Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گذريل رات رينجر ۽ ٻين سرڪاري اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي ٽن ڪارڪنن کي انهن جي گهرن تي ڇاپا هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو.ترجمان ليگل ايڊ ڪميٽي.


گذريل رات رينجر ۽ ٻين سرڪاري اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي ٽن ڪارڪنن کي انهن جي گهرن تي ڇاپا هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو.ترجمان ليگل ايڊ ڪميٽي.
 Posted on: 9/5/2015 1
گذريل رات رينجر ۽ ٻين سرڪاري اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي ٽن ڪارڪنن کي انهن جي گهرن تي ڇاپا هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو.ترجمان ليگل ايڊ ڪميٽي.
ڪراچي: 5 سيپٽمبر 2015 
              ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي جي ترجمان رينجر ۽ ٻين سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.  پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته رينجر جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪنن رمضان ۽ عارف کي انهن جي گهرن کان گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح گلشن معمار جي ڪارڪن فرزان ظفر کي به ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو آهي. ترجمان چيو ته رينجر ۽ ٻيا سرڪاري اهلڪار ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هڻي رهيا آهن ۽ انهن جي گهر وارن سان بدتميزي به ڪري رهيا آهن. ليگل ايڊ ڪميٽي جي ترجمان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون گرفتاريون فوري طور تي بند ڪيون وڃن ۽ ڇاپن جو سلسلو به فوري طور تي بند ڪيو وڃي. 
*****

6/29/2024 8:58:34 AM