Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گذريل ٻن ڏينهن جي دوران رينجر، پوليس ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي انهن جي گهرن کان گرفتار ڪري ورتو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


گذريل ٻن ڏينهن جي دوران رينجر، پوليس ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي انهن جي گهرن کان گرفتار ڪري ورتو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 9/1/2015 1
گذريل ٻن ڏينهن جي دوران رينجر، پوليس ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي انهن جي گهرن کان گرفتار ڪري ورتو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي : پهرين سيپٽمبر 2015 
              ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڪارڪنن جي گهرن تي بغير ڪنهن جواز جي ڇاپن ۽ گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم کي ئي نشانو بڻايو پيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل ٻن ڏينهن جي دروان رينجر، پوليس ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم ملير سيڪٽر يونٽ 96 جي ڪارڪن مرزٰي ارسلان بيگ، محمود آباد سيڪٽر يونٽ يوسي 4 اي جي ڪارڪن شاھ نواز، گلشن اقبال سيڪٽر يونٽ 67 سي جي ڪارڪن علي لوڌي، گلستان جوهر يونٽ اي جي ڪارڪنن عامر رضا، عبدالخالد خان، اڪبر حسين ۽ ظفر علي، نارٿ ڪراچي سيڪٽر يونٽ 173 جي شهيد ڪارڪن ڪاشف اڪبر جي ڀاءُ محمد علي اڪبر، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 74 جي ڪارڪن وسيم قمر علي، يونٽ 73 اي جي ڪارڪن فيصل نديم، اورنگي سيڪٽر يونٽ 123 جي ڪارڪن ارشاد بخاري ، يونٽ 118 جي ڪارڪنن شاهد ۽ پرويز، شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 105 جي ڪارڪن شهود انصاري ۽ پي آئي بي سيڪٽر يونٽ 157 جي ڪارڪن شڪيل کي انهن جي گهر کان گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته سرڪاري اهلڪارن ڇاپن جي دوران انهن جي گهرن ۾ ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ انهن جي گهر وارن کي ڌمڪيون به ڏنيون . رابطا ڪميٽي صدر مملڪت ممنون حسين، وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ جنرل راحيل شريف کان پرزور مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين. 
*****

6/29/2024 9:40:50 AM