ايم ڪيو ايم جي تحت نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رڪشا ٻنڌڻ جي تقريب جو انعقاد.
ڪراچي؛ 13 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي شعبي اقليتي امور جي زير اهتمام نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هندو برادري جو ڏڻ رڪشا ٻنڌڻ ملاهايو ويو، جنهن ۾ هندو برادري سان تعلق رکڻ وارين عورتن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خواتين ڪارڪنن رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ ، اقليتي امور انچارج سيد منور اسلام ۽ ٻين کي راکي ٻڌي، جڏهن ته رابطا ڪميٽي ميمبر ۽ ٻين جناب الطاف حسين جي طرفان هندو برادري جي عورتن کي روا، مٽايون ۽ تحفا پيش ڪيا ۽ انهن کي رڪشا ٻنڌڻ جي مبارڪباد به پيش ڪئي،ان موقعي تي عارف ايڊووڪيٽ ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ وسندڙ تمام براديرين کي هڪ نظر سان ڏسي ٿي ۽ انهن جو برابر احترام ڪري ٿي.ان موقعي تي هندو برادري جي طرفان جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي، وڏي عمر ۽ ملڪ جي ڀلائي جي لاءِ دعائون به ڪيون ويون.