ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتاري انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. ايم ڪيو ايم جا سينيئر ميمبر ڊاڪٽر سليم دانش ۽ محمد اشفاق.
لنڊن: 30 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ميمبرن ڊاڪٽر سليم دانش ۽ محمد اشفاق پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ سابق وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتاري تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم تي لڳايل الزام عدالت ۾ ثابت ٿيڻ کان اڳ ئي انهن سان حراست جي دوران ڏوهارين جهڙو سلوڪ ڪرڻ ظلم ۽ ناانصافي آهي. ٻنهي رهنمائن چيو ته ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري تي پي پي جي طرفان مجرمانه خاموشي جي عمل سان هر طبقي سان تعلق رکڻ وارن رهنمائن ۽ ڪارڪنن ۾ وڏي ڪاوڙ پاتي وڃي ٿي. آخر ۾ انهن چيو ته پي پي جا جانثار جيالا کلي عام اهو چئي رهيا آهن ته پي پي جي وڏيراڻه ۽ جاگيرداراڻه ذهنيت رکڻ وارن ڪرپٽ رهنمائن پنهنجيون جانيون بچائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر عاصم کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو آهي.
*****