Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

هندن جي مذهبي ڏڻ رڪشا ٻنڌڻ جي موقعي تي جناب الطاف حسين جي پاڪستان سميت پوري دنيا جي هندو برادري کي دلي مبارڪباد پيش.


هندن جي مذهبي ڏڻ رڪشا ٻنڌڻ جي موقعي تي جناب الطاف حسين جي پاڪستان سميت پوري دنيا جي هندو برادري کي دلي مبارڪباد پيش.
 Posted on: 8/29/2015
هندن جي مذهبي ڏڻ رڪشا ٻنڌڻ جي موقعي تي جناب الطاف حسين جي پاڪستان سميت پوري دنيا جي هندو برادري کي دلي مبارڪباد پيش.
رڪشا ٻنڌڻ به محبت ۽ امن جي تعليم جو ڏڻ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 29 آگسٽ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم هندو برادري کي انهن جي مذهبي ڏڻ “ رڪشا ٻنڌڻ ” تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو آهي ته رڪشا ٻنڌڻ به محبت ۽ امن جي تعليم جو ڏڻ آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته دنيا جا سمورا مذهب هڪ ٻئي جي احترام ۽ پاڻ ۾ محبت جو درس ڏين ٿا ۽ ڪنهن به ٻئي انسان کي ناحق تڪليف پهچائڻ کان روڪن ٿا. جناب الطاف حسين پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ مقيم هندو برادري  کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجين مذهبي رسمن جي ادائگي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم سان ٿيندڙ ظلمن ۽ ناانصافين جي خاتمي سميت ملڪ جي بقا، سلامتي ۽ امن و ڀائي چاري جي قيام جي لاءِ خصوصي دعائون ڪن.
*****

6/30/2024 5:47:45 AM