گوادر سمنڊ ڪناري ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي؛ 11 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي گوادر سمنڊ ڪناري ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي ٻڏي ڪري هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي ۽ سمنڊ ۾ لاپتا ٿيندڙن جي زندگين جي حفاظت فرمائي.آمين.