Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڏوهاري ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ نه بلڪه انهن جي صفن ۾ ۾ آهن جن گلو بٽن جي فوج پالي آهي. ايم ڪيو ايم پنجاب جو صدر ميان عتيق.


ڏوهاري ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ نه بلڪه انهن جي صفن ۾ ۾ آهن جن گلو بٽن جي فوج پالي آهي. ايم ڪيو ايم پنجاب جو صدر ميان عتيق.
 Posted on: 9/5/2015 1
ڏوهاري ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ نه بلڪه انهن جي صفن ۾ ۾ آهن جن گلو بٽن جي فوج پالي آهي. ايم ڪيو ايم پنجاب جو صدر ميان عتيق.
اسلام آباد: 5 سيپٽمبر 2015 
             ايم ڪيو ايم پنجاب جي صدر ميان عتيق وفاقي وزيرِ ريلوي خواجه سعد رفيق جي بيان تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ ڏوهاري ماڻهو نه آهن پر ڏوهاري ماڻهو ته انهن جي صفن ۾ آهن جن گلو بٽن جي فوج پالي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو  ته ايم ڪيو ايم تي من گهڙت، ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام ڪرمنلائيزيشن پاليسي جو حصو آهن جن جو مقصد ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ ۽ ان جو اميج خراب ڪرڻ آهي. انهن چيو ته حقيقت اها آهي ته ڀلي مسلم ليگ ن هجي، پي پي هجي يا تحريڪ انصاف هجي پنجاب ۾ سمورين سياسي جماعتن پنهنجا پنهنجا هٿيار بند ٽولا پالي رکيا آهن جيڪي هر اليڪشن ۽ جلسن جي موقعن تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪن ٿا ۽ انهن جي نمائش به ڪن ٿا. ايستائين جو پنجاب بار جي اليڪشن ۾ به فائرنگ ڪئي وڃي ٿي جنهن جو ثبوت ميڊيا تي هلندڙ خبرون آهن پر ان جي باوجود ايم ڪيو ايم دشمن ماڻهن جي طرفان ايم ڪيو ايم تي بيهوده الزام لڳايا پيا وڃن. ميان عتيق چيو ته جيستائين ملڪ ۾ ان ٻٽي معيار واري سياست جو راڄ آهي ان وقت تائين ملڪ ۾ ڪڏهن به مثبت سياست فروغ پائي نه ٿي سگهي. 
*****

6/29/2024 9:24:40 AM