Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اڄ پي پي جي رهنمائن کي رينجر جا قدمَ سنڌ تي حملو ڇو نظر اچي رهيا آهن؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


اڄ پي پي جي رهنمائن کي رينجر جا قدمَ سنڌ تي حملو ڇو نظر اچي رهيا آهن؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 8/28/2015
اڄ پي پي جي رهنمائن کي رينجر جا قدمَ سنڌ تي حملو ڇو نظر اچي رهيا آهن؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پي پي ئي سنڌ ۾ رينجر جي قيام ۾ توسيع ڪئي هئي ۽ ان جي اختيارن جي مدي ۾ به واڌ ڪئي هئي.
مان پنهنجي ڪنهن به تقرير ۾ اهو نه چيو آهي ته فوج سان جنگ ٿيندي، اها اسان جي فوج آهي ۽ اسان پنهنجي فوج جي لاءِ جان ڏيڻ جو جذبو رکون ٿا ، جان وٺڻ جو نه. 
نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين شعبن جي ميمبرن جي اجلاس کي خطاب.
لنڊن: 28 آگسٽ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اڄ  پي پي جي رهنمائن کي رينجر جا قدمَ سنڌ تي حملو نظر اچي رهيا آهن، پر ڪالھ اها ئي پي پي هئي جنهن جولائي ۾ سنڌ ۾ رينجر جي قيام ۾ توسيع ڪئي هئي ۽ ان کي پوليس جا اختيار ڏيڻ جي فيصلي ۾ به واڌ ڪئي هئي. مان پنهنجي ڪنهن به تقرير ۾ اهو نه چيو آهي ته فوج سان جنگ ٿيندي. اها اسان جي پنهنجي فوج آهي، اسان ان جي لاءِ جان ڏيڻ جو جذبو رکون ٿا، جان وٺڻ جو نه. جناب الطاف حسين اها ڳالھ نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمائي.جناب الطاف حسين فرمايو ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن  ڊاڪٽر عاصم حسين کي گرفتار ڪري ورتو ۽ انهن کي عدالت ۾ پيش ڪري انهن جو 90 ڏينهن جو ريمانڊ به حاصل ڪري ورتو آهي. ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري تي پي پي سان تعلق رکندڙ خورشيد شاھ چيو ته هاڻي وفاق کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ان کي پاڪستان کي ڪمزوررکڻو آهي يا مضبوط . جيڪڏهن آصف زرداري تي هٿ وڌو ويو ته پوءِ جنگ ٿيندي. گذريل ڏينهن قمر الزمان قائره ۽ شيري رحمٰن به پريس ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري  جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته اها سنڌ جي خلاف وڏي سازش آهي. رينجر کي صرف دهشت گردن کي پڪڙڻ جو مينڊيٽ حاصل آهي ۽ ان کي صوبائي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ ڪرپشن وغيره جي معاملن ۾ پڪڙڻ جو ڪوئي به قانوني ۽ آئيني حق حاصل نه آهي. پي پي جي انهن رهنمائن به خورشيد شاھ وانگر اهو چيو ته جيڪڏهن ان معاملي ۾ رينجر وارن مداخلت ڪئي ۽ پي پي جي رهنمائن جون گرفتاريون جاري رکيون ته پوءِ جنگ ٿيندي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ سنڌ جي وزير اعلٰي قائم علي شاھ به ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري سنڌ تي حملو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ پي پي جي رهنمائن کي رينجر جا قدمَ سنڌ تي حملو نظر اچي رهيا آهن پر ڪالھ اها ئي پي پي هئي جنهن جولائي ۾ سنڌ ۾ رينجر جي قيام ۾ توسيع ڪئي هئي ۽ ان کي پوليس جا اختيار به ڏيئي ڇڏيا هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته پي پي جي درجنين رهنمائن جا اهي بيان ريڪارڊ تي موجود آهن ته جن ۾ انهن ايم ڪيو ايم جي خلاف ٿيندڙ ڪاروائين جو دفاع ڪندي چيو هو ته سنڌ ۾ ڪنهن سان به زيادتي نه ٿي رهي آهي ۽ رينجر صرف دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪري رهي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته جڏهن نائن زيرو تي ڇاپا هنيا وڃن ته انهن کي جائز قرار ڏنو وڃي، ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جون ڇتيون گرفتاريون ڪيون وڃن، انهن جي گهرن تي ڇاپا هنيا وڃن ۽ ڇاپن جي دوران انهن جي گهرن ۾ ڀڃ ڊاھ ڪئي وڃي ته ان کي جائز قرار ڏنو وڃي. سابق صوبائي وزير قمر منصور جي گرفتاري ۽ قيد کي جائز قرار ڏنو وڃي. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين کان پوءِ انهن جي اکين تي پٽيون ٻڌي ڪري انهن کي جنگي قيدين وانگر پيش ڪرڻ کي جائز قرار ڏنو وڃي. پر جڏهن پي پي جي ڪنهن رهنما کي گرفتار ڪيو وڃي ته ان کي سنڌ تي حملو قرار ڏنو وڃي ۽ جنگ جي ڳالھ ڪئي وڃي . جناب الطاف حسين فرمايو ته منهنجي تقرير جي لائيو ڪوريج تي پابندي آهي جڏهن ته مان ڪڏهن به جنگ جي ڳالھ نه ڪئي آهي. پنهنجي ڪنهن به تقرير ۾ مان اهو نه چيو آهي ته فوج سان جنگ ٿيندي. اها اسان جي پنهنجي فوج آهي. اسان ان جي لاءِ جان ڏيڻ جو جذبو رکون ٿا جان وٺڻ جو نه . جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم مهاجرن سميت ملڪ جي تمام مظلومن ۽ محروم عوام جي حقن جو حصول چاهي ٿي.  اسان پوري ملڪ جي محرومن جي حقن جي لاءِ سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ نون صوبن  ۽ انتظامي يونٽن جي قيام جي لاءِ آواز بلند ڪندا رهنداسين. ان موقعي تي  انهن شرڪاء کان پچيو ته اوهان پنهنجا هٿ مٿي کڻي ڪري ٻڌايو ته ڇا اوهان کي صوبو گهرجي. جنهن تي شرڪاء هٿ مٿي کڻي ڪري ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام جي لاءِ پنهنجي حمايت جو پرجوش طريقي سان اظهار ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان جو صوبو هوندو ته صوبي ۾ پوليس ، انتظاميه ۽ بيوروڪريسي به صوبي کان ٻاهر جي نه بلڪه صوبي جي هوندي. اسان آئين جي دائري ۾ رهندي صوبي  جي ترقي ۽ عوام جي بهتري جي لاءِ قدم کڻڻداسين ، صوبي ۾ ڪائي به لينڊ مافيا ۽ ڪائي به چور مافيا نه هوندي. صوبي ۾ اهڙي ڪائي به پوليس مافيا نه هوندي جيڪا صبح جو وردي پائي ڪري اسان کي گرفتار ڪري ، شام جو چوري ڪري ۽ رات جو اسان جي گهرن ۾ گهري ڪري ڌاڙا هڻي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مهاجرن سان ناانصافين، زيادتين ، نفرت ، تعصب ۽ ٽئين درجي جي شهرين جهڙو سلوڪ بند ڪيو وڃي. انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي درخواست ڪئي ته اهي ملڪي سلامتي ۽ استحڪام جي واسطي جيلن خصوصن ڪراچي جي جيلن جو دورو ڪن ۽ اتي قيد ايم ڪيو ايم جي اسيرن سان ملاقات ڪن ۽ انهن کان پچن ته انهن کي پوليس ۽ رينجر ڇو گرفتار ڪيو آهي؟ انهن جنرل راحيل شريف کي درخواست ڪئي ته اهي ايم ڪيو ايم جي اسيرن کان قرآن پاڪ تي هٿ رکرائي ڪري انهن کان بيان وٺن ته جيئن خبر پئي ته انهن کي گرفتار ڪرڻ وارا ڪيترا سچا آهن ۽ ايم ڪيو ايم جا اسير ڪارڪن ڪيترا مظلوم آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم صرف مهاجرن جي جماعت نه آهي بلڪه ان ۾ مهاجرن سان گڏو گڏ پنجابي ، پختون، بلوچ، سنڌي، سرائيڪي، ڪشميري، گلگتي، بلتستاني، شيعه، سني، ديوبندي، هندو، سک، عيسائي، احمدي، تمام فقهن، مسلڪن، ۽ مذهبن  جي مڃڻ وارا الطاف حسين جي جهنڊي هيٺان گڏ آهن ۽ پاڻ ۾ هڪ خاندان وانگر رهن ٿا. انهن وڌيڪ فرمايو ته اسان ڪنهن به زبان ڳالهائڻ واري يا ڪنهن به فقه، مسلڪ يا مذهب جي مڃڻ واري سان نفرت نه ٿا ڪريون. اسان جي نظر ۾ سڀ برابر جا پاڪستاني آهن. ڀلي اهي ڪهڙي به زبان ڳالهائيندا هجن، انهن جو مسلڪ، مذهب ۽ عقيدو ڪهڙو به ڇو نه هجي. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ صرف مسلمانن ئي کي نه بلڪه جيڪي هندو، سک، عيسائي، احمدي يا قادياني به آهن اهي به پاڪستاني آهن ۽ انهن کي به پاڪستاني شهري جي حيثيت سان برابر جا حق ملڻ گهرجن ۽ انهن کي انهن جي عقيدن جي مطابق عبادت ڪرڻ ۽ زندگي گذارڻ جي آزادي حاصل هجڻ گهرجي. جناب الطاف حسين تمام تر ظلمن ۽ تڪليفن جي باوجود تحريڪ سان ڳنڊجي رهڻ ، ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي سان پنهنجا تحريڪي فرض انجام ڏيڻ تي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي سلام تحسين به پيش ڪيو. 
*****

6/30/2024 5:45:12 AM