Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

علامه طاهر القادري کي الله تعالٰي ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي واسطي اپيل ڪريان ٿو ته اهي ڪنهن به قيمت تي ريڊ زون ۾ داخل نه ٿين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 8/14/2014
علامه طاهر القادري کي الله تعالٰي ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي واسطي اپيل ڪريان ٿو ته اهي ڪنهن به قيمت تي ريڊ زون ۾ داخل نه ٿين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
منهنجي، گورنر پنجاب، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد۽ وفاقي ڪابينا جي ڪجھ ميمبرن جي ڪاوشن سان وفاقي ۽ پنجاب حڪومت علامه طاهر القادري کي پرامن لانگ مارچ ڪڍڻ جي اجازت ڏني آهي.
لنڊن؛ 14 آگسٽ 2014
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ علامه طاهر القادري، پاڪستان عوامي تحريڪ جي ٻئي قيادت ۽ تمام ڪارڪنن کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجي مارچ کي پرامن رکن.اسلام آباد ۾ زيرو پوائنٽ کان اڳتي ڪنهن به صورت ۾ نه وڌن ۽ ڪنهن به قيمت تي ريڊ زون ۾ داخل نه ٿين.پنهنجي هڪ هنگامي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته گذريل ٻن ڏينهن جي دوران مان، گورنر پنجاب، گورنر سنڌ ۽ وفاقي ڪابينا جي ڪجھ ميمبرن ڏينهن رات جاڳي ڪري ماڊل ٽائون لاهور ۾ رڪاوٽن جو مسئلو حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن ڪاوشن جي نتيجي ۾ وفاقي ۽ پنجاب حڪومت علامه طاهر القادري کي پرامن لانگ مارچ ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي چڏي آهي. وفاقي حڪومت يقينن ان معاملي ۾ وڏي دل ۽ عقلمندي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ هاڻي اها ڊاڪٽر القادري ۽ انهن جي اتحادين جي ذميواري آهي ته اهي انهن تمام ماڻهن جو ڀرم رکن جن ان معاملي کي مفاهمت سان حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيوآهي.جناب الطاف حسين علامه طاهر القادري ۽ انهن جي تحريڪ جي تمام رهنمائن ۽ ڪارڪنن ۽ همدردن کي الله تعالٰي ۽ ان جي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي واسطي اپيل ڪئي ته اهي مارچ کي پرامن رکن، پنهنجو احتجاج اسلام آباد زيرو پوائنٽ تي منعقد ڪن ۽ ڪنهن به قيمت تي ريڊ زون ۾ داخل نه ٿين.

7/18/2024 1:19:05 AM