Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 9/1/2015 1
ايم ڪيو ايم ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 ايم ڪيو ايم جو اهو اٽل فيصلو آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ان جا سمورا مطالبا منظور ڪري ٿي ته پوءِ اسان اسيمبلين ۾ وينداسين نه ته اهي اسيمبليون حڪومت کي مبارڪ هجن.
ڪالھ تائين جيڪي ماڻهو اسان تي ٿيندڙ ظلمن تي خوشي ۾ جهمريون پائي رهيا هئا اڄ اهي پاڻ ئي قدرت جي مڪافات عمل جو شڪار ٿي رهيا آهن.
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رابطا ڪميٽي، چونڊيل نمائندن ۽ شعبن جي ميمبرن کي خطاب.
لنڊن: پهرين سيپٽمبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿي، ايم ڪيو ايم جي سمورن رهنمائن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن جو اهو اٽل فيصلو آهي جيڪڏهن وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم جا سمورا مطالبا منظور ڪري ٿي ته پوءِ اسان اسيمبلين ۾ ويهنداسين نه ته اهي اسيمبليون حڪومت کي مبارڪ هجن. انهن فرمايو ته هڪ وقت ايندو جو جڏهن ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن تي ظلم ڪرڻ وارن کي عوامي احتساب جو سامنو ڪرڻو پوندو. قدرت حق پرستي جي تحريڪ کي ان موڙ تي آڻي بيهاري ڇڏيو آهي جو جيڪي ماڻهو اسان تي ٿيندڙ ظلمن تي خوشي ۾ جمهمريون پائي رهيا هئا اڄ اهي پاڻ ئي قدرت جي مڪافات عمل جو شڪار ٿي رهيا آهن. اها ڳالھ انهن نائن زيرو ۽ حيدرآباد ۾ رابطا ڪميٽي ۽ مختلف شعبن جي ميمبرن جي گڏيل اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جا مستعفي سينيٽر ۽ اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين اسلامي تعليمات جي روشني ۾ قصاص ۽ ديت، ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال، ايم ڪيو ايم ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڳالهين ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جو اظهار ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين سوره بقره جي آيت ڪريمه جي تلاوت فرمائي ۽ ان جو ترجمو پيش ڪندي فرمايو ته الله تعالٰي پنهنجن چاهڻ وارن کي آزمائش ۾ مبتلا ڪري آزمائي ٿو، ايم ڪيو ايم جي تاريخ ۾ بيشمار آزمائشي مرحلا آيا، ڪنهن وقت اهڙا فيصلا به ڪرڻا پيا جو بظاهر عهد وفا ۽ تجديد عهد وفا ڪرڻ وارن جي به سمجھ ۾ نه آيا، جيئن جو مهاجر قومي موومينٽ کي متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته ان تي گهڻائي اعتراض ڪيا ويا. حالانڪه مان چيو هو ته اسان متحده بڻائي رهيا آهيون، پر لفظ مهاجر کي نه ڇڏي رهيا آهيون. اسٽيبلشمينٽ ماڻهن جا ذهن خراب ڪيا ۽ انهن کي بددل ڪرڻ جي لاءِ پروفيگنڊو ڪيو ته مهاجر ازم کي فراموش ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح مختلف سياسي جماعتن سان اتحاد ڪرڻ يا اتحاد ختم ڪرڻ جا فيصلا ٿيا ۽ حاليه ڏينهن ۾ ئي تحريڪ جي قيادت مشوري ۽ گڏيل فيصلي کان پوءِ اچانڪ ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن کي چيو ته پنهنجا استعيفٰي اسپيڪر وٺ جمع ڪرايو. عوام ۽ ڪارڪنن جي وڏي اڪثريت ان فيصلي جي حمايت ڪئي پر ٿي سگهي ٿو ته ڪجھ ساٿين کي اهو فيصلو به عجيب لڳو هجي، هتي يقين جي منزل اچي وڃي ٿي پر پوءِ بعد ۾ حالتن ثابت ڪري ڇڏيو ته جنهن فيصلي کي ڪجھ ماڻهو غلط سمجهي رهيا هئا، اهو بلڪل صحيح فيصلو هو. اسان ايوانن کان استعيفٰي ڏنا ته هڪ طوفان کڙو ٿي ويو ۽ هر طرف کان چيو وڃڻ لڳو ته ايم ڪيو ايم اهو فيصلو غلط ڪيو آهي. انهن فرمايو ته جڏهن ڪوئي ڪائي منڍي وڍيل لاش ۽ پنهنجي پياري ڪارڪن کي گرفتاري کان پوءِ لاپتا ڏسي ۽ ان ظلم تي ڌانهن ڪري ته ان کي به اسٽيبلشمينٽ جي خلاف قرار ڏنو وڃي ٿو، پر اڄ قدرت جو مڪافات عمل ڏسو ته ڪالھ تائين جيڪي ماڻهو ڪراچي آپريشن کي جائز قرار ڏيئي رهيا هئا ۽ اهو چئي رهيا هئا ته اهو آپريشن ايم ڪيو ايم جي خلاف نه ٿي رهيو آهي بلڪه دهشت گردن جي خلاف ٿي رهيو آهي ته اڄ اهي ئي ماڻهو ڪراچي آپريشن تي آڱريون کڻي رهيا آهن.  جڏهن پي پي جي ڪجھ بيوروڪريٽس ۽  ڊاڪٽر عاصم حسين کي گرفتار ڪيو ويو ته انهن کي فوج، رينجر ۽ وفاق جا اهي ئي قدم ناجائز ۽ غلط لڳڻ لڳا جن کي اهي ڪالھ تائين جائز قرار ڏيئي رهيا هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ته فوج جي ڪجھ آفيسرن جي غلط رويي تي تنقيد ڪئي هئي پر انهن جي طرفان ته اهو به چيو ويو ته اسان فوج کي تباھ ڪري ڇڏينداسين ، جنگ ٿيندي، وفاق ٻڌائي ته سنڌ کي پاڪستان ۾ شامل رکڻو آهي يا نه. انهن وڌيڪ فرمايو ته جن ڳالهين تي ايم ڪيو ايم ۽ مون کي برو ڀلو چيو ويو اڄ اهي ئي ماڻهو منهنجين ڳالهين کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالهيون ڪري رهيا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته الله تعالٰي جي فرمان جي مطابق هڪ انسان جو بغير ڪنهن سبب جي قتل پوري انسانيت جي قتل جي برابر آهي. قرآن مجيد ۾ ناحق قتل جي باري ۾ وڏي تفصيل سان منصفانه حل پيش ڪيا ويا آهن. ناحق قتل جو هڪ حل قصاص آهي، جنهن جي مطابق جيڪڏهن وردي يا بغير وردي ۾ رينجر يا پوليس جو اهلڪار ايم ڪيو ايم جي معصوم ۽ ٻي گناھ ڪارڪن کي گرفتار ڪري ، ان کي عدالت ۾ قاضي جي سامهون پيش ڪرڻ کان سواءِ ئي ظلم جو نشانو بڻائي ۽ پاڻ ئي فيصلو ڪري قتل ڪري ڇڏي ته اهو ڄاڻي ٻجهي قتل جي زمري ۾ اچي ٿو ۽ اهڙو ڪرڻ واري سرڪاري اهلڪار جي سزا قتل آهي. ناحق قتل ڪرڻ واري سان گڏو گڏ ان ماورائي عدالت قتل کي جائز قرار ڏيڻ وارو به يعني ٻئي قرآن پاڪ جي تعليمات جي مطابق قتل جي سزا جا مستحق آهن. قرآن پاڪ ۾ ڪنهن به بي گناھ کي بغير ڪنهن جواز جي قتل جو ٻيو حل ديت آهي.  يعني جيڪڏهن مقتول جا وارث راضي هجن ته ديت يعني خون بها وٺي ڪري قاتل کي معاف ڪري سگهن ٿا ۽ ٽيون حل اهو آهي مقتول جا وارث نه قصاص وٺن ۽ نه ئي ديت وٺن بلڪه الله سائين جي نالي تي قاتل کي معاف ڪري ڇڏين ۽ اڳتي هلي ڪري بيان ڪيو ويو آهي ته الله تعالٰي معاف ڪرڻ وارن کي پسند فرمائي ٿو.  جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ انسان ٻئي انسان جي اوڌر واپس نه ٿو ڪري پر الله سائين ڪنهن جي به اوڌر نه ٿو رکي، ڪالھ تائين اهو چيو پيو وڃي ته ڪراچي آپريشن ڪنهن جماعت جي خلاف نه آهي. بلڪه دهشت گردن جي خلاف آهي پر اهي ڳالهيون ڪرڻ وارا هاڻي پاڻ ئي رڙيون ڪري ڪري چئي رهيا آهن ته اسان تي ظلم ٿي رهيو آهي. ماضي ۾ بي نظير ڀٽو ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي انعام ڏيندي هئي ۽ انهن کي سلوٽ پيش ڪندي هئي پر انهن کي به مڪافات عمل جو سامنو ڪرڻو پيو. انهن فرمايو ته حضرت علي عليه السلام جو فرمان مبارڪ آهي ته ڪفر جي حڪومت ته قائم رهي سگهي ٿي پي ظلم جي حڪومت قائم رهي نه ٿي سگهي. الله تعالٰي جو لک لک شڪر آهي ته مان اڄ تائين جيڪو ڪجھ چيو آهي. الله تعالٰي ان کي منهنجي زندگي ۾ ئي پورو ڪيو آهي ۽ منهنجي اها ڳالھ نوٽ ڪئي وڃي ته جن جن اينڪر پرسنن ۽ تجزيه نگارن منهنجي بي گناھ ساٿين جي ماورائي عدالت قتلن کي جائز قرار ڏنو ، اسان تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳايا ۽ مطالبا ڪيا ته آرٽيڪل 6 جي تحت انهن تي غداري جا مقدما قائم ڪيا وڃن، انشاء الله تعالٰي ان بهتان تراشي ڪرڻ وارن کي الله تعالٰي هن دنيا ۾ ئي ذليل ۽ خوار ڪندو. هڪ وقت ايندو جو جڏهن ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن تي ظلم ڪرڻ وارن کي عوامي احتساب جو سامنو ڪرڻو پوندو. قدرت حق پرستي جي تحريڪ کي ان موڙ تي آڻي بيهاري ڇڏيو آهي جو جيڪي ماڻهو اسان تي ٿيندڙ ظلمن تي خوشي ۾ جهموريون پائي رهيا هئا اڄ اهي ئي پاڻ قدرت جي مڪافات عمل جو شڪار ٿي رهيا آهن. انهن فرمايو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي سڄي دنيا ۾ طاقتور سمجهيو وڃي ٿو پر اهو الله سائين جو ڪرم آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي طاقت ۽ دولت هڪ طرف الطاف حسين ٻئي طرف آهي ۽ سڀني گڏجي ڪري ڪمزور الطاف حسين جي سڌي ريت تقرير نشر ڪرڻ تي پابندي عائد ڪري ڇڏي آهي. انهن فرمايو ته جيڪڏهن منهنجي زندگي ۾ تحريڪ کي ڪاميابي ملي ته ايم ڪيو ايم  کي گاريون ڏيڻ وارن ٽي وي چينلن کي عوامي احتساب جو سامنو ڪرڻو پوندو .انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ جمهوريت پسند جماعت آهي جيڪا افهام و تفهيم ۽ ڳالهين تي يقين رکي ٿي ۽ مذاڪرات جي ذريعي ئي مسئلن جو حل چاهي ٿي. پر ايم ڪيو ايم جي سمورن رهنمائن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن جو اهو اٽل فيصلو آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم جا سمورا مطالبا منظور ڪري ٿي ته پوءِ اسان اسيمبلين ۾ وينداسين نه ته اسيمبليون حڪومت کي مبارڪ هجن. انهن فرمايو ته جيڪي وفاقي وزير ۽ سياسي رهنما اڄ اهو چئي رهيا آهن ته ڪراچي آپريشن ۾ ڪنهن سان به زيادتي نه پئي ڪئي وڃي ته انهن جي خدمت ۾ عرض آهي ته الله تعالٰي انهن جي پيارن کي سلامت رکي،خدانخواسته جيڪڏهن انهن جي ڪنهن ڀاءُ يا پٽ کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو وڃي ۽ پوءِ خدانخواسته انهن جي منڍي وڍيل لاش روڊ تي اڇلائي وڃي ته پوءِ اسان انهن کان پچنداسين ته انهن سان زيادتي ٿي آهي يا نه. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ صورتحال ان قدر ڇڪٿاڻ واري ٿي چڪي آهي جو افغانستان پاڪستان کان ناراض آهي ۽ افغانستان کان پاڪستان تي لڳاتار حملا ٿي رهيا آهن. ڀارت جي طرفان سيالڪوٽ جي ورڪنگ بائونڊري تي  گوله باري سان پاڪستاني شهري شهيد ۽ زخمي ٿي رهيا آهن. ٻئي طرف پاڪ چائينا ڪوريڊور جي تعمير ڪئي پئي وڃي ۽ چائينا پوري دنيا ۾ معاشي طور تي مضبوط ملڪ جي حيثيت سان اڳتي وڌي رهيو آهي. آمريڪا جهڙو سپرپارو ملڪ به اڄ چائينا جي اربين ۽ کربين ڊالرن جو قرضي آهي. انهن فرمايو ته قرض وٺڻ واري وٺ ايتري طاقت نه هجي جو اهو قرض واپس ڪري ته پوءِ بارٽريڊ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن اهڙو نه ٿيو ته پوءِ اوهان اها ڳالھ ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو ته ان صورت ۾ ٽئين عالمي جنگ جو آغاز ٿي سگهي ٿو.جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سمورن رهنمائن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي زور ڏنو ته اهي حالتن تي ڪڙي نظر رکن، پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن ۽ ثابت قدمي سان حق پرستي  جي جدوجهد جاري رکن، انشاء الله تعالٰي فتح حق پرستن جي ٿيندي ۽ ايم ڪيو ايم جا دشمن ماضي وانگر ذليل ٿيندا. 
****

6/29/2024 9:19:43 AM