پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي اليڪشن ۾ “ دي انجنيئرنگ پاڪستان ” جي ڪامياب ٿيندڙ ميمبرن کي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.
لنڊن: 6 سيپٽمبر 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سڄي ملڪ ۾ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي اليڪشن ۾ دي انجنيئرنگ پاڪستان سنڌ ۽ پنجاب جي ميمبرن جي زبردست ڪاميابي تي دي انجنيئرنگ پاڪستان جي صدر ۽ ميمبرن کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. جناب الطاف حسين پي اي سي جي اليڪشن ۾ ڪاميابي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ وارن حق پرست انجنيئرن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته انجنيئربگ ڪائونسل جي اليڪشن ۾ حق پرستن جي سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪاميابي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ جو تعليم يافته طبقو به ملڪ ۾ تبديلي جو خواهشمند آهي. منهنجي جدوجهد ملڪ جي تعليم يافته نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي اڳتي آڻي ڪري ملڪ جو ڪارگر شهري بڻائڻ جي لاءِ آهي. جناب الطاف حسين دي انجنيئرنگ پاڪستان سنڌ ۽ پنجاب کان پي اي سي جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ انجنيئرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي فهم و فراست کي ملڪ جي تعمير و ترقي جي لاءِ استعمال ڪن ۽ پاڪستان کي دنيا ۾ ڪامياب ۽ باعزت مقام ڏيارڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪن.
*****