عالمي منڊي ۾پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪمي جو فائدو عوام کي مڪمل طور تي نه مليو آهي. سنڌ اسيمبلي جا سابق حق پرست ميمبر.
ڪراچي: 2 سيپٽمبر 2015
سنڌ اسيمبلي جي سابق حق پرست ميمبرن چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪمي جو فائدو مڪمل طور تي عوام کي نه مليو آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ جنهن تناسب سان ڪمي ٿي آهي ان تناسب سان حڪومت عوام کي رليف نه ڏنو آهي. انهن چيو ته حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ عالمي منڊي جي تناسب سان قيمتن ۾ ڪمي ته ڪئي پر انهن قيمتن کي پيٽرول پمپ جي مالڪن رڌ ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن پيٽرول پمپ ئي بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن جي ڪري عوام کي وڏي تڪليف کي منھ ڏيڻو پئجي رهيو آهي. انهن چيو ته حڪومت جي طرفان پيٽرول جي قيمتن ۾ اڌ ڪمي جو فائد فائدي جي بجاءِ عذاب بڻجي ويو آهي ۽ عوام سڄو ڏينهن ٽوڪرون کائيندا پيا وتن جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سڄي ملڪ مان پيٽرول جي هٿرادو بحران جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ پيٽروليم مصنوعات ۾ ٿيندڙ ڪمي جا ثمر مڪمل طور تي عوام تائين پهچايا وڃن.
*****