رابطا ڪميٽي جي سينيئر ميمبر شعيب بخاري ايڊووڪيٽ جي والده محترمه جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 15 مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ميمبر شعيب بخاري ايڊووڪيٽ جي والده جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن مرحومه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ شعيب بخاري سميت مرحومه جي تمام سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.