Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نادرا جا ٽي سينٽر بند ڪرڻ جا حڪم ڏيڻ ڪراچي دشمني جي بدترين مثال آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


نادرا جا ٽي سينٽر بند ڪرڻ جا حڪم ڏيڻ ڪراچي دشمني جي بدترين مثال آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 8/31/2015
نادرا جا ٽي سينٽر بند ڪرڻ جا حڪم ڏيڻ ڪراچي دشمني جي بدترين مثال آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
چيئرمين نادرا عائشه منزل، بلديه ٽائون ۽ نيو ڪراچي ۾ نادرا جا سينٽر بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 31 آگسٽ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيئرمين نادرا جي طرفان ڪراچي ۾ نادرا جا ٽي سينٽر بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان عمل کي ڪراچي دشمني جي بدترين مثال قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته چيئرمين نادرا ڪراچي جي علائقن عائشه منزل، بلديه ٽائون ۽ نيو ڪراچي ۾ نادرا جا سينٽر بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن جي ڪري مذڪوره علائقن جي عوام کي پنهنجا شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ۽ تجديد ڪرائڻ ۾ مشڪلاتن جو سامنو ڪرڻو پئجي رهيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن جي طرفان سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن جي شيڊول جو اعلان  ڪيو ويو آهي ۽ قانوني طور تي مڪاني اليڪشن جي شيڊول جو اعلان ٿيڻ کان پوءِ اهي سينٽر بند ڪرڻ جو عمل قطعي طور تي غير قانوني ۽ غير آئيني آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ نادرا جا ٽي سينٽر اهڙي موقعي تي بند ڪيا پيا وڃن جو جڏهن سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن جي به آمد آمد آهي ۽ شهرين کي پنهنجي ووٽ ڏيڻ جو حق استعمال ڪرڻ جي لاءِ قومي شناختي ڪارڊ جي سخت ضرروت پوي ٿي ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڪراچي جي شهرين کي ووٽ وجهڻ کان روڪڻ جي لاءِ اهي هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي واضع ڪيو ته جيڪڏهن ڪراچي جي ٽن علائقن مان نادرا جا مرڪز بند ڪرڻ جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته عوام نه صرف پرامن احتجاج  ڪندا پر ان عمل جي خلاف قانوني ڪاروائي به ڪئي ويندي. رابطا ڪميٽي وفاقي حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو ته چيئرمين نادرا جي ان فيصلي جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ ڪراچي جي ٽن علائقن مان نادرا جا سينٽر بند ڪرڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ سينٽرن کي بحال ڪيو وڃي. 
****

6/30/2024 5:45:56 AM