Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آصف علي زرداري مون کي ٻه ڀيرا ڌوڪو ڏنو ۽ پنهنجن ماڻهن کان مون کي گاريون به ڏياريون پر مان صبر ڪيو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


آصف علي زرداري مون کي ٻه ڀيرا ڌوڪو ڏنو ۽ پنهنجن ماڻهن کان مون کي گاريون به ڏياريون پر مان صبر ڪيو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 9/5/2015 1
آصف علي زرداري مون کي ٻه ڀيرا ڌوڪو ڏنو ۽ پنهنجن ماڻهن کان مون کي گاريون به ڏياريون پر مان صبر ڪيو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
حڪومت ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جا استعيفٰي واپس وٺڻ جي ڳالھ ڪري رهي آهي پر پهرين اها وزير اعظم ميان نواز شريف جي لاءِ وزارت عظمٰي جا اختيار ته واپس وٺي.
ميان نواز شريف ايم ڪيو ايم جون آفيسون کولرائڻ جا حڪم ڏيئي سگهن ٿا پر اهي نه ڏيئي رهيا آهن.
ڪراچي 2 هزار ارب روپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ٿو پر ڪراچي جي ترقي جي لاءِ صرف 50 ارب ڏنا وڃن ٿا.
لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيندڙ عورتن ۽ بزرگن جي اجلاس کي خطاب.
لنڊن: 5 سيپٽمبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته حڪومت ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جا استعيفٰي واپس وٺڻ جي ڳالھ ته ڪري رهي آهي پر حڪومت کي گهرجي ته پهرين اها وزير اعظم ميان نواز شريف جي لاءِ وزارت عظمٰي جا اختيار ته واپس وٺي.  وزير اعظم ايم ڪيو ايم جون آفيسون کولرائڻ جا حڪم ڏيئي سگهن ٿا پر اهي حڪم نه ڏيئي رهيا آهن. جيڪڏهن وزير اعظم جي ڪائي مجبوري آهي ته اهي قوم کي کلي ڪري ٻڌائين، جيڪڏهن انهن قوم کي حقيقتون نه ٻڌايون ته جيڪي حقيقتون مون وٽ آهن مان اهي سموريون قوم کي ٻڌائي ڇڏيندس. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيندڙ عورتن ۽ بزرگن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ عورتن ۽ بزرگن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جا ميمبر به موجود هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ٽئين وڏي سياسي جماعت آهي پر ايم ڪيو ايم جي سياسي ۽ فلاحي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي عائد ڪئي وئي آهي. ايم ڪيو ايم جو ادارو ڪي ڪي ايف گذريل 37 سالن کان خلق خدا جي خدمت ڪري رهيو آهي ۽ ان اداري جو سياست سان بلڪل به ڪوئي واسطو نه آهي. اهو ادارو رمضان شريف ۾ زڪوٰت، فطرو ۽ عيد الاضحٰي جي موقعي تي قرباني جون کولون جمع ڪري ٿو ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ رقم مان حق پرست شهيدن جي پونئرن، غريبن، يتيمن، غريب شاگردن ۽ معذورن جي هر مهيني  مدد ڪري ٿو ۽ غريب ٻارڙين جي شادي جي لاءِ ڏاج جو سامان به فراهم ڪري ٿو ۽ ان جي طرفان اسپتال، ڊسپينسريون، بلڊ بينڪ ،سردخانه، ايمبولينسون ۽ ميت بسون به هلايون وڃن ٿيون ۽ ان اداري ملڪ ۾ ايندڙ قدرتي آفتن ۽ زلزلن ۾ به وڏي پيماني تي امداد ڪئي آهي جيڪا سڀني جي سامهون آهي.گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪڏهن پي پي ۽ ڪڏهن مسلم ليگ ن  جي طرفان ڪي ڪي ايف جي فلاحي سرگرمين کي روڪيو ويو ۽ هاڻي ڊي جي رينجر جي طرفان به اهو چيو پيو وڃي ته ايم ڪيو ايم کي قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ نه ڏنيون وينديون. انهن چيو ته مان ڊي جي رينجر جي ان بيان تي ڪوئي به جواب نه ڏيندس. پر حق پرست عوام عيدالاضحٰي جي موقعي تي پاڻ قرباني جي جانورن جون کلون جمع ڪري ڪي ڪي ايف جي جي فلاحي سرگرمين تي پابندي جو جواب ڏيئي ڇڏيندا ۽ نوجوان، امڙيون ، ڀينرون ۽ بزرگ ان خير جي ڪم ۾ حصو وٺي ڪري ماضي جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته منهنجي تقرير نشر ڪرڻ تي به پابندي عائد ڪئي وئي آهي. پر ماضي ۾ به جڏهن مان جيل ۾ اسير هيس ۽ مڪاني اليڪشن ٿيڻ وارا هئا ته مان جيل کان پنهنجين امڙين ۽ ڀينرن جي نالي هڪ خط لکيو هو انشاء الله تعالٰي اهڙو ئي خط مان ٻيهر لکندس ۽ ان کي  پڙهي ڪري منهنجو پنهنجن ڪارڪنن ۽ عوام سان فاصلو ختم ٿي ويندو. انهن فرمايو ته وفاقي حڪومت جي طرفان چيو پيو وڃي ته اسان الطاف حسين جي تقرير تي پابندي جي خاتمي جي لاءِ ڪجھ نه ٿا ڪري سگهون. ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر ۽ يونٽ آفيسن کي کولڻ، ان جون سياسي ۽ فلاحي سرگرمين جاري رکڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪنن جي بازيابي جي لاءِ به ڪجھ نه ٿا ڪري سگهون. انهن سوال ڪيو ته جڏهن وفاقي حڪومت ڪجھ نه ٿي ڪري سگهي ۽ ايم ڪيو ايم جا جائز مطالبا پورا ڪرڻ کان قاصر آهي ته پوءِ اها ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ڪهڙي سلسلي ۾ ڪري رهي آهي ۽ ايم ڪيو ايم کي ٻيهر اسيمبلين ۾ آڻڻ جي دعوت ڇو ڏيئي رهي آهي. انهن فرمايو ته ڪجھ وفاقي حڪومت جا وزير اهي بيان به ڏيئي رهيا آهن ته اسان الطاف حسين جون تقريرون نشر ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ڪجھ به نه ٿا ڪري سگهون ڇو ته لاهور هائي ڪورٽ تقرير نشر ڪرڻ تي پابندي عائد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. انهن سوال ڪيو ته جيڪڏهن واقعي اهو لاهور هائي ڪورٽ جو فيصلو آهي ته سپريم ڪورٽ به ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو ته پوءِ اڄ ان فيصلي کي غلط ڇو قرار ڏنو پيو وڃي؟ جناب الطاف حسين پنڊال جي سمورن شرڪاء کان پچيو ته وفاقي حڪومت جي معذوري جي باوجود ڇا اسان استعيفٰائون واپس وٺي ڇڏيون، جنهن تي شرڪاء هڪ زبان ٿي ڪري چيو ته هرگز به نه. جناب الطاف حسين فرمايو ته حڪومت جا جيڪي نمائندا استعيفٰائون واپس وٺڻ جي ڳالھ ڪري رهيا آهن مان انهن کي چوان ٿو ته اهي پهرين وزير اعظم ميان نواز شريف کي چون ته اهي ڊي جي رينجر کان وزارت عظمٰي جا اختيار ته واپس وٺن. سياسي جماعت جون آفيسون کولڻ هر سياسي جماعت جو پنهنجو ڪم آهي، هر جماعت کي ان جي آئيني ۽ قانوني اجازت آهي ته پوءِ ڇا وزير اعظم اهو جائز ڪم ڪرائي نه ٿا سگهن؟ ان تي پنڊال جي شرڪاء بلند آواز ۾ چيو ته انهن وٽ اختيار ئي نه آهن. جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان دهشت گردن کي ضرور پڪڙيو، اسان کي ان تي ڪوبه اعتراض نه آهي پر مان قسم کڻي ڪري چوان ٿو ته هن وقت اهو آپريشن صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي ٿي رهيو آهي. اوهان مون سان ڳالھ ڪريو نه ته مان اوهان کي خط لکي ڪري اوهان کي آپريشن جي حقيقتن کان آگاھ ڪندس. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان فقير ماڻهو آهيان، جنهن جي پارٽي جا ايترا ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ سينيٽر چونڊيا ويا پر مان اڄ تائين ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ هڪ گز زمين به نه ورتي آهي. پر ان جي باوجود به مون فقير کي تنگ ڪيو پيو وڃي. منهنجو بدلو الله سائين وٺندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي غريب پرور شهر ۽ پاڪستان جو معاشي حب آهي. جيڪو 2 هزار ارب روپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ٿو پر ڪراچي جي ترقي جي لاءِ صرف 50 ارب روپيا ڏنا وڃن ٿا. جيڪو ڪراچي جي شهرين سان وڏو ظلم آهي، ڀلي اهو سنڌي هجي پنجابي، بلوچ، مهاجر، سرائيڪي، گلگتي، بلتستاني، ڪشميري، بنگالي، عيسائي، هندو، سک ۽ احمدي ئي ڇو نه هجي اهو انهن سڀني سان ظلم آهي. جيڪڏهن وفاق ڪراچي کي ان جو جائز حصو ڏيئي نه ٿو سگهي ته پوءِ ڪراچي کي الڳ صوبو بڻايو وڃي. ان موقعي تي پنڊال زبردست تاڙين ۽ هانوَ ڏاريندڙ نعرن سان گونجي اٿيو. ان موقعي تي پنڊال جي شرڪاء اسان جي مجبوري آهي، ڪراچي صوبو ضروري آهي ۽ سنڌ ۾ ٿيندو ڪيئن گذارو، اڌ اسان جو اڌ اوهان جو، جا زوردار نعرا به هنيا. جناب الطاف حسين فرمايو ته عمران خان تڪبر ۾ اچي ڪري چون ٿا ته ڪراچي صوبو نه بڻجندو.جنهن تي مان چوڻ چاهيان ٿو ته ڪراچي صوبو ته ضرور بڻجندو ۽  ان جي وزير اعلٰي کي سفارش ڪئي ويندي ته جيڪڏهن عمران خان پنهنجي نڪاح کان سواءِ پيدا ڪندڙ نياڻي کي سيني سان لڳائي وٺن ته ان صوبي ۾ ان کي ڏھ هزار گز زمين بغير ڪنهن عيوضي جي ڏني ويندي. انهن وڌيڪ فرمايو ته عمران خان کي گهرجي ته اهي ايم ڪيو ايم جي معاملن ۾ دخل ڏيڻ جي بجاءِ پنهنجي نياڻي جي معاملن کي سڌو ڪن ۽ پاڪستان جي عوام کي حق ڏيارڻ  کان پهرين پنهنجي نياڻي کي ان جا جائز حق ڏين. جناب الطاف حسين فرمايو ته آصف علي زرداري مون کي ٻه ڀيرا ڌوڪا ڏنا ۽ پنهنجن ماڻهن جي ذريعي مون کي گاريون به ڏياريون. پر مان صبر ڪيو. مان انهن کي به چوان ٿو ته اهي پنهنجن ماڻهن کي چون ته اهي ايم ڪيو ايم جي باري ۾ سوچي سمجهي ڪري ڳالھائين نه ته مان انهن جي باري ۾ به قوم کي ٻڌائيندس. انهن فرمايو ته مان 37 سالن کان جدوجهد ڪري رهيو آهيان. پر مان اڄ تائين اسٽيبلشمينٽ جي سامهون پنهنجو سر نه جهڪايو آهي ۽ مرڻ گهڙي تائين نه جهڪائيندس.جناب الطاف حسين تمام تر ڏکين حالتن، مشڪلاتن ۽ ڏاڍ جي باوجود وڏي تعداد ۾ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ وارن بزرگن ۽ عورتن کي به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ اجلاس جي سمورن شرڪاء جي لاءِ دعائون به ڪيون. جناب الطاف حسين اجلاس جي انعقاد تي رابطا ڪميٽي ۽ سي اي سي جي ميمبرن کي به شاباش پيش ڪئي.
*****

6/29/2024 9:01:38 AM