ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن ۽ آفيسن تي ڇاپن ۽ گرفتارين ۾ تيزي اچي وئي آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
اڄ 4 سيپٽمبر تي رينجر مرزٰي ذيشان بيگ ۽ سيد تنوير احمد کي 240 ڏينهن غير قانوني حراست ۾ رکڻ کان پوءِ انهن جو وڌيڪ 90 ڏينهن جو ريمانڊ ورتو آهي ته ڇا هائي ڪورٽ ان تي سوموٽو ايڪشن وٺندي؟
اسان جي مطالبن جا ٻه حصا آهن هڪ جو تعلق صرف وزير اعظم جي انتظامي اختيارن سان آهي ۽ ٻئي جو تعلق شڪايتن جي ازالي جي لاءِ ڪميٽي جي قيام جي متعلق آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 4 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن ۽ آفيسن تي ڇاپن ۽ گرفتارين ۾ تيزي اچي وئي آهي. جيڪا آئين ۽ انساني حقن جي وڏي خلاف ورزي آهي. انهن چيو ته ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي سياسي ۽ فلاحي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي عائد ڪئي وئي آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر عارف خان، اسلم آفريدي ۽ ٻيا به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ پرامن سياسي ۽ جمهوريت پسند جماعت آهي ۽ ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ سرمائيداراڻه نظام جو خاتمو ۽ پاڪستان جي 98 سيڪڙو غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي انهن جا حق ڏيارڻ چاهي ٿي. ايم ڪيو ايم جي سياسي جدوجهد جو بنيادي مرڪز پاڪستان جي آئين ۽ پاڪستان جي جمهوريت جو تحفظ آهي، پاڪستان جي مضبوطي ۽ ملڪ جو دفاع آهي ۽ اسان جو نصب العين ڪنهن کان به پوشيده نه آهي. پر ان جي باوجود ايم ڪيو ايم کي ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ڀت سان لڳايو پيو وڃي ۽ ان جي خلاف بدترين ڪاروائيون جاري آهن. جيڪي انساني حقن جي سنگين پامالي جي زمري ۾ به اچن ٿيون. انهن چيو ته پاڪستان جي آئين انساني حقن جي به ضمانت ڏني آهي. اسان ان ئي ضمانت جي تحت آئيني ۽ قانوني طريقن سان پنهنجا مقدما بار بار کڻي رهيا آهيون. انهن چيو ته گذريل 4 ڏينهن جي دوران رينجر ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 74 جي ڪارڪن وسيم قمر، پي آئي بي سيڪٽر يونٽ 57 جي ڪارڪن منظور الٰهي، اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 بي جي ڪارڪن پرويز، 118 سي جي ڪارڪن شاهد ، يونٽ 123 جي ڪارڪن ارشاد بخاري، گلشن معمار سيڪٽر يونٽ 33 ڊي جي ڪارڪن شوڪت، قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 125 جي ڪارڪن سعيد صديقي، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 74 جي ڪارڪن ضامن حسين، گلشن اقبال سيڪٽر يونٽ 67 بي جي ڪارڪن محمد وسيم، لياقت آباد سيڪٽر يونٽ 164 جي ڪارڪن سيد مسعود احمد،پي آئي بي سيڪٽر يونٽ 56 جي ڪارڪنن خضر، دانش ۽ ارباب ۽ بلديه ٽائون سيڪٽر يونٽ 112 بي جي ڪارڪن جاويد پٽيل کي به انهن جي گهرن تان گرفتار ڪري ورتو آهي. پر جڏهن ته رينجر ئي ايم ڪيو ايم رنڇوڙ لائين سيڪٽر يونٽ 27 جي ڪارڪن محمد نعمان کي به موٽر سائيڪل تي ويندي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ اهڙي طرح ئي پي آئي بي سيڪٽر يونٽ 56 جي ڪارڪن تابش جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپو هنيو ويو انهن جي نه ملڻ تي انهن جي پوڙهي والد صاحب کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان ڪراچي آپريشن کي بند ڪرڻ نه بلڪه ان جو قبلو درست ڪرڻ جي ڳالھ ڪري رهيا آهيون ۽ اسان سمجهون ٿا ته هاڻي اسان جي ڳالھ کي ڪنهن نه ڪنهن کي ته ٻڌڻو پوندو ۽ اسان کي به اسان جا بنيادي حق ڏيڻا پوندا ۽ اسان سان انصاف ڪرڻو پوندو. انهن چيو ته اسان پنهنجين آفيسن تي سياسي سرگرميون ڪريون يا زڪوٰت، فطري ۽ قرباني جي کلن جي لاءِ ڪم ڪريون ته ان ۾ به رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون ، ان جي ڪري اسان جو سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان جي آئين ۽ قانون ۾ ايم ڪيو ايم جي انهن سرگرمين تي پابندي هڻڻ جو اختيار آهي؟ . انهن چيو ته هاڻي مڪاني اليڪشن جي آمد آمد آهي پر ائين نه ٿئي جو هڪ جماعت کي ڀت سان لڳايو وڃي ۽ ٻئي جي لاءِ ميدان سجايو وڃي، انهن چيو ته اها ڳالھ اسان جي ووٽرن کي ڪنهن به صورت قبول نه هوندي. انهن چيو ته اوهان جون انٽيليجنس رپورٽون صحيح نه آهن بلڪه اهي گمراھ ڪن آهن ۽ اهي رپورٽون انهن ماڻهن کان تيار ڪرايون ويون آهن جن جو ايم ڪيو ايم سان بغض آهي. انهن چيو ته اسان جي 45 ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي ۽ 150 ڪارڪن لاپتا آهن ۽ انهن جي لاءِ اسان هر فورم تي آواز اٿاري آهي پر ڪتي به نه ٻڌو ويو. ان کان پوءِ اسان استعيفٰي ڏنا ۽ مولانا فضل الرحمٰن جي خاطرين تي ۽ انهن جي مثبت ڪوششن تي اسان رسپانس ڏنو ۽ ڳالهين جا ٽي رائونڊ ڪياسين پر ڪو به حل نه نڪتو. انهن چيو ته اسان جي مطالبن جا ٻه حصا آهن هڪ جن جو تعلق صرف وزير اعظم جي انتظامي اختيار سان آهي ۽ ٻيو معاملو شڪايتن جي ازالي جي ڪميٽي جي متعلق آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن وزير اعظم ميان نواز شريف 20 ڏينهن ۾ به اسان کي تسلي نه ڏين ته ان کان پوءِ اسان وٽ ٻئي ڪهڙي واٽ رهجي وڃي ٿي، ان جي ڪري اسان اسيمبلين کان استعيفٰي ڏيئي ڇڏياسين ۽ ڳالهين کي به ختم ڪري ڇڏيوسين. انهن چيو ته ڇاپن گرفتارين تائين معاملو محدود نه آهي، بي گناھ ڪارڪنن تي تشدد ڪري انهن کان اعترافي بيان ورتا پيا وڃن ۽ پوءِ ڪهاڻي بڻائي ان کي ميڊيا کي ڏنو وڃي ٿو ۽ اسان جو ميڊيا ٽرائل ڪري هڪ عدالت سجائي وڃي ٿي، آخر اهو سلسلو ڪيستائين هلندو. اسان جون سياسي سرگرميون ڪڏهن بحال ٿينديون. انهن چيو ته جڏهن اسان اهي سوال اٿاريون ٿا، احتجاج ڪريون ٿا ۽ استعيفٰي ڏيون ٿا ته چيو وڃي ٿو ته اهو ڏوهارين جي پٽڀرائي جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. انهن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان وٽ ويڙهاڪ ٽولا هجن ها ته ڇا اسان جناب الطاف حسين جي ان پاليسي تي عمل ڪريون ها جو اسان رضاڪارانه گرفتاري ڏيون ها؟ انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، وزير اعلٰي سنڌ ۽ ڊي جي رينجر ڪراچي کان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃي ۽ ڪراچي آپريشن جي نالي تي جيڪو اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي ان کي روڪيو وڃي ۽ حقيقي جي دهشت گردن جي سرڪاري سرپرستي بند ڪئي وڃي.
*****