Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
الله تعالٰي ، نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم ۽ پاڪستان جي سلامتي جي نالي تي ڌرڻا فورن عارضي طور تي ملتوي ڪيا وڃن.جناب الطاف حسين جي ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي انتهائي سخت ۽ سنجيده بيان ۾ پاڪستان جي سڀني سياستدانن، سياسي و مذهبي جماعتن، دانشورن، ليکڪن، اينڪر پرسنن، سياسي تجزيه نگارن ۽ ٽي وي تي ويهي ڪري سياسي ٻٽاڪون هڻڻ وارن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته خدا خير ڪري جيڪڏهن پاڪستان ئي نه رهيو ته ڇا ان کان پوءِ توهان جاڳندو؟ انهن فرمايو ته هڪ طرف ته اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج سخت جنگ وڙهي رهي آهي ته ٻئي طرف لکين آئي ڊي پيز جي سار سنڀال، انهن جي علاج معالجي ،کائڻ پيئڻ ۽ زندگي جي ٻين ضروري شين جي بندوبست ڪرڻ جو اضافي بار به فوج تي ئي اچي پيو آهي.  
Read More    Posted on: 06 Sep 2014
ايم ڪيو ايم پي ڊبليو ڊي ونگ جي انچارج ۽ ميمبرن بلديه عظمٰي ڪراچي جي طرفان خصوصي ماڻهن جي لاءِ پيڊسٽرين برج جي تعمير جو خير مقدم ڪيو.
           متحده قومي موومينٽ جي شعبي خصوصي ماڻهن جي انچارج عدنان سرور،ايڊوائيزر نورالدين ۽ ٻين بلديه عظمٰي ڪراچي جي طرفان خصوصي ماڻهن جي لاءِ پيڊسٽرين برج ٺاهڻ جي اعلان جو خير مقدم ڪيو آهي.انهن چيو ته خصوصي ماڻهن کي تمام سهولتن کان پري رکيو وڃي ٿو ۽ انهن کي بنيادي حقن کان به محروم رکيو وڃي ٿو.
Read More    Posted on: 05 Sep 2014
طوفاني برساتن کي سامهون رکندي سنڌ ۾ رين ايمرجنسي نافذ ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته طوفاني برساتن کي سامهون رکندي سنڌ ۾ رين ايمرجنسي نافذ ڪئي وڃي، هنگامي بنيادن تي برساتي نالن جي صفائي ڪرائي وڃي ۽ قدرتي آفتن کان بچڻ جي لاءِ عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ ٺوس بنيادن تي  قدمَ کنيا وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ طوفاني برساتن ۽ سيلاب جي ڪري سخت جاني و مالي نقصان ٿيو آهي،
Read More    Posted on: 05 Sep 2014
پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ طوفاني برساتن، لينڊ سلائينڊنگ، سيلاب ۽ مختلف حادثن جي نتيجي ۾ وڏي جاني و مالي نقصان ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
        متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ طوفاني برساتن، لينڊ سلائيڊنگ، سيلاب ۽ ٻين حادثن ۾درجنين ماڻهن جي هلاڪ و زخمي ٿيڻ ۽ قيمتي ملڪيتن جي نقصان ٿيڻ تي وڏي ڏک 
Read More    Posted on: 05 Sep 2014
پنجاب ۾ سخت برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ معصوم ٻارن ۽ عورتن سميت 40 کان وڌيڪ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ ملڪيتن جي نقصان تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنجاب ۾ سخت برساتن ۽ سيلاب جي نتيجي ۾ معصوم ٻارن ۽ عورتن سميت 40 کان وڌيڪ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ ۽ ملڪيتن جي نقصان تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته سخت برساتن ۽ چاڙھ جي نتيجي 
Read More    Posted on: 05 Sep 2014
سڄي ملڪ ۾ سخت برساتن ۽ سيلابي وهڪرن کي سامهون رکندي خدمت خلق فائونڊيشن پنهنجين امدادي سرگرمين جو آغاز ڪري چڏيو.
      سڄي ملڪ ۾ سخت برساتن ۽ سيلابي صورتحال کي سامهون رکندي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي طرفان امدادي سرگرمين جو هنگامي بنيادن تي آغاز ڪيو ويو آهي.
Read More    Posted on: 05 Sep 2014
طوفاني برساتن، سيلاب ۽ قدرتي آفتن جي ڪري آزادي ۽ انقلاب مارچ جا ڌرڻا فوري طور تي ملتوي ڪيا وڃن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي دردمندانه اپيل.
       متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ فرمايو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انسان کي پنهنجن ذاتي ،خانداني، قبائلي، علاقائي ۽ پارٽي مفادن کان بالاتر ٿي ڪري ملڪ جي سلامتي
Read More    Posted on: 05 Sep 2014
رابطا ڪميٽي سينيٽر عبدالحسيب خان کي تنظيمي ذميوارين ۽ ٻين ذميوارين کان مسلسل غفلت اختيار ڪرڻ تي تنظيمي رڪنيت کان معطل ڪري چڏيو.
        متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سينيٽر عبدالحسيب خان کي تنظيمي ذميوارين ۽ ٻين ذميوارين ۾ مسلسل غفلت اختيار ڪرڻ ۽ انهن ۾ ڪوتاهي يا دير ڪرڻ تي انهن کي ڪيترائي دفعا پنهنجين ذميوارين جو احساس ڏياريو پر انهن پنهنجي رويي ۾ ڪائي به تبديلي نه آندي جنهن سان پارٽي کي وڏو نقصان پهتو.
Read More    Posted on: 04 Sep 2014
اسٽيج ،ريڊيو ۽ ٽي وي جي معروف اداڪار مقصود حسن جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي سان تعلق رکندڙ اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي جي معروف اداڪار مقصود حسن جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ان کي ملڪ جي ڊرامه انڊسٽري جو هڪ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو
Read More    Posted on: 04 Sep 2014
ملڪ جي نامور گلوڪار حبيب محمد ولي جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ملڪ جي نامور گلوڪار حبيب محمد ولي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 04 Sep 2014
پنجاب ۾ تيز برساتن جي ڪري مختلف حادثن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ ۽ مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ فوجي جوانن ۽ آفيسرن جي شهادت ۽ زخمي ٿيڻ ۽ عوام جي ملڪتين جو وڏي تعداد ۾ نقصان ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنجاب ۾ تيز برساتن جي ڪري ڇتون ڪرڻ ۽ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ و زخمي ٿيڻ ۽ جڏهن ته لائن آف ڪنٽرول تي مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 فوجين ۽ آفيسر جي شهادت ۽ ڪجھ فوجين جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ پنجاب حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب ۾ برساتن جي ڪري چناب، راوي، ستلج ۽ جهلم دريائن ۾ وڏي سيلاب جون اطلاعون آهن 
Read More    Posted on: 04 Sep 2014
ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ رائج ڪرپٽ ۽ سڙيل نظام جو حصو بڻجي نه ٿي سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ رائج ڪرپٽ ۽ سڙيل نظام جو حصو بڻجي نه ٿي سگهي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس هڪ تماشو ۽ ڏيکاءُ آهي ۽ قوم کي چٻرو بڻائڻ ، پنهنجين تقريرن جا جوهر ڏيکارڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي حق تي ثابت ڪرڻ جي لاءِ آهي،انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جا ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ سينيٽرَ پنهنجا اسٽعيفٰي اڄ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر نصرت وٽ جمع ڪرائين
Read More    Posted on: 03 Sep 2014
شاهراھ فيصل پوليس چوڪي تي دستي بم حملي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ شاهراھ فيصل تي پوليس چوڪي تي دستي بم حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪجھ پوليس اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 03 Sep 2014
اڄ ملتوي ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جو جنرل ورڪرز اجلاس هاڻي 4 سيپٽمبر بروز خميس تي شام جو 6 وڳي نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندو.
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جو جنرل ورڪرز اجلاس جيڪو اڄ ٿيڻو هو اهو اجلاس اڻ ڄاتل سببن جي ڪري ملتوي ڪيو ويو آهي 
Read More    Posted on: 03 Sep 2014
جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت جي پرورش ڪئي وڃي ها ته ڪجھ هزار ماڻهو ايوان جي سامهون بيهي ڪري جمهوريت کي چيلنج نه ڪن ها.
         متحده قومي موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جمهوريت جي پرورش ڪئي هجي ها ته ڪجھ هزار ماڻهو ايوان جي سامهون بيهي ڪري جمهوريت کي چيلنج نه ڪن ها، جيستائين جمهوريت جا فائدا عام پاڪستاني تائين نه پهچندا تيستائين جمهوريت مظبوط نه ٿيندي.اسان جمهوري ادارن تي لشڪرڪشي جي مذمت ڪريون ٿا. انهن چيو ته حڪومتي سطح تي طاقت جو استعمال نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ جهڙي طرح اڄ ايوان ۾ پنجاب پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو الله سائين ڪري اها حڪمت عملي روايت بڻجي وڃي ۽ پوري پاڪستان ۾ ڦيلجي وڃي.
Read More    Posted on: 02 Sep 2014