Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پي پي جي رهنمائن جي طرفان ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري کي ايم ڪيو ايم سان جوڙڻ وڏي زيادتي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


پي پي جي رهنمائن جي طرفان ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري کي ايم ڪيو ايم سان جوڙڻ وڏي زيادتي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 9/2/2015 1
پي پي جي رهنمائن جي طرفان ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري کي ايم ڪيو ايم سان جوڙڻ وڏي زيادتي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڊاڪٽر عاصم تي لڳايل الزامن جو رخ موڙي ڪري ان کي به ايم ڪيو ايم ڏانهن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ڪراچي جي حالتن جي خرابي ۽ ڏوهن جو سڄو ڪِن مهاجرن تي وڌو ويو آهي، آپريشن جي نالي تي هر جڳھ  ۽ هر اداري ۾ مهاجرن کي ئي نشانو بڻايو پيو وڃي.
نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ تنظيمي شعبن جي ميمبرن کي خطاب.
لنڊن: 2 سيپٽمبر 2015
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سابق وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري تي مون کي افسوس آهي پر پي پي جي رهنمائن جي طرفان ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري کي به ايم ڪيو ايم سان جوڙڻ وڏي زيادتي آهي. اها ڳالھ انهن اڄ نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ تنظيمي شعبن جي ميمبرن کي خطاب ڪندي فرمائي. ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري ۽ ان حوالي سان پيدا ٿيل صورتحال تي روشني وجهندي جناب الطاف حسين فرمايو ته ڊاڪٽر عاصم حسين سابق صدر آصف علي زرداري جا ويجها دوست آهن. انهن کي گرفتار ڪيو ويو ته وزير اعلٰي سنڌ به ان تي اعتراض ڪيو ۽ چيو ته“ ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتاري سنڌ تي حملو آهي، مان ڪراچي آپريشن جو ڪپتان آهيان، مون کي گرفتارين جي باري ۾ نه ٿو ٻڌايو وڃي” پي پي جي ٻين رهنمائن به ان تي احتجاج ڪيو، خورشيد شاھ ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري تي پهرين چيو ته ڊاڪٽر عاصم شريف ماڻهو آهن، انهن کي پڪڙيو ويو آهي، فيصلو ڪيو وڃي ته پاڪستان کي رکڻو آهي يا ڪمزور ڪرڻو آهي” اڄ خورشيد شاھ اهو چئي رهيا آهن ته ڊاڪٽر عاصم کي ايم ڪيو ايم جي سپورٽ ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم دهشت گرد آهي ته ان تي پابندي لڳائي وڃي. اڄ قائم علي شاھ به چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن ڊاڪٽر عاصم دهشت گردي ڪئي آهي ته ان کي پڪڙيو پر پي پي جي ٻين ماڻهن کي نه پڪڙيو. قائم علي شاھ ۽ خورشيد شاھ کي پنهنجن بيانن تي پاڻ ئي غور ڪرڻ گهرجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري جي وقت قوم کي ٻڌايو ويو ته انهن کي وڏي  پيماني تي ڪرپشن ۽ بي قائدگين جي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ اڄ چيو پيو وڃي ته انهن کي ايم ڪيو ايم جي سپورٽ ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن فرمايو ته اها ڳالھ به دلچسپ آهي ته ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري کي به ايم ڪيو ايم جي پلڙي ۾ وڌو پيو وڃي ته ڊاڪٽر عاصم کي ان جي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي جو انهن ايم ڪيو ايم کي فنڊ ڏنا هئا. اهڙي طرح چور کي بي ڏوهي ۽ بي ڏوهي کي چور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انهن سوال ڪيو ته ڇا اهڙي صورتحال  ۾ قوم اهو سمجهڻ جو حق نه ٿي رکي ته هاڻي ڊاڪٽر عاصم تي لڳايل الزامن جو رخ موڙي ڪري ان کي به ايم ڪيو ايم ڏانهن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري تي مون کي افسوس آهي، انهن جي گرفتاري ناجائز آهي. جيڪڏهن انهن ڪرپشن ڪئي آهي ته پي پي جي جن ٻين رهنمائن وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪئي آهي ۽ جن جي باري ۾ هرڪوئي ڄاڻي ٿو ، انهن کي گرفتار ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ڊاڪٽر عاصم چور آهي ته جيڪي ٻيا چور آهن انهن کي به پڪڙيو، ان وزير کي به پڪڙيو جنهن جو بيان ريڪارڊ تي آهي ته مان مني لانڊرنگ ڪئي آهي. مسلم ليگ ۾ به چور آهن انهن کي به پڪڙيو، اي اين پي ۾ به جيڪي چور آهن انهن کي به پڪڙيو، جماعت اسلامي جي ماڻهن کي به پڪڙيو جو انهن جي گهرن کان ته القائده جا ماڻهو پڪڙيا ويا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ ماڻهن ۾ اها سوچ ڦيلجي رهي آهي ته پي پي مان ڊاڪٽر عاصم کي به ان جي ڪري پڪڙيو ويو آهي جو اهي مهاجر آهن. انهن فرمايو ته ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ سرڪاري ايجنسين جي پيش ڪيل رپورٽ تي اها آبزرويشن ڏني هئي ته ڪراچي ۾ سمورين سياسي جماعتن ويڙهاڪ ونگ بڻايا آهن.سپريم ڪورٽ ايم ڪيو ايم ۽ ٻين جماعتن جا نالا به ورتا ۽ اهو به چيو ته ڪراچي ۾ امن جي قيام جي لاءِ انهن ويڙهاڪ ٽولن جي خلاف ڪاروائي ضروري آهي. پر سڄي صورتحال عوام جي سامهون آهي ته ڪراچي جي حالتن جي خرابي ۽ ڏوهن جو سڄو ڪِن مهاجرن تي وڌو ويو آهي ۽ ڏوهارين ۽ دهشت گردن جي خلاف  آپريشن جي نالي تي هر جڳھ ۽ هر اداري ۾ مهاجرن کي ئي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ڪوڙن مقدمن ۽ ميڊيا ٽرائل جي ذريعي دنيا کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته مهاجرن ۾ سڀني کان وڌيڪ ڏوهاري ماڻهو شامل آهن. انهن فرمايو ته  گذريل ٻن سالن جي دوران ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان جي درجنين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري سرڪاري حراست ۾ تشدد ڪري ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي.نائن زيرو تي ڇاپو هنيو ويو ۽ ڪرمنلائيزيشن پاليسي جي تحت دنيا کي اهو ٻڌايو ويو ته نائن زيرو تي خطرناڪ گهربل دهشت گردن جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپو هنيو ويو ۽ اتان نيٽو جا هٿيار به مليا آهن. نائن زيرو تي ٻيهر ڇاپو هڻي ڪري قمر منصور ۽ ڪهف الورٰي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ قمر منصور کي ته سرڪاري حراست ۾ ايتري قدر تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي جو اهي هلڻ ڦرڻ کان به لاچار ٿي ويا آهن. پنهنجن ساٿين جون تشدد ٿيل لاشون ڏسي ڪري اسان ان تي احتجاج ڪريون ته ان جي ڏوھ ۾ اسان تي مقدما قائم ڪيا پيا وڃن. اسان جي آفيسن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، اسان جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.هر واقعي ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهي سڀئي حالتون ان ڳالھ جي گواهي ڏيئي رهيون آهن ته آپريشن صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي ڪيو پيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان تي ڀلي ڪيترائي ظلم ڪيا وڃن پر اسان پنهنجي پرامن جدوجهد کان پوئتي نه هٽنداسين. اسان کي خدا جي انصاف تي مڪمل يقين آهي اهو ضرور حرڪت ۾ ايندو ۽ مظلومن سان انصاف ضرور ٿيندو

6/29/2024 8:58:33 AM