Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
پي آئي اي جي پرائيويٽائزيشن جو فيصلو ڪندي وقت ملازمن جي رائي ضرور ورتي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته پي آئي اي جي پرائيويٽائزيشن جو فيصلو ڪندي وقت ان اداري جي ملازمن جي رائي ضرور ورتي وڃي ۽ انهن جي جذبن ۽ مفادن جو خيال رکيو وڃي ڇو ته اداري جي ملازمن جي اڪثريت پرائيويٽائزيشن جي خلاف آهي. 
Read More    Posted on: 09 Mar 2015
بهترين انسان اهو آهي جنهن کان ٻين ماڻهن کي فائدو حاصل ٿئي. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب.
بهترين انسان اهو آهي جنهن کان ٻين ماڻهن کي فائدو حاصل ٿئي. انهن خيالن جو اظهار ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب ڀٽائي اسپتال کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ٻن جديد ايمبولينسن جو عطيو ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
Read More    Posted on: 09 Mar 2015
پنجاب جي وزير اعلٰي ميان شهباز شريف جي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ .
پنجاب جي وزير اعلٰي ميان شهباز شريف ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي رابطو ڪيو ۽ انهن سان موجوده سياسي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ وڏي خوشگوار ماحول ۾ ڳالھ ٻولھ ٿي. ٻنهي رهنمائن هڪ ٻئي جي خيريت دريافت ڪئي ۽ هڪ ٻئي جي لاءِ خيرسگالي جي جذبات جو اظهار به ڪيو.
Read More    Posted on: 09 Mar 2015
اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن مزمل قريشي ۽ فيصل سبز واري جو ميٽروول اسڪيم 33 ۾ زير تعمير اسپتال جو دورو.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن مزمل قريشي ۽ فيصل سبز واري ميٽروول اسڪيم 33 ۾ 50 بسترن تي مشتمل زير تعمير اسپتال جو دورو ڪيو ۽ اتي لينڊ مافيا جي طرفان قبضي جي ڪري تعميري ڪمن جي رڪجڻ جو سبب معلوم ڪرڻ کان پوءِ انتظاميه کي فوري طور تي تعمير جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. 
Read More    Posted on: 09 Mar 2015
ڪراچي ۾ علاقائي سطح تي صفائي سٿرائي جي انتظامن تي ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي جناب الطاف حسين جي طرفان خراج تحسين پيش.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ علاقائي سطح تي صفائي سٿرائي جي انتظامن تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن، سيڪٽرن ۽ يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 09 Mar 2015
سينيٽر ميان عتيق جو اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي طرفان شاندار استقبال.
متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر ميان عتيق جي اسلام آباد آمد تي شاندار استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي اسلام آباد ايئرپورٽ کان راولپنڊي پريس ڪلب تائين هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي سربراهي  ايم ڪيو ايم اپر پنجاب جي صدر عتيق عباسي ۽ ٻين ڪئي.
Read More    Posted on: 08 Mar 2015
چيئرمين سينيٽ ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن ۽ سمورن سياسي جماعتن سان ڳالھ ٻولھ جي لاءِ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي طرفان تشڪيل ڏنل ڪميٽين جي نالن جي منظوري ڏيئي ڇڏي.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڊگهي بحث مباحثي کان پوءِ چيئرمين سينيٽ ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن ۽ سمورين سياسي جماعتن سان ڳالھ ٻولھ جي لاءِ تشڪيل ڏنل ڪميٽين جي نالن جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. 
Read More    Posted on: 08 Mar 2015
اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن ريحان هاشمي ۽ جمال احمد ڪرڪيٽ ٽيم جي رانڌيگر سرفراز احمد جي گهر وڃي ڪري انهن جي گهر وارن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد به پيش ڪئي.
ايم ڪيو ايم جي حق پرست ميمبرن ريحان هاشمي ۽ جمال احمد سائوٿ آفريڪا جي خلاف شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد جي گهر وڃي ڪري انهن جي گهر وارن سان ملاقات ڪئي
Read More    Posted on: 07 Mar 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي نياڻي افضا الطاف حسين جي لنڊن سيڪريٽريٽ ۾ سالگره ملهائي وئي، ڪيڪ ڪٺيو ويو ۽ ٻارن ۾ تحفا به ورهايا ويا.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي نياڻي افضا الطاف حسين جي تيرهين سالگره جي تقريب  لنڊن سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ رابطا ڪميٽي لنڊن جي ميمبرن ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. جناب الطاف حسين جڏهن پنهنجي نياڻي سان گڏ سيڪريٽريٽ پهتا ته اتي موجود ڪارڪنن جناب الطاف حسين جو زودار نعرن سان ۽ تاڙيون وڄائي ڪري استقبال ڪيو.
Read More    Posted on: 07 Mar 2015
برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ مقيم پاڪستاني اتان جي قانونن جو مڪمل احترام ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ مقيم پاڪستانين کي چيو ته اهي جن جن ملڪن ۾ به رهن ٿا اهي اتان جي قانونن جو مڪمل احترام ڪن، پنهنجن ٻارن کي انتها پسند تنظيمن کان پري رکن ۽ انهن کي سٺي کان سٺي تعليم ڏياري معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائين. 
Read More    Posted on: 07 Mar 2015
ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ سائوٿ آفريڪا جي خلاف پاڪستان جي شاندار ڪاميابي تي ڪرڪيٽ ٽيم جي سمورن رانڌيگرن ۽ قوم کي جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست مبارڪباد پيش.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ سائوٿ آفريڪا جي خلاف پاڪستان جي شاندار ڪاميابي تي ڪرڪيٽ ٽيم جي سمورن رانڌيگرن ۽ قوم کي دل جي گهرائين سان زبردست مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 07 Mar 2015
مان پاڪستان جي لاءِ هڪ سرمايو آهيان، خدا جي واسطي مون کي پنهنجو دشمن سمجهڻ جي بجاءِ منهنجين صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم سچن محبت وطن پاڪستانين جي جماعت آهي جيڪا پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي ڏسڻ چاهي ٿي. 
Read More    Posted on: 06 Mar 2015
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم هندو برادري کي انهن جي مذهبي ڏڻ هولي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم هندو برادري کي انهن جي مذهي ڏڻ هولي تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان کي هڪ ٻئي جي مذهبي ڏڻڻ جو احترام ڪرڻ گهرجي. 

Read More    Posted on: 05 Mar 2015
جناب الطاف حسين جي نياڻي بي بي افضا الطاف جي تيرهين سالگره، ايم ڪيو ايم جي طرفان ورائٽي پروگرام جو انعقاد.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي نياڻي بي بي افضا الطاف  جي تيرهين سالگره جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام لال قلعه گرائونڊ ۾ هڪ عظيم الشان ورائٽي پروگرام منعقد ڪيو ويو.
Read More    Posted on: 05 Mar 2015
سينيٽ اليڪشن 2015 ۾ چئن حق پرست سينيٽرن جي واضع ڪاميابي، نائن زيرو تي جشن ملهايو ويو ۽ مٺائي به ورهائي وئي.
 سينيٽ جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي چئن سينيٽرن خوش بخت شجاعت، ميان عتيق، بيرسٽر محمد علي سيف ۽ نگهت حنا مرزٰي جي ڪاميابي جي خوشي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي جشن ملهايو ويو. 
Read More    Posted on: 05 Mar 2015