Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر جي انچارج فرحان هاشمي کي بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪري ورتو آهي.


رينجر ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر جي انچارج فرحان هاشمي کي بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪري ورتو آهي.
 Posted on: 8/28/2015
رينجر ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر جي انچارج فرحان هاشمي کي بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪري ورتو آهي.
گذريل ڏينهن به رينجر لائينز ايريا سيڪٽر جي ٻن ميمبرن رحيم بيگ ۽ محمد شڪيل کي گرفتار ڪري ورتو هو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 28 آگسٽ 2015 
              ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي رينجر ۽ پوليس جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي لڳاتار غير قانوني گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي . پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا جي سيڪٽر انچارج  فرحان هاشمي جيڪي نائن زيرو تي اچي رهيا هئا ته انهن کي عائشه منزل وٺان رينجر جي اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته گذريل ڏينهن به رينجر وارن ايم ڪيو ايم لائينز ايريا جي سيڪٽر آفيس تي ڇاپو هنيو ۽ اتان سيڪٽر ميمبرن رحيم بيگ ۽ محمد شڪيل کي گرفتار ڪري ورتو هو . رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر وارن 3 جولائي تي به لائينز ايريا سيڪٽر يونٽ 52 جي ڪارڪنن ارسلان خان، انيس خان ۽ زبير الدين کي گرفتار ڪري ورتو هو. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جون غير قانوني گرفتاريون ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ايم ڪيو ايم جي عوامي مينيڊيٽ کي تسليم ڪرڻ جي بجاءِ ان جي سياسي ۽ فلاحي سرگرمين تي پابندي لڳائي پئي وڃي ۽ اهي گندا هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن. رابطا ڪميٽي صدر مملڪت ممنون حسين ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتارين جو نوٽس وٺن ۽ غير قانوني گرفتارين جو سلسلو فورن بند ڪرائين. 
*****

6/30/2024 5:47:04 AM