سيالڪوٽ جي سرحدي علائقن ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ مذمت جوڳي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 28 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سيالڪوٽ جي سرحدي علائقن ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ڪيترن ئي بي گناھ پاڪستاني شهرين جي شهيد ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اهي اڄ نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ تنظيمي شعبن جي ميمبرن کي خطاب ڪري رهيا هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان هٿين خالي پاڪستاني شهرين تي ڀارتي فوج جي حملي جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو ۽ اقوام متحده کان اپيل ڪريان ٿو ته اها پاڪستاني سرحدي علائقن ۾ ڀارتي فوج جي طرفان ڪئي ويندڙ لڳاتار خلاف ورزين ۽ فائرنگ جي واقعن جو سختي سان نوٽس وٺي. انهن پاڪ فوج جي قيادت ۽ سمورن ڪورڪمانڊرن کي چيو ته ڀارت جي حملن جو منھ ٽوڙ جواب ڏنو وڃي. جناب الطاف حسين ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****