Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

احتجاجن استعيفٰي ڏيڻ وارن حق پرست اسيمبلي ميمبرن کان پوليس جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


احتجاجن استعيفٰي ڏيڻ وارن حق پرست اسيمبلي ميمبرن کان پوليس جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 8/31/2015
احتجاجن استعيفٰي ڏيڻ وارن حق پرست اسيمبلي ميمبرن کان پوليس جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 31 آگسٽ 2015 
               متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي احتجاجن استعيفٰي ڏيڻ وارن ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي ايم ڪيو ايم  سان ظلم ۽ امتيازي سلوڪ قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته جيستائين استعيفائن جي منظوري جو عمل مڪمل نه ٿو ٿئي ته ان وقت تائين اسيمبلي ميمبر نه صرف اسيمبلي جا ميمبر آهن بلڪه ٻين ميمبرن وانگر پوليس سيڪيورٽي به انهن جو آئيني حق آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته رشيد گوڏيل تي قاتلاڻه حملي کان پوءِ حڪومت استعيفٰي ڏنل ميمبرن کي ٻن پوليس جي سپاهين جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي هئي  پر سنڌ حڪومت جي طرفان اها به واپس ورتي وئي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد سياسي جماعت آهي جنهن دهشت گردي جي خلاف سڀني کان پهرين آواز بلند ڪئي هئي جنهن جي ڏوھ ۾ ان جي چار چونڊيل ميمبرن رضا حيدر، سيد منظر امام، ساجد قريشي ۽ محترمه طاهره آصف کي دهشت گردن جي طرفان شهيد ڪيو ويو آهي ۽ ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي به روزانه جي بنياد تي شهيد ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته انهن حالتن ۾ ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو عمل ايم ڪيو ايم سان کليل دشمني جو واضع ثبوت آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ ۽ وزير داخلا سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي استعيفٰي ڏنل ميمبرن کي فوري طور تي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. 
*****

6/30/2024 5:45:46 AM