Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي ۾ دفعه 144 جي نفاذ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 8/13/2014
جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي ۾ دفعه 144 جي نفاذ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
14 آگسٽ تي سڄي شهر ۾ جشن آزادي جون تقريبون منعقد ڪيون وڃن ٿيون ۽ ماڻهن جي وڏي تعداد مزار قائد تي حاضري ڏيئي ٿي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 13 آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جشن آزادي جي موقعي تي  ڪراچي ۾ دفعه 144 جي نفاذ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو ته دفعه 144 جي نفاذ جي ڪري جشن آزادي جون خوشيون ڦڪيون پئجي وينديون. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته 14 آگسٽ تي شهر ۾ جشن آزادي جون تقريبون منعقد ڪيون وڃن ٿيون ۽ ماڻهن جي وڏي تعداد مزار قائد تي حاضري ڏئي ٿي، فاتحه خواني ڪري ٿي ۽ قائد اعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته ڪنهن به ملڪ جي آزادي جو ڏينهن ان جي عوام جي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو پر حڪومت شهر ۾ 14 آگسٽ جشن آزادي جي موقعي تي دفعه 144 نافذ ڪري چڏي آهي، جنهن سان شهرين کي تقريبون منعقد ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اينديون.رابطا ڪميٽي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ دفعه 144 فوري طور تي هٽايو وڃي ته جيئن عوام جشن آزادي جون خوشيون ملهائي سگهن.
****

7/18/2024 1:26:08 AM