Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ اقليتي امور جي انچارج جي پاڪستان جي بشپ صادق ڊينيئل ۽ ڪيٿولڪ سينٽ جانز چرچ جي فادر صالح ڊائگو سان الڳ الڳ ملاقاتون.


حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ اقليتي امور جي انچارج جي پاڪستان جي بشپ صادق ڊينيئل ۽ ڪيٿولڪ سينٽ جانز چرچ جي فادر صالح ڊائگو سان الڳ الڳ ملاقاتون.
 Posted on: 3/15/2015
حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ اقليتي امور جي انچارج جي پاڪستان جي بشپ صادق ڊينيئل ۽ ڪيٿولڪ سينٽ جانز چرچ جي فادر صالح ڊائگو سان الڳ الڳ ملاقاتون.
ڪراچي؛ 15 مارچ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي حق پرست اسيمبلي ميمبرن سينيٽر محمد علي سيف، اسيمبلي ميمبر رشيد گوڏيل ۽ اقليتي امور جي انچارج منور اسلام سان گڏجي يوحانا آباد ۾ ٿيندڙ هلاڪتن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ چرچ آف پاڪستان جي بشپ صادق ڊينيئل سان بشپ هائوس ۽ ڊرگ روڊ ڪيٿولڪ سينٽ جانز چرچ جي فادر صالح ڊائگو سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان يڪجهتي جو پيغام به پهچايو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي وفد ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين سمورن مذهبن ۽ مسلڪن جي احترام جو درس ڏنو آهي ۽ انهن جو اهو ئي پيغام آهي ته تمام پاڪستانين کي برابر جو پاڪستاني سمجهيو وڃي ۽ انهن جي عبادتگاهن جي حفاظت  جي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم لاهور ۾ ٿيندڙ سانحه جي ڀرپور مذمت ڪري ٿي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪري ٿي ته ان دهشت گردي ۾ ملوث دهشت گردن کي پڪڙي نشانِ عبرت بڻائي. بشپ صادق ۽ فادر ڊائگو جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هميشه وانگر هن ڀيري به ايم ڪيو ايم سڀني کان پهرين ڏک جي ان گهڙي ۾ اسان کي ياد رکيو ۽ حق جي آواز بلند ڪئي آهي.

7/17/2024 12:31:54 PM