Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي آپريشن ۾128 ڪارڪنن ۽ همدردن کي ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم لاپتا ڪميٽي جو انچارج بابر انيس.


 ڪراچي آپريشن ۾128 ڪارڪنن ۽ همدردن کي ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم لاپتا ڪميٽي جو انچارج بابر انيس.
 Posted on: 8/30/2015
 ڪراچي آپريشن ۾128 ڪارڪنن ۽ همدردن کي ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم لاپتا ڪميٽي جو انچارج بابر انيس.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 30 آگسٽ 2015
ايم ڪيو ايم جي لاپتا ماڻهن جي ڪميٽي جي انچارج بابر انيس چيو آهي ته اسان جي ابن ڏاڏن هڪ اهڙي رياست بڻائڻ جي لاءِ لکين جانين جون قربانيون ڏنيون هيون جو جتي انهن جي اولادن کي برابر جا حق ملن پر افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته اسلام جي نالي تي حاصل ٿيندڙ رياست ۾ جهڙي طرح سان پنهنجي ئي بي گناھ شهرين کي غير قانوني طور تي لاپتا ڪيو پيو وڃي ۽ انهن جو ماورائي عدالت قتل ڪيو پيو وڃي اهو نه صرف اسلامي اقدار جي خلاف آهي بلڪه ان سان انسانيت به شرمسار ٿي وئي آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن اقوام متحده جي زير اهتمام لاپتا ماڻهن جي لاءِ ملهايو ويندڙ عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. بابر انيس چيو ته 30 آگسٽ جو ڏينهن سڄي دنيا ۾ لکين خاندانن جي لاءِ سوڳ جو ڏينهن هوندو آهي ڇو ته انهن جي پيارن کي نه ڪيل ڏوھن  جي ڏوھ ۾ رياستي ادارن جي طرفان گرفتار ڪرڻ کان پوءِ لاپتا ڪيو ويو آهي. انهن ڪراچي ۾ لاپتا ٿيندڙ ماڻهن جي نمائندگي ڪندي انساني حقن جي علمبردار عالمي ادارن، اين جي اوز ۽ حڪومتي عهديدارن کان سوال ڪيو ته ڇا اسان جي پيارن جون جانيون ٻين انسانن وانگر قيمتي نه آهن؟ ڇا بانيان پاڪستان جون قربانيون ان جي لاءِ آهن ته انهن جي اولادن کي پنهنجا حق گهرڻ جي ڏوھ ۾ زيادتين جو نشانو بڻايو وڃي ۽ انهن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو وڃي؟ انهن صحافين کي تفصيلات ٻڌائيندي چيو ته جون 1992 ۾ رياستي آپريشن جي دوران ڪراچي سان تعلق رکندڙ 25 بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري 

لاپتا ڪيو ويو هو، پر جڏهن ته سيپٽمبر 2013 کان شروع ٿيندڙ ڪراچي آپريشن جي دوران هن مهل تائين 128 ڪارڪنن کي حراست جي دوران لاپتا ڪيو ويو آهي. جنهن جا سوين اکين ڏٺا شاهد دنيا جي ڪنهن به فورم تي شاهدي ڏيڻ جي لاءِ تيار آهن. انهن چيو ته اسان جي لاپتا ڪارڪنن جا گهر وارا پنهنجن پيارن جي ڳولا ۾ اعلٰي عدالتن ، سرڪاري ادارن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي درن تي ٺوڪرون کائي رهيا آهن پر انهن کي ڪوبه ڄاڻ ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهي. انهن چيف جسٽس آف پاڪستان، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، حڪومتي ڪميشن برائي لاپتا ماڻهن جي سربراھ رٽائر جج جاويد اقبال ۽ ٻين اعلٰي حڪام کي دردمندانه اپيل ڪئي ته اهي پاڪستان ۾ وسندڙ ٻين شهرين وانگر مهاجرن جي به ٻڌن ۽ ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي حفاظت سان واپسي کي يقيني بڻايو وڃي. انهن اقوام متحده جي ورڪنگ گروپ برائي لاپتا ماڻهن کي به اپيل ڪئي ته اهو به ڪراچي سميت پوري ملڪ ۾ ماڻهن کي ڏاڍ جي زور تي گم ڪرڻ جي فوري روڪٿام جي لاءِ قانون سازي ۾ پاڪستان جي مدد ڪري. ان موقعي تي انهن ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ جا واحد ليڊر آهن جن ڪراچي ۾ لاپتا ڪيلن ۽ ماورائي عدالت ڪيلن جي لاءِ آواز بلند ڪئي آهي. پريس ڪانفرنس کان پوءِ صحافين کي لاپتا ڪيل ڪارڪنن ۽ همدردن  جي مڪمل ڪوائف تي ٻڌل فهرست به فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته لاپتا ڪيل ڪارڪنن ۽ همدردن جي گهر وارن پريس ڪلب جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو به ڪيو. 
*****


6/30/2024 5:46:44 AM