ڪنٽينر ۽ رڪاوٽون هٽائڻ جي فيصلي تي مان وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير اعلٰي ميان شهباز شريف. ڪابينا خصوصن وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان جو هزارين دعائن سان گڏ شڪريو ادا ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
حڪومت ڪنٽينر ۽ رڪاوٽون هٽائي ڪري ۽ مارچ جي اجازت ڏيئي ڪري جمهوريت جو پاس رکيو آهي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 13 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لانگ مارچ جي دوران ڪنٽينر ۽ رڪاوٽون هٽائڻ جي حڪومتي فيصلي تي وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير اعلٰي ميان شهباز شريف، وفاقي ڪابينا خصوصن وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان جو هزارين دعائن سان گڏ خصوصي طور تي شڪريو ادا ڪيو آهي جو انهن جمهوريت جو پاس رکيو ۽ ڪنٽينر ۽ رڪاوٽون هٽائي ڪري لانگ مارچ جي اجازت ڏئي چڏي آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته خدا جو شڪر آهي ته حڪومت جي ان فيصلي سان مارچ جي دوران ٽڪراءُ، تشدد ۽ قتل و غارتگري جو خطرو ختم ٿي ويو آهي، انهن فرمايو ته مان لانگ مارچ ڪرڻ وارين جماعتن کي به هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ڪريان ٿو ته اهي يوم آزادي جي تقدس جو خيال رکندي مارچ کي مڪمل طور تي پرامن رکن ۽ ان ڳالھ کي يقيني بڻائين ته مارچ جي دوران ڪوئي به جاني و مالي نقصان نه ٿئي، ڪنهن به قسم جي ٽوڙ ڦوڙ نه ٿئي ايستائين جو ڪائي ڪونڊي به نه ٽٽي، جناب الطاف حسين پاڪستاني عوام کي اپيل ڪئي ته اهي پاڪستان جو يوم آزادي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائين ۽ ان يوم آزادي جي خوشي ۾ حسب توفيق صدقو ڏين ۽ غريبن کي کاڌو به کارائين.