Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بزنس فورم جي ميمبر ۽ ممتاز بزنس مين سيد آفتاب احمد جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


بزنس فورم جي ميمبر ۽ ممتاز بزنس مين سيد آفتاب احمد جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 8/29/2015
بزنس فورم جي ميمبر ۽ ممتاز بزنس مين سيد آفتاب احمد جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.
ڪراچي: 29 آگسٽ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ دهشت گردن جي هٿان ايم ڪيو ايم بزنس فورم جي ميمبر ۽ ممتاز بزنس مين سيد آفتاب احمد جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي مهاجرن جي نسل ڪشي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته شهر ۾ ڏوهاري ماڻهن ۽ دهشت گردن جي خلاف جاري ٽارگيٽڊ آپريشن جي باوجود دهشت گردن جي طرفان سرعام شهرين جي قتل و غارتگري جون ڪاروائيون ڳڻتي جي ڳالھ آهي. رابطا ڪمٽي چيو ته آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي ڪوڙن مقدمن ۾ گرفتار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ٻئي طرف شهر ۾ موجود دهشت گردن رينجر ۽ پوليس جي نڪ جي هيٺان دهشت گردي جو بازار گرم ڪري رکيو آهي ۽ انهن کي پڪڙڻ وارو ڪوئي به نه آهي. رابطا ڪميٽي سيد آفتاب احمد شهيد جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي صبر جي تلقين به ڪئي. رابطا ڪميٽي آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته اهي سيد آفتاب احمد سميت سمورن شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نوٽس وٺن ۽ انهن قتلن ۾ ملوث دهشت گردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائين. ان کان علاوه سيد آفتاب احمد شهيد کي سخي حسن جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب، شبير احمد قائم خاني ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. 
*****


6/30/2024 5:45:55 AM