Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سرڪاري سرپرستي ۾ حقيقي جي دهشت گردن جو قبضو شهر جو امن تباھ ڪرڻ جي هڪ وڏي سازش آهي. سيد آصف حسنين.


سرڪاري سرپرستي ۾ حقيقي جي دهشت گردن جو قبضو شهر جو امن تباھ ڪرڻ جي هڪ وڏي سازش آهي. سيد آصف حسنين.
 Posted on: 9/3/2015 1
سرڪاري سرپرستي ۾ حقيقي جي دهشت گردن جو قبضو شهر جو امن تباھ ڪرڻ جي هڪ وڏي سازش آهي. سيد آصف حسنين.
حقيقي جا دهشت گرد لانڍي جي مختلف علائقن ۾ دڪانن ۽ گهرن مان چوريون ڪري رهيا آهن ۽ مارڪيٽن مان ڀتو به وٺي رهيا آهن ۽ عوام کي خوف زده به  ڪري رهيا آهن.
سابق ميمبر قومي اسيمبلي سيد آصف حسنين جي رابطا ڪميٽي سان گڏجي لانڍي ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 3 سيپٽمبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي سابق ميمبر قومي اسيمبلي سيد آصف حسنين چيو آهي ته ماضي وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ منصوبه بندي جي تحت سرڪاري سرپرستي ۾ حقيقي جي دهشت گردن جو لانڍي جي مختلف علائقن ۾ قبضو ڪرائي  پرامن شهري زندگي کي مفلوج بڻايو پيو وڃي ۽ حقيقي جا دهشت گرد عوام ۽ ڪاروباري ماڻهن کان کلي عام ڀتو به گهري رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن لانڍي ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان، ارشد حسن ۽ رضوان بابر کان علاوه ٻيا به انهن سان گڏ هئا. آصف حسنين چيو ته حقيقي جا دهشت گرد لانڍي جي مختلف علائقن ۾ دڪانن ۽ گهرن ۾ چوريون ڪري رهيا آهن ۽ مارڪيٽن مان ڀتو به گهري رهيا آهن ۽ عوام کي خوفزده به ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته مارڪيٽن جي انتظاميه جي طرفان لاڳاپيل بالا آفيسرن 

کي ڪيترائي ڀيرا ان سنگين صورتحال جي شڪايت به ڪئي وئي پر ڪا به شنوائي نه ٿي آهي. انهن چيو ته رياستي سرپرستي ۾ مختلف علائقن کان ڏوهاري ماڻهن کي آڻي ڪري لانڍي جي مختلف علائقن ۾ ويهاريو ويو آهي ته جيئن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ انهن جي گهر وارن کي خوفزده ڪيو وڃي پر ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ڊڄڻ وارا نه آهن. انهن چيو ته گذريل هفتي منهنجي عوامي آفيس ۾ به حقيقي جي دهشت گردن منهنجي غير موجودگي ۾ داخل ٿي ڪري اسٽاف کي خوف زده ڪيو، جنهن جي باقائده درخواست مان ايس پي آفيس ۾ به جمع ڪرائي آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ امن پسند سياسي جماعت آهي ۽ هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت حقيقي جي دهشت گردن کي ان جي سامهون بيهاري ڪري عوامي مينڊيٽ جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ڪورڪمانڊر ڪراچي نويد مختيار کان مطالبو ڪيو ته اهي لانڍي ۾ حقيقي جي دهشت گردن کي سرڪاري سرپرستي ۾ قبضي ڪرائڻ جو فوري طور تي نوٽس وٺن. 
*****

6/29/2024 9:46:59 AM