Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي مداخلت ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ حڪومت پاڪستان عوامي تحريڪ کي پرامن انقلاب مارچ ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي چڏي.


 Posted on: 8/14/2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي مداخلت ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ حڪومت پاڪستان عوامي تحريڪ کي پرامن انقلاب مارچ ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي چڏي.
جناب الطاف حسين جي درخواست تي گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور جا وزير داخله چوڌري نثار، وزير اعلٰي شهباز شريف ۽ ٻين سان رابطا،انهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو مخلصانه پيغام پهچايو،ان کان پوءِ حڪومت پاڪستان عوامي تحريڪ کي پرامن مارچ ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي چڏي.
لنڊن؛ 14 آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي مداخلت ۽ ان سان گڏو گڏ گورنر سنڌڊاڪٽر عشرت العباد ۽ گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور جي ڪوششن جي نتيجي ۾ حڪومت پاڪستان عوامي تحريڪ کي پرامن انقلاب مارچ ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي چڏي آهي. تفصيلات جي مطابق گذريل ڏينهن اها ڳالھ سامهون آئي ته حڪومت جي طرفان پاڪستان عوامي تحريڪ کي مارچ ڪڍڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي ۽ ماڊل ٽائون جي اطراف ۾ وڌيڪ ڪنٽينر رکيا ويا آهن، جنهن سان يوم آزادي تي صورتحال خراب ٿيڻ ۽ ٽڪراءُ جو خطرو آهي.اها ڳالھ سامهون اچڻ تي جناب الطاف حسين گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور سان رابطو ڪيو ۽ انهن کي چيو ته اهي ان سلسلي ۾ ڪوششون ڪن ۽ ٽڪراءُ کان بچڻ جي لاءِ پاڪستان عوامي تحريڪ کي مارچ ڪڍڻ جي اجازت ڏني وڃي،تمام رڪاوٽون هٽايون وڃن ۽ ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري سان ڳالھ ڪئي وڃي.ٻئي طرف جناب الطاف حسين گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد سان به رابطو ڪيو ۽ انهن کي چيو ته اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ وفاقي حڪومت ۽ تمام لاڳاپيل حڪام تائين اهو پيغام پهچائين ته معاملي کي افهام و تفهيم ۽ ڳالھ ٻولھ جي ذريعي حل ڪيو وڃي.جناب الطاف حسين ڊاڪٽر طاهر القادري سان به رات جو ڪيترائي ڀيرا فون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انهن کي ان ڳالھ تي قائل ڪيو ته اهي حڪومتي شخصيتن سان ڳالھ ٻولھ ڪري وٺن.انهن جي درخواست تي ڊاڪٽر طاهر القادري حڪومتي شخصيتن سان ڳالھ ٻولھ تي راضي ٿيا.جناب الطاف حسين جي چوڻ تي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخله چوڌري نثار، ٻين وفاقي وزيرن، گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور، ٻين اعلٰي حڪومتي شخصيتن ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري سان رابطا ڪيا ۽ معاملي کي ڳالھ ٻولھ جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ انهن کي قائل ڪيو.ٻئي طرف جناب الطاف حسين جي درخواست تي گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور وفاقي وزير داخله چوڌري نثار، وزيرا علٰي ميان شهباز شريف ۽ ٻين حڪام سان رابطا ڪري انهن کي معاملو حل ڪرڻ جي لاءِ جناب الطاف حسين جو مخلصانه پيغام پهچايو. انهن رابطن ۽ ڪوششن جو سلسلو اڄ ٻيپهري تائين جاري رهيو.جنهن کان پوءِ حڪومت پاڪستان عوامي تحريڪ کي به پرامن مارچ ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي چڏي.ان باري ۾ گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور اڄ ٻيپهري جو جناب الطاف حسين کي فون ڪري ان حڪومتي فيصلي کان باقائده آگاھ ڪيو.چوڌري محمد سرور جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته اوهان ان معاملي کي افهام و تفهيم سان حل ڪرڻ جي لاءِ جهڙي طرح ڪوششون ڪيون ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اوهان ملڪ ۾ امن چاهيو ٿا. اوهان هڪ ڀيرو ٻيهر محب وطن ٿيڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.جناب الطاف حسين معاملي کي افهام و تفهيم سان حل ڪرائڻ جي لاءِ ذاتي ڪوششون ڪرڻ تي گورنر پنجاب جو خصوصي شڪريو ادا ڪندي چيو ته اوهان ان معاملي کي حل ڪرائي قوم تي وڏو احسان ڪيو آهي ۽ ان تي مان اوهان جو شڪرگذار آهيان. جناب الطاف حسين ان سلسلي ۾ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ تي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کي به فون تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ دعائون ڏنيون ته الله تعالٰي اوهان کي ان جو اجر عطا ڪري ۽ هر مصيبت کان محفوظ رکي.ڊاڪٽر عشرت العباد معاملي کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ تي جناب الطاف حسين کي به مبارڪباد پيش ڪئي.

7/18/2024 1:35:18 AM