Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سيد قائم علي شاھ جي طرفان ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري کي سنڌ تي حملو قرار ڏيڻ سمجھ کان ٻاهر آهي. ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.


سيد قائم علي شاھ جي طرفان ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري کي سنڌ تي حملو قرار ڏيڻ سمجھ کان ٻاهر آهي. ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
 Posted on: 8/28/2015
سيد قائم علي شاھ جي طرفان ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري کي سنڌ تي حملو قرار ڏيڻ سمجھ کان ٻاهر آهي. ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
لنڊن: 28 آگسٽ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ڪراچي ۾ انڊر پاس جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي ڳالھ ٻولھ جي ڪجھ حصن تي اعتراض ڪندي انهن کي حقيقتن جي بلڪل خلاف قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته وزيرا علٰي جي اها ڳالھ سمجھ کان ٻاهر ۽ قابل اعتراض آهي ته رينجر جي طرفان ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري سنڌ تي حملو آهي. وزير اعلٰي سنڌ بيان ڏيندي وقت اهو وساري ويٺا ته حملو هميشه ڪپتان جي قيادت ۾ ئي ٿيندو آهي. جڏهن ته وزير اعلٰي سنڌ پاڻ بار بار اهو اعلان ڪري چڪا آهن ته سنڌ آپريشن جا ڪپتان اهي پاڻ آهن. وزير اعلٰي سنڌ انهن حقيقتن جي روشني ۾ رينجر کي الزام ڏيڻ جي بجاءِ ان صورتحال جي ذميواري قبول ڪن ۽ پاڻ کي ئي قصور وار ٺهرائين. نديم نصرت چيو ته وزير اعلٰي سنڌ جو اهو دعوٰي به حقيقتن جي بلڪل خلاف آهي ته ايم ڪيو ايم موجوده آپريشن جي حوالي سان پنهنجيون شڪايتون صرف وزير اعظم ميان نواز شريف تائين پهچايون ۽ وزير اعلٰي سنڌ تائين اهي شڪايتون نه پهچايون. اها ڳالھ ريڪارڊ تي موجود آهي ته ايم ڪيو ايم جي قيادت وفدن جي صورت ۾ وزير اعلٰي سان بار بار ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪئي ويندڙ زيادتين ۽ غير آئيني ۽ غير قانوني قدمن کان آگاھ ڪيو. پر انهن زيادتين کي انهن سنڌ تي حملو قرار ڏيڻ ته ٺهيو بلڪه انهن زيادتين کي انهن هميشه جائز قرار ڏنو. نديم نصرت چيو ته جڏهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائش گاھ نائن زيرو تي بار بار ڇاپا هنيا ويا ته وزير اعلٰي سنڌ انهن ڇاپن جو دفاع ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن دهشت گردن جي گرفتاري جي لاءِ بلال هائوس تي به ڇاپو هنيو ويو ته انهن کي ان تي ڪو به اعتراض نه هوندو  بلڪه خوشي ٿيندي. انهن سڀني بيانن جي روشني ۾ وزير اعلٰي سنڌ رينجر تي تنقيد ڪري حقيقتن کي تبديل ڪري نه ٿا سگهن. ان آپريشن جا ڪپتان جڏهن پاڻ وزير اعلٰي سنڌ ئي آهن ته آپريشن ۾ ڪيل سمورن قدمن جي ذميواري به انهن تي ئي عائد ٿيندي. 
*****

6/30/2024 5:45:55 AM