Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم 9 سيپٽمبر تي وٿ هولڊنگ ٽيڪس جي خلاف واپاري اتحاد جي شٽر ڊائون هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.


ايم ڪيو ايم 9 سيپٽمبر تي وٿ هولڊنگ ٽيڪس جي خلاف واپاري اتحاد جي شٽر ڊائون هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
 Posted on: 9/5/2015 1
ايم ڪيو ايم 9 سيپٽمبر تي وٿ هولڊنگ ٽيڪس جي خلاف واپاري اتحاد جي شٽر ڊائون هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وٿ هولڊنگ ٽيڪس جو نفاذ واپاري برادري تي وڏو ظلم آهي . ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 5 سيپٽمبر 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وٿ هولڊنگ ٽيڪس جي خلاف واپاري اتحاد جي طرفان 9 سيپٽمبر تي شٽر ڊائون هڙتال جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته وٿ هولڊنگ ٽيڪس جو نفاذ واپاري برادري تي وڏو ظلم آهي ۽ ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جي ان غير منصفانه فيصلي جي خلاف واپاري برادري سان گڏ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته وفاقي حڪومت جاگيردارن ۽ وڏيرن جي زرعي آمدني تي ٽيڪس نافذ ڪرڻ کان ڄاڻي ٻجهي پاسو ڪري رهي آهي ۽ ٻئي طرف باقائدگي سان ٽيڪس ڏيڻ واري واپاري برادري کي وڌيڪ ٽيڪسن جي بار هيٺان ڌٻائڻ چاهي ٿي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته وفاقي حڪومت جي غير دانشمندانه قدمن سان زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو خصوصن واپاري برادري سخت مشڪلاتن جو شڪار آهي. واپاري برادري کي پيش ايندڙ مسئلن جو حل ڪڍڻ جي بجاءِ حڪومت وٿ هولڊنگ نافذ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن سان واپاري برادري ۾ وڏي بي چيني پاتي وڃي ٿي ۽ اها پنهنجن جائز مطالبن جي حق ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي آهي. رابطا ڪميٽي وٿ هولڊنگ ٽيڪس جي خلاف سنڌ واپاري اتحاد جي طرفان 9 سيپٽمبر تي شٽر ڊائون هڙتال جي مڪمل حمايت ڪندي واپاري برادري کي يقين ڏياريو ته ايم ڪيو ايم انهن جي جائز مطالبن جي مڪمل حمايت ڪري ٿي ۽ انهن جي جائز حقن جي لاءِ هر سطح تي آواز بلند ڪندي رهندي. 
*****

6/29/2024 9:05:01 AM