي کي بلڪل ئي رڌ ڪريون ٿا ته نائن زيرو تي دهشت گردن کي تعاون فراهم ڪيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر فاروق ستار.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 12 مارچ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاورق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ پرامن ۽ امن پسند جماعت آهي جيڪا ملڪي استحڪام ۽ جمهوريت جي فروغ جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اها ڳالھ انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، حيدرعباس رضوي، عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ ٻيا به انهن سان گڏ هئا.ڊاڪٽر فاورق ستار چيو ته اربع جي صبح نائن زيرو تي جيڪا رينجر جي طرفان ريڊ ڪئي وئي آهي ۽ عوام جي سامهون جيڪو تاثر قائم ڪيو ويو آهي ان کان پوءِ اٿندڙ سوالن جا جواب ڏيڻ ايم ڪيو ايم جي لاءِ ضرورت بڻجي چڪو آهي. انهن 2013 جي اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي ۾ نمائندگي جي حوالي سان چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي چوٿين وڏي جماعت آهي ۽ سينيٽ ۾ ٽئين وڏي جماعت آهي . انهن چيو ته اهو آپريشن نائن زيرو جي آس پاس ٿيو آهي ۽ ريڊ جو بنيادي مقصد اهو ٻڌايو ويو آهي ته ڪجھ گهربل ماڻهن کي حراست ۾ وٺڻ آهي پر ان دوران 110 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ گهڻڻ جو تعلق ايم ڪيو ايم سان نه آهي ۽ اهي عام ماڻهو ۽ پاڙي وارا آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي تمام رياستي ادارن ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جو دل سان احترام ڪري ٿي ۽ بحيثيت ٽئين وڏي قوت اسان جو به احترام ڪيو وڃي ۽ جيڪو ڪجھ اهو ٿيو آهي اها اسان سان ناانصافي ٿي آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن ڪوئي گهربل آهي ته ان کي ضرور گرفتار ڪيو وڃي، انهن چيو ته جناب الطاف حسين ڪالھ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي  قانون نافذ وارن ادارن سان مڪمل تعاون جي ڳالھ ڪئي آهي ۽ جناب الطاف حسين جي ڏوهاري ماڻهن جي لاءِ زيرو ٽالرنس پاليسي آهي، انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي آپريشن جي حمايت ڪئي هئي ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ امن چاهي ٿي ۽ اسان فوج کان آپريشن ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو ان جي ڪري فوج ۽ رينجر کي اسان جي اعتماد تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي. انهن چيو ته ان رينجر جي نائن زيرو تي ريڊ سان ايم ڪيو ايم جو هڪ نوجوان ڪارڪن سيد وقاص علي شاھ شهيد ٿي چڪو آهي. جيڪو هڪ پڙهيل لکيل، شاعر ۽ اديب هو، انهن کي سوين ماڻهن جي سامهون گولي هڻي ڪري شهيد ڪيو ويو.انهن چيو ته سيد وقار شاھ شهيد کي رينجر وارن شهيد ڪيو ان جا اسان وٽ ناقابل ترديد ثبوت آهن. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آئي ايس آئي، ڊي جي رينجر ۽ وزير اعلٰي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي هڪ اعلٰي سطح جو جوڊيشنل ڪميشن بڻائي ڪري وقاص علي شاھ شهيد جي قاتلن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائين. انهن چيو ته 36 ڪلاڪن جي اندر ايم ڪيو ايم جو تمام گهڻو ميڊيا ٽرائيل ڪيو ويو آهي ۽ ائين لڳي رهيو آهي ته ڄڻ 1992 جهڙي صورتحال آهي ۽ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته نائن زيرو هڪ نوگو ايريا آهي. انهن چيو ته رينجر ترجمان پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اعتراف ڪيو ته نائن زيرو تي ڪائي به مزاحمت نه ٿي ۽ 4 ڪلاڪن جي آپريشن ۾ ڪا هڪ به گولي نه هلي جنهن جو ميڊيا پاڻ گواھ آهي. انهن چيو ته اهو ڪٿان جو نوگو ايريا آهي جتي اسڪول، مسجدون، ميڊيڪل اسٽور ، دڪانون ۽ ڪلينڪون آهن. انهن چيو ته سرڪاري ادارن جي رپورٽ جي مطابق نائن زيرو تي حملي جو خطرو آهي ان جي ڪري دهشت گردن کان پنهنجي حفاظت جي لاءِ لائسنس ۽ پرمٽ وارا هٿيار رکيو جنهن جو مقصد پنهنجي حفاظت هو. انهن چيو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ سرڪاري ادارا نائن زيرو جي تحفظ جي لاءِ تيار آهن ته اسان اهي هٿيار به نه رکنداسين، پوري نائن زيرو جي لاءِ صرف 10 پوليس وارا رکيا ويا آهن. انهن چيو ته 27 ماڻهن کي 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي ڏنو ويو آهي باقي 83 ماڻهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ ڪوئي اهڙو ماڻهو موجود آهي ته اوهان اسان جي مدد ڪريو ۽ اسان کي ٻڌايو اسان پاڻ چاهيون ٿا ته ڏوهاري ماڻهن کان پاڪستان کي پاڪ ڪيو وڃي ۽ دهشت گردن جو خاتمو ڪيو وڃي.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم صرف نائن زيرو جي ذميواري وٺي سگهي ٿي باقي آس پاس جي گهرن جي ذميواري نه ٿي وٺي سگهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي ڀيڻ محترمه سائره اسلم جي گهر تي به ڇاپو هنيو ۽ انهن کي گهٽ وڌ به ڳالهايو ويو جنهن جي تفصيل ۾ اسان نه ٿا وڃڻ چاهيون. پر اسان اهو ضرور چئون ٿا ته اسان سان انصاف نه ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته عامر خان ۽ ٻين کي جنهن انداز ۾ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي اهو وڏو غلط طريقو هو، جڏهن ته عامر خان نائن زيرو جا مرڪزي رهنما آهن. پر جهڙو طريقو انهن سان اختيار ڪيو ويو آهي ان سان اسان کي وڏي تڪليف پهتي آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن ڪوئي ان آپريشن سان خوش آهي ته سڀاڻي اهو ٻين سان به ٿي سگهي ٿو. انهن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ، 21 هين ترميم ۽ ضرب عضب جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ به جناب الطاف حسين کي وڃي ٿو. ان موقعي تي سيد حيدر عباس رضوي چيو ته ايم ڪيو ايم جي لاش تي پنهنجو محل بڻائي ڪري ڪراچي جي سياست ۾ داخل ٿيڻ وارو عمران خان بي وقوفن جي جنت ۾ رهن ٿو ، عمران خان کان ڪي پي ڪي ۾ پنهنجا ايم پي ايز تي سنڀاليا نه ٿا وڃن ۽ اهي ٻين تي الزام هڻي رهيا آهن. 

7/17/2024 12:28:14 PM