Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
يورپيئن پارليامينٽ جي ميمبر ۽ يوڪي جي انڊپينڊنٽ پارٽي جي رهنما امجد بشير جي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
      يورپيئن پارليامينٽ جي ميمبر ۽ يوڪي انڊپينڊنٽ پارٽي جي رهنما امجد بشير ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي.
Read More    Posted on: 14 Aug 2014
علامه طاهر القادري کي الله تعالٰي ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي واسطي اپيل ڪريان ٿو ته اهي ڪنهن به قيمت تي ريڊ زون ۾ داخل نه ٿين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ علامه طاهر القادري، پاڪستان عوامي تحريڪ جي ٻئي قيادت ۽ تمام ڪارڪنن کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجي مارچ کي پرامن رکن.اسلام آباد ۾ زيرو پوائنٽ کان اڳتي ڪنهن به صورت ۾ نه وڌن ۽ ڪنهن به قيمت تي ريڊ زون ۾ داخل نه ٿين.
Read More    Posted on: 14 Aug 2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي مداخلت ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ حڪومت پاڪستان عوامي تحريڪ کي پرامن انقلاب مارچ ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي چڏي.
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي مداخلت ۽ ان سان گڏو گڏ گورنر سنڌڊاڪٽر عشرت العباد ۽ گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور جي ڪوششن جي نتيجي ۾ حڪومت پاڪستان عوامي تحريڪ کي پرامن انقلاب مارچ ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي چڏي آهي. تفصيلات جي مطابق گذريل ڏينهن اها ڳالھ سامهون آئي ته حڪومت جي طرفان پاڪستان عوامي تحريڪ کي مارچ ڪڍڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي ۽ ماڊل ٽائون جي اطراف ۾ وڌيڪ ڪنٽينر رکيا ويا آهن، جنهن سان يوم آزادي تي صورتحال خراب ٿيڻ ۽ ٽڪراءُ جو خطرو آهي.
Read More    Posted on: 14 Aug 2014
پاڪستان جي 68 هين يوم آزادي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام نائن زيرو تي پرچم ڪشائي(جهنڊي ڦڙڪائڻ) جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي.
            پاڪستان جي 68 هين يوم آزادي جي موقعي تي متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام نائن زيرو تي پرچم ڪشائي(جهنڊي ڦڙڪائڻ) جي تقريب منعقد ڪئي وئي
Read More    Posted on: 13 Aug 2014
سينيئر صحافي جي اين مغل جي ڀاءُ اسرار مغل جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سينيئر صحافي جي اين مغل جي ڀاءُ اسرار مغل جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي صحافي برادري سميت مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن سان  دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي 
Read More    Posted on: 13 Aug 2014
حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي ڊاڪٽر ظفر ڪمالي جي سس جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي ڊاڪٽر ظفر ڪمالي جي سس محترمه وحيده خاتون مرحومه جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 13 Aug 2014
آزادي الله تعالٰي جي نعمتن مان هڪ عظيم نعمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين تمام اهل وطن کي پاڪستان جي 67 هين يوم آزادي جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي، يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته آزادي الله تعالٰي جي نعمتن مان هڪ وڏي نعمت آهي ۽ الله تعالٰي جي نعمتن جي ناشڪري ڪرڻ واريون قومون تاريخ جي صفن کان ميٽجي وڃن ٿيون.انهن فرمايو ته پاڪستان لکين قيمتي جانين جي
Read More    Posted on: 13 Aug 2014
ڪنٽينر ۽ رڪاوٽون هٽائڻ جي فيصلي تي مان وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير اعلٰي ميان شهباز شريف. ڪابينا خصوصن وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان جو هزارين دعائن سان گڏ شڪريو ادا ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لانگ مارچ جي دوران ڪنٽينر ۽ رڪاوٽون هٽائڻ جي حڪومتي فيصلي تي وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير اعلٰي ميان شهباز شريف، وفاقي ڪابينا خصوصن وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان جو هزارين دعائن سان گڏ خصوصي طور تي شڪريو ادا ڪيو آهي جو 
Read More    Posted on: 13 Aug 2014
ايم ڪيو ايم جي تحت نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رڪشا ٻنڌڻ جي تقريب جو انعقاد.
             متحده قومي موومينٽ جي شعبي اقليتي امور جي زير اهتمام نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هندو برادري جو ڏڻ رڪشا ٻنڌڻ ملاهايو ويو،
Read More    Posted on: 13 Aug 2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد شاڪر علي جو وفد سان گڏجي ابراهيم حيدري ۽ ريڙهي ڳوٺ جي مختلف علائقن جو دورو.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد شاڪر علي ڪراچي جي علائقن ابراهيم حيدري ۽ ريڙهي ڳوٺ ۾ معززن ڊاڪٽر شفيع محمد پٽولي،حاجي خادم شيخ ۽ ٻين سان انهن جي رهائشگاهن تي الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي انگريزي رسالي دي نيوز ويڪ ۾ دي رائيٽ مين جي عنوان سان شائع ٿيندڙ جناب الطاف حسين جي انٽرويو جون انگريزي، سنڌي ۽ اردو جون ڪاپيون پيش ڪيون ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام به پهچايو
Read More    Posted on: 13 Aug 2014
وفاقي حڪومت جو لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي قيادت سان رابطو.
         وفاقي حڪومت لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي قيادت سان رابطو ڪيو ۽ وزير اعظم ميان محمد نواز شريف جو پيغام پهچايو، وفاقي حڪومت اپوزيشن جي لانگ مارچ جي رستي ۾ بيهاريل رڪاوٽون هٽائڻ جي باري ۾ ايم ڪيو ايم جي قيادت کي اعتماد ۾ ورتو. 
Read More    Posted on: 13 Aug 2014
جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي ۾ دفعه 144 جي نفاذ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جشن آزادي جي موقعي تي  ڪراچي ۾ دفعه 144 جي نفاذ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو ته دفعه 144 جي نفاذ جي ڪري جشن آزادي جون خوشيون ڦڪيون پئجي وينديون.
Read More    Posted on: 13 Aug 2014
لاهور ۾ بيهاريل ڪنٽينرن، ٽرالرن ۽ ٻين رڪاوٽن کي هٽائڻ جي لاءِ فوري طور تي حڪمَ جاري ڪيا وڃن.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته اهي لاهور جي مختلف علائقن ۾ بيهاريل ڪنٽينرن، ٽرالرن ۽ ٻين رڪاوٽن کي ايس او ايس بنيادن تي هٽائڻ جي لاءِ فوري طور تي حڪمَ جاري ڪن.
Read More    Posted on: 13 Aug 2014
پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي مارچ جي رستي ۾ بيهاريل تمام رڪاوٽن کي فوري طور تي هٽايو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
        متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي ڪابينا ۽ وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف کان هڪ ڀيرو ٻيهر پرزور اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي مارچ جي رستي ۾ بيهاريل تمام رڪاوٽن کي فوري طور تي هٽايو وڃي ۽ لاهور، اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ بيهاريل تمام ڪنٽينرن، ٽرالرن ۽ ٻين رڪاوٽن کي فوري طور تي هٽايو وڃي.
Read More    Posted on: 13 Aug 2014
گوادر سمنڊ ڪناري ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
        متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي گوادر سمنڊ ڪناري ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 11 Aug 2014