Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي سينيئر ميمبر عامر خان کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.


ايم ڪيو ايم جي سينيئر ميمبر عامر خان کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
 Posted on: 8/28/2015
ايم ڪيو ايم جي سينيئر ميمبر عامر خان کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ايم ڪيو ايم دشمن سمورين قوتن تي واضع ڪري ڇڏڻ چاهيان ٿو ته اسان عامر خان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڪراچي: 28 آگسٽ 2015 
              ايم ڪيو ايم جي سينيئر ميمبر عامر خان کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان ڳالھ جو اعلان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي شعبن جي ميمبرن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. انهن فرمايو ته گذريل پوين ڏينهن ۾ رابطا ڪميٽي کي تحليل ڪيو ويو هو جنهن ۾ عامر خان به شامل هئا. پر نئين رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي صلاح مشوري کان پوءِ عامر خان کي ٻيهر رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ مان ان فيصلي جي توثيق ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ ميڊيا تي اها خبر آئي آهي ته عامر خان جي خلاف سمورن مقدمن جا چالان وغيره عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا آهن. مان ايم ڪيو ايم دشمن سمورين قوتن تي واضع ڪري ڇڏڻ چاهيان ٿو ته توهان پنهنجي طاقت استعمال ڪريو ۽ اسان پنهنجو عزم استعمال ڪنداسين ۽ ان ڏکئي ۽ بري وقت ۾ عامر خان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. ان موقعي تي اجلاس جي شرڪاء زوردار تاڙيون وڄائي ڪري ان فيصلي جو خيرمقدم ڪيو. 
*****

6/30/2024 5:45:54 AM